Monday, October 29, 2012

To be stubborn


ڪتي وارو ضد
========
==========

هو مون وٽ پنهنجو انگريزي ڊرافٽ کڻي آيو ، پهريان ته مونکي اهو چيائين ته مان هن کي لکي ڏيان، پر مون کيس چيو مسئلو هن جو آهي هو ڊرافٽ تيار ڪري مون وٽ اچي، پوءِ ان جي وڍ ٽڪ، ڊاهه ٺاهه ڪبي، لکان ئي مان، اهو مونکان نه ٿيندو

همراه ڊرافٽ کڻي آيو، پڙهي منهنجا ڍڍر ئي ڍدرا ٿي ويا، هو آفيسر آهي، ڪميشن ڪئي اٿس (مڙئي نوڪري ملي ويس، سمجهو ٿا جيئن ملي ويندي آهي، پر اوهان وٽ ريفرنس پڪو هجي،
داٻي وارو هجي يا وري اوهان وٽ ڏوڪڙ پاڻي هجي يا وري اوهان به نوڪري ڏيارڻ واري جي ڪم جا هجو ته ڪم ٿي ويندو آهي)

کلي ڪري چيومانس: ”تو جهڙا آفيسر ئي اهڙا ڊرافٽ لکي سگهن ٿا!“

موٽ ۾ غصي ۽ ڪاوڙ واري انداز ۾ ڏٺائين ۽ چيائين:
هاڻي بڪواس ڇڏ، درست ڪر

سمورو ڊرافٽ غلط هيو، جتان جتان درست ڪيان پيو ته هو مونکي ڪاوڙ ۾ چوي پيو : ”اهو ته بلڪل صحيح آهي، تون هروڀرو ٿو وڏون ڪڍين

جن جملن ۽ لفظن لاءِ هن ائين چيو، مان ان کي ڇڏيندو ويس، جيڪڏهن هو درست سمجهي پيو ته مان ڇا پئي ڪري سگهيس، ائين ئي سمورو ڊرافٽ چيڪ ٿي ويو، هن پنهنجي هڪ غلطي نه مڃي، سواءِ هڪ صورتخليءَ جي علطيءَ جي ۽ هو مون وٽان هليو ويو ۽ صبح جو ٻئي دوست ٻڌايو ته هن درخواست وارو ڊرافٽ ڪنهن ٻئي کان لکرايو ۽ ۽ اها رد ٿي چڪي اٿس.

ان ڏينهن کان پوءِ مون وٽ ناهي آيو، مان ڌڻيءَ جا شڪرانه بجا پيو آڻيان ته اهو مون وٽ ٻيهر ناهي آيو، الله اهڙي ڪم لاءِ ڪنهنجو محتاج به نه ڪريس، پر مونکي اها شيءِ ذهن ۾ آئي ته اسان وٽ اها شيءِ ڪيڏي مشهور آهي، عام طور اهو لفظ ڳالهايو ويندو آهي. ”ڪتي وارو ضد“، ٿي سگهي ٿو گهڻن رڳو اهو لفظ ٻڌو هجي، پر مان کوڙ دفعا اهو ڏٺو آهي، منهنجي مشاهدي ۾ آيل آهي، پر مونکي اها اڄ تائين خبر نه پئجي سگهي آهي ته اهو ڪتي وارو ضد ڇا آهي، ڇا ڪڏهن ڪنهن دور ۾ ڪنهن ڪتي ايترو ضد ڪيو هيو، جو اهو ضد اسان وٽ پهاڪي جي صورت اختيار ڪري ويو، پر وڏن جيڪو چيو هيو، سچ ته انهن جا قول، پهاڪا، چوڻيون ڪمال آهن، وڏا سچ ته وڏا آهن!

حسام ميمڻ
29/10/2012

No comments:

Post a Comment