Thursday, October 25, 2012

ڪالهه گذري ويو، اڄ به گذري ويندو پر


حسام ميمڻ
23 آڪٽوبر 2012

ڪالهه گذري ويو، اڄ به گذري ويندو پر

ڪالهه وانگر اڄوڪو ڏينهن به گذري ويندو، 5 سيپٽمبر به گذري ويو، 5 سيپٽمبر تي منهنجي سالگره هئي، مونکي انهن ماڻهن نه کيڪاريو، جن کي منهنجي سالگره جو انتظار هوندو هيو،انهن ماڻهن اچڻ ته ڇا فون به نه ڪيو، ڪيڏو سماجي ڪمال آهي، هاڻي هن دفعي مون کي پنهنجي سالگره ياد هئي، پر جڏهن مونکي ياد نه هوندي هئي ته هو ڪيڪ به وٺي ايندا هيا، گفٽ به ۽ مان جڏهن شام جو گهر پهچندو هيس ته اهي به اوچتو اتي موجود هوندا هيا، پر هن دفعي ائين نه ٿيو، قاضي منظر به ياد نه ڪيو، دوستن کان به وسري ويس، ڪنهن کي ياد نه آئي ته 5 سيپٽمبر منهنجي سالگره آهي.

مونکي ڏک ناهي، پر اهو محسوس ٿيو ته وقت تيزيءَ سان گذري رهيو آهي، ۽ اهڙي ئي تيزيءَ سان حالتون به مٽجي رهيون آهن، پر مان اڃا ڪجهه ڪري نه سگهيو آهيان، مان ته ڪجهه ڪري نه سگهيو آهيان.

 اڄ مان عقيل عباس سومرو کي فون ڪيو، گهڻو وقت ٿيو مان هن سان رابطو نه ڪيو هيو، اڄ دل چيو هن سان ڳالهايان، پر هن فون نه کنيو، ڪالهه اياز غوث سان به فون تي عليڪ سليڪ ٿي هئي، رات جو دير سان مولائي ملاح فون ڪيو، مان هن جي ڪال اٽينڊ نه ڪري سگهيس، اسپتال کان موٽي رهيو هوس، پنهنجيءَ ۾ پورو هوس، ڪا ڳالهه ئي نه پئي وڻي، ڪالهه سجاد عليءَ سان به فون تي عليڪ سليڪ ٿي هئي، اڄ منهنجي هڪ ڪلاس فيلو عاثم سومرو جي به ڪال آئي، هو گهڻي وقت کان گولاڙچيءَ ۾رهي ٿو، هن جو پنهنجو ڪاروبارو آهي، رائيس مل اٿس، مون سان گڏ پڙهيو آهي، منهنجو هم ڪلاسي آهي، هن ڪال ڪئي ته اسڪول جا ڏينهن ياد اچي ويا، دماغ ڪيئن هلي رهيو آهي، ان جو پنهجو هڪ  ڊائنامزم آهي، سوچون پاڻ ٿيون اچن، پوءِ اسين هنن کي ڇيڪ ناهيون ڇڏيندا، اسين دماغ سان وچڙبا آهيون، ان کي پنهنجي خيال جي ڌارا ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، دماغ .... ڪڏهن ڪڏهن ته اسان وٽ دماغ هوندو ئي ناهي، مان اڪثر سوچيندو آهيان ته ڇا اسان وٽ دماغ آهي.... !؟

 ڏسو، وري دماغ الائي ڪٿي کڻي ويندو، مان هن کي روڪيان ٿو، هن سان وچڙان ٿو، مان هن کي پنهنجي ڌارا ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو، ڇا دماغ جي اندر به دماغ آهي، هڪڙو پنهنجي ليکي هلي ٿو ۽ ٻئي کي اسين هلايون ٿا، پنهنجي مرضيءَ سان، خبر ناهي، ٿي سگهي ٿو، نه به هجي، ڪجهه پڪ ناهي، ڇا گوگل ٻڌائيندو، وري سوچيان ٿو ، ڇا  ٻئي دماغ هن وقت هڪٻئي سان سوچن جي رسا ڪشيءَ ۾ آهن .

