Wednesday, October 31, 2012

Who is Bald man


ٺوڙهو ڪير  آهي

ٺوڙهو هڪ ڪردار آهي، ٺوڙهو هڪ علامت يعني symbol به آهي، ٺوڙهو دوست به آهي، ٺوڙهو دانشور به آهي، ٺوڙهو دشمن به آهي، ٺوڙهو ڪامورو به آهي، ٺوڙهو اردلي به آهي، ٺوڙهو ڊاڪٽر به آهي، ٺوڙهو حڪيم به آهي، ٺوڙهو سياستدان به آهي، ٺوڙهو ڀورو به آهي، ٺوڙهو ڇورو به آهي، ٺوڙهو وڏي شيءِ آهي، هي اهو ٺوڙهو آهي، جيڪو حالتن مطابق رنگ ته مٽيندو آهي سانڊي وانگر، پر ڪڏهن ڪڏهن هن جي چلڪڻي ٺوڙهه تي مون اڇا ڪارا وارَ به ڦٽندي ڏٺا آهن.

 ٺوڙهو ته ٺوڙهو آهي، پر ٺوڙهيءَ وارو ڪردار مون في الحال پاسي ڪري رکيو آهي، اهو به ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ظاهر ٿيندو ٺوڙهيءَ جا قصا به ڪمال آهن، مان حيران ٿي ويس، جڏهن هڪ دفعي ٺوڙهيءَ کي ٺوڙه تي جهوڙو ڏٺو، وري ڀوري رنگ جي چوٽي، مطلب ته ٺوڙهو ۽ ٺوڙهي منهنجي زندگيءَ جا ٻه اهم ڪردار آهن، اميد ته اوهان فيس بوڪ تي مون واري وال تي پهريان ٺوڙهي ۽ پوءِ ٺوڙهيءَ جي قصن کي قدر جي نظر سان ڏسندا، ڪڏهن ڏندين آڱريون اچي وينديون اوهان کي، ڪڏهن کلي کلي کيرا ٿا پوندا، ڪڏهن روئڻو به پوندو اوهان کي، انيڪ رنگ ۽ انيڪ ڍنگ آهن، منهنجي ٺوڙهي دوست ۽ ٺوڙهي سهليءَ جا؛ ڪهڙا ٻڌائي ڪهڙا ٻڌايان.

مونکي ائين ٿو لڳي ته symbolism دنيا جي وڏي شيءِ آهي ۽ مان آهستي آهستي فڪشن ۾ ڦاڙها مارڻ شروع ڪيا آهن، سڀني پڙهيل لکيل، دانشورن کي خبر آهي ته فڪشن معنيٰ ڪوڙ، امر جليل جي ليکن جي مسقل عنوان وانگر سڀ ڪوڙ، ڀلي اوهان کي سچ لڳي، ڀلي اوهان حقيقت سمجهو، پر هوندو سڀ ڪوڙ، ڪوڙ جا ڪٽ اڏبا، ڪوڙ ئي ڪوڙ..!

حسام ميمڻ
19 آڪٽوبر 2012




No comments:

Post a Comment