Monday, October 29, 2012

Let us write autobiographies


اچو ته آتم ڪٿائون لکون

محترم شفيق جوکيو پنهنجي وال تي هيءَ شيءِ لکي، جيڪا انتهائي ڪم جي آهي، اسان جي ماڻهن کي سچ ۾ ان شيءَ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هيٺون پيغام آهي:

جيڪڏهن هر هڪ سنڌي فرد پنهنجي پنهنجي آٿم ڪهاڻي آکاڻي، جيون ڪٿا ويهي لکي ته؛ سنڌي ادب هڪ ڀنڊار جيان ائين ڀرجي کاڻ ٿي پوندو جتان ادب جا موتي لعل املهه ماڻڪ ملندا رهندا جنهن جي ڪڏهن کوٽي ڪانه ٿيندي. 
يارهين ڪلاس جي ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هوم؛ 
پر ان قول کي پنهنجي پريم پيار جو وڳو ويس پارائي فيسبوڪ تي شيئر ڪيمُ. 
اهو سبق سندمُ استاد ڊاڪٽر پروفيسر علوي اسرار احمد شڪارپور-سنڌ وارن پڙهايو هوم. 

جوکيو شفيق
29.10.12
_________

شفيق صاحب جي اها ڳالهه پڙهي مون کيس جواب ڏنو:

سائين مان سالن کان ماڻهن کي منٿون پيو ڪيان، انهن کي فونيون پيو ڪيان، خط پيو لکان، پيغام پيو اماڻيان ته خدا جي واسطي پنهنجون ساروڻيون لکو، پنهنجي آتم ڪٿا لکو، يادگيرين کي سهيڙيو، ڪجهه دوستن مان به ڏنو آهي، پر پوءِ ڪيترائي سستيءَ مان ڪم ڪڍي رهيا آهن

شفيق صاحب هي جيڪو قول اوهان ڏنو آهي، مان نه پڙهيو آهي، جي پڙهيو به آهي ته ڌيان نه ڏنو هوندو ڪڏهن، پر ڳالهه سهڻي آهي، مان ٿورو ڳالهه کي ٻي انداز ۾ ڪندو آهيان ته جيڪڏهن هر ماڻهو آتم ڪٿا لکي ته اهو ادب نه به هجي، پر تاريخ ضرور آهي، مان اتم ڪٿائن کي تاريخي حيثيت ڏيندو آهيان

اوهان کي به هٿ ادب جا ٻڌي عرض ٿو ڪيان ته سائين خدا جي واسطي اوهان به پنهنجي آتم ڪٿا لکو، سچ ته اهو شاندار هوندي ، اهي هڪ اهڙي تاريخ هوندي، جيڪا اسان وٽ نه لکي وئي آهي، 

سائين اسرار احمد علوي هڪ شفيق ۽ پيارو ماڻهو آهي، خود سائينءَ کي مان عرض ڪندو رهيو آهيان ته اهي پنهنجي آتم ڪٿا لکن، شڪارپور ۾ هڪ محقق ۽ تاريخ نويس کي چيو هيو ته اهو پنهنجي آتم ڪٿا لکي ۽ هن منهنجي چوڻ تي اها شيءِ لکي هئي، ساڳي ڳالهه مان ڪيترن ئي ماڻهن کي چوندو رهيو آهيان

مان پنهجون ساروڻيون به لکڻ شروع ڪيون آهن، مان اوهان جي ڳالهه سان اتفاق ڪيان ٿو، پر ان کي عملي شڪل ڏيڻ گهرجي، ساڳي ڳالهه آسي زمينيءَ کي عرض ڪندو رهيو آهيان، ساڳي ڳالهه مان بيهر عرض رکان ٿو ته ڀلي آتم ڪٿا ائين نه لکو جيئن تاريخ وار سائيم مرزا قليچ بيگ لکي هئي، پر جيئن جيئن اوهان کي ياد اچي لکندا وڃو، سچ ته اها نئين شيءِ هوندي

مان سوچيندو آهيان اسان جا سڄاڻ، پڙهيل لکيل ماڻهو جيڪڏهن سچ ۾ آتم ڪٿائون، يادگيرون يا ساروڻيون لکن ته سچ ۾ اها بنه نيئن شيءِ هوندي،

مثال جيڪڏهن اها شيءِ فياض امر لکي ته ڇا ته شيءِ هوندي، اها ئي شيءِ ادي شير بانو، شميم بشير، ادل سومرو، انور فگار، اياز غوث، امتياز منگي، مونس اياز، اعجاز منگي، شفيق جوکيو، شمشير سيلرو، خليق ٻگهيو، عديل مهر، ممتاز منگي، شهاب اوستو، عمر ميمڻ، احمد نواز هڪڙو، امداد علي ميمڻ ۽ اهڙا ئي ٻيا دوستن لکن ته اهي شيون سچ ته علمي به هونديون، معلوماتي به، پياريون به ۽ اتساه ڏيندڙ به

مونکي سچ ته انهن ماڻهن تي ڏک ٿيندو آهي، جيڪي پنهجون آتم ڪٿائون لکي نه سگهيا، يا جيڪي رهجي ويا، مثال نقش ناياب منگي، سهيل پيرزادو، نور احمد جوڻيجو، خادم حسين ميمڻ، عثمان انصاري، ممتاز شيخ، ۽ ڪيترائي.

حسام ميمڻ
29/10/2012

No comments:

Post a Comment