Monday, October 29, 2012

Meeting with Farooq Soomro


فاروق سومرو سان ڪچهري

گهڻن ڏينهن کان پوءِ هن سان ملاقات ٿي، مان جڏهن به هن سان ملندو آهيان ته هلڪو ٿي پوندو آهيان، هن سان ملندو آهيان ته ائين لڳندو آهي، پااڻ سان مليو آهيان.هن سان کوڙ سارا ناتا آهن، هڪ ته هو به شڪارپور جو آهي ۽ مان به، هو به عاشق آهي ۽ مان به، هو به گهڻو پڙهندو آهي ۽ مونکي به ڪتابن جي چوس آهي، هو مست الست آهي ۽ مان به پنهنجي طبعيت ۾ يڪتا. هن جو به سورن سان سنگ هوندو آهي ۽ مان 
هر صبح جو لطيف جي بيت جي اها سٽ ورجائيندو آهيان

پاڙي ناهي پروڙ، ته ڪا رات رنجائي گذري

رات گهڻن ئي شين تي حال احوال ٿيا، ڪجهه موضوع هي هيا؛

ٻوٽا ۽ وڻ، شڪارپور شهر جا ماڻهو ۽ واقعا، گرو رجنيش، خوشونت سنگهه، شيخ اياز، سنڌ، سياست، ايس پي ايل جي او، ڪراچي، مهاجر، ٻروچ، سنڌي، قبائليت، فيس بوڪ، ڊاڪٽر غلام جيلاني برق، غلام رباني آگرو ۽ هن جا ڪتاب، شمشير الحيدري، قبرستاننن تي قبضا، پٺاڻ، پناهه گير، مذهب، ٿر ۽ ٿريا، ڪرپٽ ڪامورا، آرٽسٽ، يوٽيوب، هند جي ڪريا ڪرم جي رسم، سَتي، انگريزي، اردوءَ جا شاعر، انڊيا جا سفرناما، 20_20 اسٽريٽجڪ پلان، ڪراچيءَ جو انفرااسٽرڪچر، ٽيليگراف پلانٽ، پپل جو ذڪر، هوليءَ جا هانڊا، پارٽيشن کان اڳ جا سيٺيون ۽ ديوان، غير سرڪاري تنظيمون، سنڌي مهمان نواز، ضياالحق، مشرف، ارباب رحيم، اياز سومرو، سنڌي اخبارون، آواز چئنل، نادر مگسيءَ جي زال جي وڊيو، سسئي پليجو، ثقافت کاتو، ناز سنائي، عطا محمد سومرو، فيس بوڪ جا فيڪ آءِ ڊي، عقيل سومرو، جتوئي، مهر، يش چوپڙا، سي سي ايس پاس ڪندڙ ڪندڙ نوجوان، سائنو سائيٽس (sinusitis)، نيپئر، برٽن، ماءِ شڪارپور، سگهڙ عورتون، عشق، رشوت خور آفيسر، مفاد پرست دوست، غربت، فقيري، ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا هڪٻئي سان ونڊيوسين پئي.

منهنجي دعا آهي ته هو خوش رهي ۽ آباد رهي!

حسام
22/10/2012

No comments:

Post a Comment