Monday, October 29, 2012

Nonsense poetry and the Book of Nonsense


هزليه شاعريءَ جو حادثو ۽ بيوقوفيءَ جو پستڪ (ساروڻي)

مونکي ياد آهي ته شڪارپور ۾ ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون ۽ مان اڪثر ويندو هوس ۽ ڪوشش ڪندو هوس ته ناغو نه ڪيان، هڪ ته فارغ هوندو هوس، ٻيو دوستن سان ملاقات ٿيندي هئي هفتي هفتي، اهي گڏجاڻيون هونئن ته مختلف هنڌن تي به شڪارپور ۾ ٿينديون هيون، پر آخري گڏجاڻيون شڪارپور جي بيدل پبلڪ لائبريريءَ ۾ ٿينديون هيون، اهڙين گڏجاڻين کي اڪثر دوست سٽنگ يعني ويهڪ به چوندا هيا.

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي هڪ دوست پنهنجي شاعري تنقيد لاءِ پيش ڪئي، ان ان کي ٻڌو، جڏهن منهنجو وارو آيو ته مان سادري طرح اهو چيو ته
هيءِ شاعري هزليه شاعري جي دائري ۾ اچي ٿي، اسين انکي انگريزيءَ ۾ نان سينس پوئٽري به چئي سگهون ٿا ۽ اهڙي شاعري اردوءَ ۾ به ڪئي وئي آهي، بس منهنجي ڳالهائڻ جي دير هئي، تخليقار صفا چڙي پيو، اصل ڪاوڙجي پيو، پر ڪيترن ئي دوستن کي هزليه جي ڄاڻ نه هئي، ٿي سگهي ٿو ڪجهه دوستن کي هجي به پر مون کان سوا ان کانپوءِ به ڪڏهن ڪنهن هزليه شاعريءِ جو ذڪر نه ڪيو.

همراهه چڙي ويو منهنجي لاءِ چئي رهيو هيو ته ائين ته صفا نه ڪبو آهي جو شاعريءِ کي نان سينس چئجي. مان پريشان ٿي ويس، پر کيس لنوائي ڇڏيو ڇو ته هن جي شاعريءَ ۾ هزليه شاعريءَ وارو پهلو نمايان هوندو هيو، پر مسئلو اهو هيو ته اسانجي دوستن هزليه يا نان سينس شاعريءَ کي جهڙوڪ گار سمجهيو، جڏهن ته ان جو مطلب هيو ته شاعريءَ مان ڪو سينس ئي نه پيو اچي، سمجهه ۾ ئي نه پئي اچي، جهڙوڪ اڻڄائيءَ ۾ مشڪري هجي، پر شاعر صاحب ته سنجيدگيءَ سان اهو اسم کڻي آيو هيو، ان ۾ هن جو ڏوهه به نه هيو، ۽ مطالعي جي کوٽ ڪري، به اهو مسئلو هيو.

اڄ ان ڳالهه کي سال ٿي ويا، مان اڄ تازو ايڊورڊ ليئر جو ڪتاب پڙهي پورو ڪيو، آهي، جيڪو نان سينس شاعريءَ جو بادشاهه ليکيو ٿو وڃي، هن جو ڪتاب اڄ نان سينس يا هزليه شاعريءَ جي حوالي سان ڪلاسڪ سمجهيو وڃي ٿو، هن جي ڪتاب جو نالو

The book of Nonsense

آهي ۽ پنهنجي هڪ خاص صنف لمرڪ جي ڪري جڳ مشهور آهي، لمر ڪ شاعريءَ جي صنف آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ پنج سٽو ، پنجڙو يا پنجڪڙو به چئي سگهجي ٿو .لمرڪ ۾ عقل جي ڳالهه مشڪريءَ ۾ ڪري سگهجي ٿي، جنهن ۾ طنز ۽ مذاح جو پهلو ٿين ٿا ۽ بي وقوفيءَ واريون ڳالهيون به ڪري سگهجن ٿيون، لمرڪ جي انگلينڊ ۾18 صديءَ کان  شروعات ٿي ۽ ان کي عروج تي ايڊورد ليئر 19 صديءَ ۾پڄايو.

اسان جي ماڻهن کي چڙڻ جي ضرورت نه آهي، بي وقوفيءَ واريون ڳالهيون يعني جن ڳالهين ۾ عقل نه هجي، يا عقل جي خلاف ڪيل ڳالهه هجي، يا جنهن ۾ وقوف يعني ڪگنيشن نه هجي، اهڙين ڳالهين کي بي وقوفيءَ واريون ڳالهيون چيو ويندو آهي نڪي ان کي گار يا گٿو لفظ چيو وڃي

ايڊورڊ ليئر جو ڪتاب“ بي وقوفيءَ وارو پستڪ” يعني دي بوڪ آف نان سينس پڙهيو ويندو ته اندازو ٿي ويندو ته شاعريءَ جي اها به هڪ سٺي صنف آهي، جنهن ۾ سهڻي طرح خيالن جو اظهار ڪري سگهجي ٿو، جيئن ايڊورڊ ڪيو آهي، بي وقوفيءَ وارو پستڪ ٻارڙن جي لاءِ لکيو ويو هيو، ۽ شاعريءَ سان گڏ تصويرون به ڏنيون ويون هيون ته جيئن بار اها شاعري به پڙهن ۽ تصويرون ڏسي ڳالهه کي چڱيءَ طرح سمجهي به سگهن

هڪڙو لمرڪ نموني طور ڏجي ٿو، جيڪو 1880 جو آهي:

There was a young rustic named Mallory,
who drew but a very small salary.
    When he went to the show,
    his purse made him go
to a seat in the uppermost gallery.

هن جو فني گهاڙيٽو اهو آهي ته پهريون ٻه سٽون هم قافيه، وري ٻه سٽون هم قافيه، پنهنجي ۽ آخري لائين پهرين سٽ سان هم قافيه ڪبي آهي

مثال طور، جيئن مٿين لمرڪ ۾ قافيه آهن
پهرين ٻن سٽن جو قافيه هڪجهڙا آهن

ميلري ۽ سيلري

ور ٻه سٽون جيڪي انهن کان پوءِ اچن ٿيون، انهن جا قافيه هڪجهڙا آهن، مٿال طور

شو ۽ گو

وري آخري ۽ پنجين لائين ۾ لفظ گيلري پهرين ٻن ستن جي قافيي سان ملايو ويندو آهي

_________________
جيڪي لفظ ليک ۾ استعمال ڪيا ويا آهن 

The book of Nonsens by Edward Lear
Poetry of Nonsense
Cognition
Limerick
_________________

حسام ميمڻ
29/10/2012

No comments:

Post a Comment