ٻه ڏينهن اڳ شفيق جوکيو سان به ته حال احوال ٿيو هيو، هو اڄڪلهه سٺو ٿو لکي، وڻي ٿو، شهلا رضا وارو ليک مونکي وڻيو هيو، ڇا اسان وٽ ائين سچ لکي سگهجي ٿو، فياض سومرو به سچ تي ٽڪ ڪيو بيٺو آهي، فاروق سومرو، گم ٿي ويندو آهي، ڪيترو ئي ٽائيم گم، وري ايندو آهي ۽ جڏهن ايندو آهي سچ کڻي ايندو آهي، اياز سومرو جي هڪ پوسٽ فيس بوڪ تي ڪنهن رکي هئي،  جنهن ۾ اهو چيو ويو هيو ته ڇا سنڌ ۾ اهڙو ڪو دولهه دريا ناهي، جيڪو هن کي گولي هڻي ماري، فاروق ان تي ڪالهه ڪمينٽ ڪيو آهي ته  ...... هن کي ڳولي هڻي پئسا نه وڃايو، ٻه ٽي ڏينهن اڳ فياض امر، اياز سومرو تي ڄام صادق جي حوالي سان لکيو هيو، ۽ اهو اپڊيٽ پڙهن وٽان هيو، جهڙوڪ ساڳي ڳالهه واضح انداز ۾ فاروق به اياز سومرو لاءِ ڪئي، سوچيان ٿو هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي، ڇا واقعي ائين آهي، جيئن هي دوست چون ٿا، يا هو اهو سڀ SPLGO جي ڪاوڙ ۾ لکي رهيا آهن، ٿي سگهي ٿو ائين هجي، ٿي سگهي ٿو نه به هجي، منهنجو ڪهڙو ڪم ته اياز سومرو ڪيئن آهي، مونکي ڪهڙو فرق ٿو پوي ته هو وزير آهي يا....

 سوچيان ٿو هي اياز وري ڪٿان آيو، مون کي ڇا لکڻو هيو ۽ مان ڇا لکي رهيو آهيان، انڪري ئي ته سوچيان پيو، دماغ گهڻو ڪري ٻه آهن، هڪ جيڪو پنهنجي ليکي هلي ٿو ٻيو جنهن کي اسان مرضيءَ سان هلايون ٿا، جيڪو مرضيءَ سان هلي ٿو، اهو بي شرم آهي، گاريال آهي، بي رحم آهي، اگهاڙو سچ آهي، بيباڪ آهي، ۽ اسان پنهنجي دماغ کي خوف جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي، فلاڻو وڏيرو آهي، فلاڻو فلاڻي تنظيم جو آهي، جي هيئن لکيو ته پوءِ هونئن ٿيندو، جي هيئن لکيو ته پوءِ هونئن ٿيندو، اڪثر اخبارون ٻئي دماغ مان ڪم ڪڍنديون آهن، ڇو ته انهن ۾ ٻه شيون هونديون آهن، يا ته خوف يا ته مفاد ... الائي ائين آهي يا اهو منهنجي دماغ جو اختراع آهي، ڇا ماليخوليا ائين هوندو آهي، هي سڀ ڇا آهي، هي ته مونکي لکڻو ئي نه هيو، پر هي ڪير آهي، جيڪو مونکي فورس ڪري ٿو ته لک، مونکي لڳي ٿو، پهريون دماغ مون واري دماغ تي حاوي ٿي ويو آهي، ٻنهي جي اندروني طور رساڪشي ٿي رهي آهي، جهڙوڪ ٻه قبيلا وڙهندا هجن، ڇا اسان وارا دماغ قبائليت جو شڪار آهن، نه نه ائين ٿي نٿو  سگهي، دماغ ڪيئن ٿا قبائلي ٿي سگهن، پر آمريڪا ۽ روس مسلسل خاموش جنگ جوٽيندا رهيا، ڇا دماغ روس ۽ آمريڪا آهي، ڇا ٻئي پنهنجي پنهنجي ڳالهه مڃائڻ خاطر دنيا کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن...!؟

 اڄ 23 آڪٽوبر آهي، پر مان اهو سوچي رهيو آهيان ته 17 آڪٽوبر تي روس ۾ هڪ وڏو انقلاب آيو هيو، 17 آڪٽوبر اسانجي دوستن مان ڪنهن کي ياد ئي نه آيو، مان ٻڌو آهي ته آڪٽوبر انقلاب جو مهينو آهي، پر مان سوچيان ٿو 17 آڪٽوبر مونکي ته ياد هيو پر ڇا انهن کي به ياد هيو، جيڪي ان انقلاب تي ليڪچر ڏيندا هيا، تقريرون ڪندا هيا، لکندا هيا ۽ سرخ انقلاب.......سرخن جو به هڪ دور هيو، گهڻا غير سرڪاري تنظيمن ۾ فٽ ٿيا، گهڻا پنهجون تنظيمون به ٺاهي ويٺا، مان مسلسل 17 آڪٽوبر تي سوچي رهيو آهيان ته هاڻي انقلاب جو ڇا ٿيندو، ڇا انقلاب، انقلاب جون ڳالهيون سراب ۾ ڊڪڻ برابر هيو، ڇا اياز اهڙي شيءِ اڳ ئي محسوس ڪري ورتي هئي ۽ ڪميونزم کان پاڻ کي الڳ ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي جيءَ کي اسلام سان جوڙي ڇڏيائين ۽ پروفيسر غلام مصطفيٰ جي هت تي بعيت ڪيائين ۽ ان ۾ سڄو ڪردار محمد موسيٰ ڀٽو جو هيو، جنهن شيخ اياز جي ان مذهبي لاڙي جي حوالي سان هڪ ڪتاب به لکيو هيو، ان ڪتاب جو نالو “شيخ اياز جا آخري ڏهه سال” هيو.

