Wednesday, October 31, 2012

ڊاڪٽر پرڀو مل جو ڪمال



ڊاڪٽر پرڀومل جو ڪمال

مونکي خبر ناهي ته ڀرڀو مل کي ڪير سڃاڻي يا نه، مونکي به گهڻي خبر ناهي، پر هڪڙي خيرپوريءَ ذري گهٽ سال اڳ مونکي ٻڌايو هيو ته هو خيرپور جو آهي. 

مان پرڀو مل کي هن جي ڪتاب معرفت سڃاڻا، مونکي ياد آهي ته هن جو ڪتاب مان شڪارپور ۾ گل ڪتاب گهر تان ورتو هيو، گل ڪتاب گهر به هاڻي بند ٿي ويو آهي، ڪيترائي سال اڳ، تقريبن اڄ کان 10 سال اڳ جي ڳالهه آهي، اهو ڪتاب ٿي سگهي ٿو، مون واري لائبريريء
َ ۾ موجود هجي يا ڪير پڙهڻ لاءِ وٺي هيو، چڱيءَ طرح ياد ناهي

ڪتاب جو نالو گهڻو ڪري ”جنس ۽ سماج“ هيو، هن ڪتاب جي خوبي اها ئي هن واڻي ليکڪ بهادريءَ کان ڪم ورتو ۽ سيڪس تي کلي عام لکيائين، ان کان اڳ اسان وٽ اهڙي جرئت ڪنهن نه ڪئي هئي، ڇو ته جنس اهڙي شيءِ آهي، جنهن سان ڪيترن ماڻهن وٽ ان حوالي ڪيتريون ئي ڏندڪٿائون آهن ۽ ان سان گناه جو تصور به جڙيل آهي، ڪجهه ڳالهيون مون کي ياد آهن، ان ڪتاب جون:

1.
هن انهن سڀني لفظن کي رد ڪيو ، جيڪي عربي يا فارسي ٻوليءَ جا آهن ۽ انهن کي باادب سمجهيو ويندو آهي، جڏهن پنهنجي سماج ۾ جن جنسي عضون جا نالا جيئن عام رواجي طور کنيا يا ورتا ويندا آهن، انهن کي بد اخلاقي سمجهيو ويندو آهي يا وري گناه.

2.
تقريبن جنسي عضون جا نالا پوءِ مرد جو جسم هجي يا عورت جو، هن عام رواجي طور استعمال ٿيندڙ لفظ استعمال ڪيا ڪتاب ۾، مان هڪ مثال ڏيندو هلان ته هن ”مشت زني“ بدران ”مٺ هڻڻ“ لفظ کي ترجيع ڏني ، اهڙي طرح هن بين جنسي عضون جا نالا به سنوان سڌا عام اسعتال ٿيندڙ رکيا، جيڪي جيئن سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندا آهن، مثال طور هن عورت جي جنسي عضوي کي ”فرج“ بدران اهو ئي نالو لکيو، جيڪو سنڌيءَ عام طور مروج آهي، جيڪو عام ۽ خاص سمجهي ٿو

3.
هن اهو به لکيو هيو ته ”مٺ هڻڻ“ ڪو نقصان نه ٿيندو آهي، ماڻهو چوندا آهن ته جيڪڏهن ڪو نوجوان ائين ڪري ٿو ته ان سان جسم مان جهرڪيءَ جيترو گوشت ڳري ويندو آهي، اها هڪ جنسي ڏندا ڪٿا آهي، جيڪا ڳالهه اڻڄائيءَ جي ڪري مشهور آهي

4.
پرڀو مل هن ننڍڙي ڪتاب ۾ ڪارٽونن جهڙيون تصويرون به ڏنيو هيون، ته ڪهڙيون ڪهڙيون جنسي پوزيشنس آهن، 

مطلب ته ڪتاب ۾ جديد جنسي ۽ جنسي پيدواري صحت جي حوالي سان سڌو سڌو ڳالهايو هيو

اڄڪلهه جنسي صحت جي حوالي سان سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ڪيترائي ادارا ڪم ڪرن ٿا، مثال طور ميري اسٽوپس، آهنگ، فئملي پلاننگ ايسوسيئشن آف پاڪستان، فئملي پلاننگ ايسوسيئشن ته تڏهن کان ڪم ڪري ٿي، جڏهن پاپوليشن واري منسٽري به پاڪستان ۾ نه هئي. پا ان وقت رڳو آباديءَ تي ڪم ڪندو هيو اهو ادارو، هاڻي جنسي صحت جي حوالي سان ڪم، هن اداري جو اهم جذ آهي، ايستائين جو فئملي پلاننگ پوئتي پئجي وئي آهي ۽ جنسي صحت اڳتي نڪري آئي آهي، سائنسي طور شين کي سمجهڻ جي ضرورت به آهي.

اهو به ٻڌائيندو هلان ته هن فئملي پلاننگ ايسوسيئشن جي پاڪستان لاءِ صدر مهتاب اڪبر راشدي آهي، ۽ ڪراچي ريجن جي وائيس پريزيڊنت عناديل راشدي آهي، جي مهتاب اڪبر راشدي آهي، اهي ماڻهو ڪندا ڪجهه ناهن، بس انهن جو ڪم هيڏي هوڏي اندر ٻاهر گهمڻ ڦرڻ، پروگرام ۽ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ آهي، ۽ جنسي صحت ۽ آباديءَ جي حوالي سان ٻه چار لفظ ڳالهائڻا آهن ۽ بس

خير، ڪوئي دوست اهو ڄاڻي ٿو ته پرڀو مل ڪٿي آهي، ڇا هن ڪو ٻيو ڪتاب به لکيو، مونکي جنهن خيرپور جي همراه اهو ٻڌايو ته پرڀو مل خيرپور جو آهي، اهو همراهه به فئملي پلاننگ ايسوسيئشن آف پاڪستان ۾ آهي، هن جهڙو ڪرپٽ ۽ ماڻهو مون ٻيو ڪٿي به نه ڏٺو آهي.. ان تي وري بيهر لکبو

ڪتاب جو نالو : جنسي مسئلا ۽ انهن جو حل

حسام ميمڻ
20 آڪٽوبر 2012

No comments:

Post a Comment