Saturday, October 27, 2012

ڀڳو سڄو نه ٿئي، هڪ موتي ٻيو من


ڀڳو سڄو نه ٿئي، هڪ موتي ٻيو من
(ساروڻي)


آغا سليم جاڳو اخبار ۾ هڪ آرٽيڪل لکيو هيو، جيترو مونکي ياد اچي ٿو اهو ٽن قسطن ۾ شايع ٿيو هيو (ڇو ته پراڻي ڳالهه آهي) ان جو عنوان بي حد خوبصورت هيو، سچ ته مونکي ڏاڍو وڻيو هيو، ان ليک جو عنوان هيو:

ڀڳو سڄو نه ٿئي، هڪ موتي ٻيو من

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ليک ڀلو هيو، آغا صاحب جي ان ليک کي جيڪڏهن دوستن کي موقعو ملي ته ضرور پڙهن، سٺو معلوماتي ليک هيو، ان ۾ هڪ هنڌ چيخوف جو قول ڏنو ويو هيو، اهو به مونکي وڻيو هيو، تڏهن اڄ تائين ياد آهي:

مان سڄي عمر پنهنجي اندر جي حيوان کي مارڻ جا جتن ڪندو رهيو آهيان

ان مضمون سان هڪ ٻي يادگيري به لاڳاپيل آهي، اسانجو هڪ دوست هوندو هيو، سهيل پيرزادو، اهو ڪجهه سال اڳ ڪينسر ۾ گذاري ويو، اهو ڪتابن جو انتهائي شوقين هوندو هيو، سٺي لائبريري هيس، هن  جو پنهنجو هڪ انداز هوندو هيو، الستي ماڻهو هيو، سگريٽ ڏاڍا پيئندو هيو، جي ايم سيد، پير حسام الدين راشدي ۽ ٻين سنڌي ليکڪن جا اڪثر نالا کڻندو هيو، انهن جون ڳالهيون به ٻڌائيندو هيو. هن کي سنڌ سان پيار هيو، هو ڪتابن جو عاشق هيو.

هن جي گذاري وڃڻ کانپوءِ مان هن تي هڪ ٻه ليک لکيو هيو، خير، هن جي گذاري وڃڻ کانپوءِ ڪافي ڏينهن کان پوءِ چاچي قلندر بخش مونکي چيو ته هو سهيل جا ليک ڏيکاريندو . مان هن ڏي شام جو ويو هيو، هزاري در تي، سهيل جي گهر ٻاهران ويٺاسين ڪرسين تي، چاچي جي هٿ ۾ هڪ ڊائري هئي، اصل ڊائريءَ کي هٿ ئي لاهڻ نه پيو ڏي.
 چيو مانس:
چاچا ڏيکاريو ته خبر پوي ته هن ڇا لکيو آهي!

 ايذائن جو ڊائري ڏيکاريائين، چاچو پاڻ اهو ڊائريءَ ۾ لکيل ليک پاڻ پڙهي ٻڌائي رهيو هيو، ڪجهه ٽڪر ٻڌا، مونکي لڳو ته مان اها شيءِ پهريان به پڙهي چڪو آهيان.

چاچي کي مون چيو: “اهو ليک مون اڳ ئي پڙهيو آهي، اهو سهيل جو ناهي”

چاچي منهنجي واتان اهو ٻڌو ۽ هو ڪاوڙجي پيو، اصل اهڙي دٻ ڪڍيائين جو مان ڪنفيوز ٿي ويس.
چيائين: ”هاڻي هو هن دنيا ۾ ناهي، ته اوهان هن جا دوست ٿي ائين ڪندا”
“اهڙي ڳالهه ناهي چاچا! پر مان سچ ٿو چوان ته اهو ليک سهيل جو ناهي.”
“پوءِ ڪنهنجو آهي؟!“ پڇيائين
”اهو ليک آغا سليم جو آهي، جيڪو هن جاڳو اخبار ۾ ٽن قسطن ۾ لکيو آهي ۽ هتي سهيل رڳو هڪ قسط لکي آهي، پنهنجي هٿ اکرن سان، سهيل کان غلطي اها ٿي وئي آهي جو هن عنوان نه لکيو آهي ۽ آغا سليم جونالو به نه لکيو آهي” مون کيس ٻڌايو
“تو وٽ آهي ته مونکي اخبار ڏيکار” هن چيو
“مان اوهان کي اخبار ڏيندس چاچا، اوهان لفظ لفظ پاڻ ڏسجو” مون کيس چيو
ٻئي ڏينهن تي چاچو مون وٽ پاڻ گهر هليو آيو ۽ مان هن کي ٽئي قسطون ڏنيون اخبار جون، پوءِ وڃي چاچو ڪجهه مطمئن ٿيو ته مان ڪا بهتان بازي نه ڪري رهيو هوس ۽ سچ ڳالهائي رهيو هوس.

چاچي جو ڏوهه نه هيو، هر پيءُ پنهنجي اولاد لاءِ بهتر سوچيندو آهي ۽ چاچو انڪري به پريشان ٿي ويو هيو ته سهيل کي گذاري ڪجهه وقت ٿيو هيو، جيڪو هڪ اهڙو صدمو آهي، جنهن جو ڪاٿو ڪير به ڪري نٿو سگهي. پوڙهي پيءُ کي جڏهن جوان اولاد ائين ڇڏي وڃي ته ان درد جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي.

مون اڳ ئي چيوته سهيل هڪ الستي ماڻهو هيو، هو صفا دلبر قسم جو ماڻهو هيو، پيار ڪندڙ هيو هيو ۽ جذباتي به، جيڪا شيءِ وڻي ويندي هيس، اها وٺندو هيو، گولڊ ليف سگريٽ پيئندو هيو، ڪاٽن جا جوڙا پائيندو هيو، ڪڏهن ڪڏهن فقيراڻن حالن ۾ هوندو هيو، ڪڏهن ڪڏهن ڪلين شيو ٿي، پينٽ ۽ شرٽ هڻندو هيو ته هو سچ ۾ هيرو لڳندو هيو.

پر يار جي حياتي ايتري هئي، موذي مرض هن کي اندران ئي انداران کائي کوکلو ڪري ڇڏيو، ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙي ڪار ٿيڻي آهي، بس پوءِ سهيل اسان کان وڃڙي وي، سچ ته ڏاڍو ياد ايندو آهي.

سهيل کي آغا سليم سان به پيار هيو، مان سمجهان ٿو هن کي ليک انتهائي وڻيو هيو، انڪري ئي شايد هن پنهنجي ڊائريءَ ۾ اتارڻ چاهيو، پر اهو ليک به پورو اتاري نه سگهيو، اهو به اڌورو، سهيل ڪيترائي ڪم اڌوارا ڇڏيا، هر ماڻهو زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڪم اڌرورا ڇڏي ٿو وڃي، انت اوچتو آهي، بي آواز آهي، دٻيل پيران سان موت جو گهوڙيسوار اچي ٿو ۽ ڀر ڪڍي ڀالو هڻي ٿو وڃي ته پوءِ ٿي خبر پوي ته هي ڇا ٿي ويو.

موت وڏي حقيقت آهي، ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

آغا سليم جو اهو ليک مونکان ڪڏهن نه وسرندو!

________________________
حسام ميمڻ
28 آڪٽوبر 2012
ٻاڪري عيد جو ٻيو ڏينهن

No comments:

Post a Comment