مان اڪثر سوچيندو آهيان ته شيخ اياز ڪنهنکي ڪنهنکي پنهنجي شاعريءَ ۾ گاريون ڏنيو آهن، هن جي ڪتاب “راج گهاٽ تي چنڊ” ۾ هي سٽون اڄ به موجود آهن ته:

شبدڪوش ۾ لفظ نه آهن
ڪچيون گاريون آهن

اياز پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪري ويو آهي، پر ان جا پيرا ڪير کڻندو، گهٽ ۾ گهٽ محمد ابراهيم جويو ته ائين نه ڪندو، نه وري تاجو جويو، جيڪو شيخ اياز جي ڪتابن جا نوٽس ٿو لکي، پر ڪتابن جا ته ٽائيٽل ئي غلط ٿا ڇپجن، نوٽس تي ڪيترو اعتبار ڪبو، ڇا اهڙيون ڳالهيون ادل سومرو جهڙو ماڻهو ٻڌائي سگهندو، انور پنجواڻيءَ کي به ٿي سگهي ته اهڙن ڪجهه پيش منظرن ۽ پس منطرن جي ڄاڻ هجي، مونکي پڪ آهي ته ماڻهو تڏهن ڳالهائيندا جڏهن هنن جا ٻئي دماغ پاڻ ۾ وچڙندا، جڏهن دماغ وچڙبا ته سچ ٻاهر ايندو، شيخ اياز پنهنجي ڪتاب “ڪَتين ڪَرموڙيا جڏهن” ۾ هڪ بيت لکيو هيو ته:

ماڻهوءَ منجهه مرون، ڏند ڇپائي ٿو رکي
جيڏو هن سا وڙ، ڪندين توکي گرکندو

مونکي ياد اچي ٿو، شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا جي جلد ٻئي ۾ فيض تي اها تنقيد ڪئي آهي ته فيض پنهنجي نظم “ڪتي” ۾ عوام جي تذليل ڪئي آهي، هن عوام کي ڪتي سان علامتي انداز ۾ ڀيٽيو آهي، پر مان سوچيان ٿو ته پاڻ اياز به ته مٿي ماڻهوءَ جي مرونءَ هجڻ ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي ته ڪي ڪي ماڻهو اندر جا مرون ٿين ٿا.

مان سچ ٿو چوان هي جيڪو ڪجهه مون لکيو آهي، اهو لکڻ ئي نه پيو چاهيان، پر ٻن دماغ جي ويڙهه جو نتيجو اهو آهي ته ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿي ويون آهن، مان ڪوشش ڪيان ٿو ، پنهنجي ڳالهه ڏانهن اچان ٿو، 17 آڪٽوبر منهنجي زندگيءَ جو يادگار ڏينهن آهي، اهو انقلاب جو مهينو آهي يا نه پر مون لاءِ انقلابي مهينو آهي. 17 آڪٽوبر تي مان ڪراچيءُ ڏانهن روانو ٿيو هوس، منهنجي بيگ ۾ 4 ڪتاب هيا:

شيخ اياز جو وڄون وسڻ آيون
نهروءَ جو Discovery of India
آزاد جو India wins freedom
۽ شاهه جو رسالو

هن وقت مون وٽ ڪتابن رکڻ جي جاءِ ناهي، مان پنهنجي لائبريري شڪارپور ۾ ڇڏي هئي، رڳو اهي چار ڪتاب گڏکنيا هيا، وري هتي هڪ ٻي لائبريري تيارٿي چڪي آهي، هاڻي ٻنهي کي ملائيندس ته چڱا خاصا ڪتاب ٿي وڃن ٿا، اها ئي منهنجي ملڪيت آهي، اهو ئي منهنجي جمع پونجي آهي، بهرحال، آڪٽوبر مون لاءِ انقلاب جو مهينو آهي، ٻين لاءِ هجي يا نه، ٻيا ائين سوچن يا نه، مان ائين سوچيان ٿو، ائين آهي به، ٻين جي لاءِ باقي يارنهن مهينا آهن، مون لاءِ هي مهينو انقلاب جو مهينو آهي. هي مهينو منهنجو مهينو آهي. پر مونکي 5 سيپٽمبر تي ڪنهن ياد نه ڪيو، ائين اڳ ته ڪڏهن به نه ٿيو آهي، هن دفعي ڇو ٿيو.... وقت تيزيءَ سان گذري رهيو آهي.

ڪالهه 22 آڪٽوبر هيو، اتفاق جي ڳالهه آهي يا نه، ڪالهه واري تاريخ تي نادر شاهه ڄميو هيو، چون ٿا، هن جي ڪري ئي سنڌ ۾ ”گهوڙا گهوڙا“ وارو پهاڪو مشهو ٿيو، هڪ طرف نادر شاهه جهڙو ڦورو ۽ ظالم پيدا ٿيو ته ٻئي طرف ساڳي ڏينهن تي ڪالهه  22 آڪٽوبر 1975 تي برطانيه جو جڳ مشهور تاريخ نويس آرنلد جي ٽائن بي مري ويو هيو، جنهن study of history ٻارنهن جلدن ۾ لکيو ۽ دنيا جي تهذيبن جي عروج ۽ زوال جي تاريخ لکي ۽ هميشه لاءِ تاريخ ۾ روشن ستاري جهڙو ماڻهو بڻجي ويو. مان سوچيان ٿو، ڪهڙو ته عجيب اتفاق آهي، هڪ ئي ڏينهن تي خير ختم ٿئي ٿو ۽ شر شروع ٿئي ته پر شروعات ۽ خاتمي وارا لفظ ته بيڪار آهن، تاريخ ته مسلسل وهڪري جو نالو آهي، ڪجهه واقعا پنڊ پاهڻ ٿي وڃن ٿا، جيڪي رقم ٿين ٿا، جيڪي رقم نٿا ٿين، اهي اسان وٽ ڏند ڪٿائن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا، پر اسان وٽ ته تاريخ ۾ به ڏند ڪٿائون آهن، اهي رقم به ٿيل آهن، ڇا ٿو ڪري سگهجي، شايد اهو به هڪ وهڪرو آهي، هي هڪ اهڙو وهڪرو آهي، جيڪو درست ڊائريڪشن ۾ نٿو وهي، پر شايد هڪ ڏينهن ڪنهن صاف ۽ شفاف وهڪري سان ملي ڪري، صاف ۽ شفاف ٿي وڃي، پر ان ۾ وقت گهربل آهي، اهو ڪڏهن ٿيندو، اها پڪ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ مان ته نه هوندس، پر ايندڙ نسل اهو صاف وهڪرو ڏسي سگهندا، اميد رکڻ بهتر آهي، بجاءِ ان جي جو اسين ڪا مايوسي ڦهلايون، اڳ ئي اسان جا ماڻهو مايوسين جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايا ويا آهن، ڪو لنگهه ئي نٿو ملي ، سڀ رستا ۽ شاهرائون بند ڪيا ويا آهن، مونکي شيخ اياز جو هڪ نظم ٿو ياد اچي:

اي آزادي
توڏانهن ڪوئي شاهي رستو نٿو اچي
فقط سوڙها پيچرا وڃن ٿا
۽ منهنجي ڏيهه ۾ سڀئي
شاهي رستي تي
وڃي رهيا آهن
۽ مان سوڙهي پيچري ۾
منجهي موٽي رهيو آهيان
ڇو ته مونکي ڪوئي
 سونهون به نه آهي
ساٿي به نه آهي
اي آزادي
مان پوءِ به شاهي رستي کان
گهٻرايان ٿو
ڇو ته اهو توڏانهن نٿو اچي
  
اختتام:
  
مونکي خبر ناهي ڇا لکڻو هيو ۽ ڇا لکي ويس، جڏهن به ٻه دماغ پاڻ ۾ الجهندا آهن ته نتيجو گهربل نه ملندو آهي، ڪنهن به فيصله ڪن نتيجي تي پهچڻ جي لاءِ دماغن جو هڪ ٿيڻ ضروري هوندو آهي، جيستائين دماغ هڪ نه ٿيندا، تيستائين، ائين ئي ماليخوليائي قسم جون شيون جنم وٺنديون، پر اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته جيڪو ڪالهه هيو، اهو اڄ ناهي، ۽ اسان جي اڄ، سڀاڻي جي ڪالهه ئي آهي، پوءِ ڇو نه اڄ کي بهتر بڻايون ته جيئن ڪالهه به بهتر ٿي سگهي
______________
Published in Daily Ibrat Hyderabad October 26, 2012

No comments:

Post a Comment