Sunday, March 11, 2012

Who paralyses University of Sindh and Why?

حسام ميمڻ

12 مارچ 2012

سنڌ يونيورسٽيءَ کي پيرالائيز ڪير ۽ ڇو پيو ڪري!؟

سنڌ جنهن پيڙا مان گذري رهي آهي، اها ته هڪ الڳ ڪهاڻي آهي. بک، بدحالي، دهشتگردي، قبائليت، ڀتاخوري، آدمخوري، رهزني، پاٿاريداري، مذهبي جنونيت ۽ بيروزگاري وغيره، الائي ڪهڙيون ڪهڙيون آفتون آهن، جن ۾ ماڻهو روز پيڙجن ٿا، پر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان ڏانهن به حڪومت جو ڪو خاص ڌيان ناهي، خبر ناهي، ڪير ڪنهن جي ايجنڊا تي هلي رهيو آهي، پر هڪ ڳالهه صاف نظر اچي رهي آهي ته سنڌ ۾ اهڙن اشوز لاءِ ڪا سنجيده ڪوشش نظر نٿي اچي، آخر سنڌ سان ائين ڇو پيو ٿئي ۽ ڪير پيو ڪري. ڪنهن جا ڪهڙا مقصد serve پيا ٿين.

ان ڏينهن هوليءَ تي ماڻهو هڪٻئي تي ڪچا رنگ هڻي مذهبي ڏڻ ملهائي رهيا هيا، ان ڏينهن ڪنهن سچ ۾ رت جي هولي کيڏي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اڏيرو لعل جو رهواسي، جساف سان تعلق رکندڙ هڪ شاگرد دين محمد دل ماريو ويو، هوليءَ جو رنگ ته شنان ڪرڻ کان پوءِ جلد لهي ويندوپر هي رت جا داغ ڪير ڌوئيندو. بقول فيض جي:

خون ڪي دهبي دهلين گي ڪتني برساتون ڪي بعد

اڃا هاڻي مس وڃي 52 ڏينهن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي جان ڇٽي ۽ ڪلاس هلندي ڪي 3 يا 4 ڏينهن ٿيا ئي هيا، جو ڪنهن معمولي ڳالهه تي ٻه شاگرد ڌريون وڙهيون ۽ هڪٻئي تي سڌا فائر ڪيا، جنهن ۾ اڏيرو لعل جو هڪ شاگرد مارجي ويو ۽ ڊگري وٺڻ کان اڳ ئي هن کي قبر ۾ دفنايو ويو. جساف جو هي شاگرد به اکين ۾ ڪي خواب اٽڪائي هتي پهتو هوندو ۽ هن جا سارا خواب هن سان دفنائجي چڪا آهن، ۽ اڻ ڄاڻايل عرصي تائين يونيورسٽي ٻيهر بند ٿي وئي آهي ۽ ڇوڪرن جون سموريون هاسٽلس خالي ڪرايون ويون آهن، روايتي طور يونيورسٽيءَ جي مک گيٽس تي پوليس يا ٻيو عملو چيڪنگ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. ان چيڪنگ سان هاڻي ڪجهه به نه ٿيندو، جيڪو ٿيڻو هيو، اهو ته ٿي ويو.

اسان وٽ هميشه ائين ٿيندو آهي، واردات ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ اسين ڪي قدم کڻندا آهيون، نانگ ڏنگ هڻي هليو ويو هوندو آهي ۽ اسين پٽي کي پيا پويان ڪٽيندا آهيون، اها لاپرواهي ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ اهڙي عملي جو ڪهڙو جواز، جيڪو نه امن قائم ڪري سگهي، نه قتل روڪي سگهي، پوءِ اهڙي سڪيورٽيءَ جو ڪهڙو جواز آهي.

هاڻي مسئلو اهو آهي ته آخر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هي قتل ۽ احتجاج ڇو پيا ٿين، ڪڏهن استاد ٿا 52 ڏينهن يونيورسٽي بند ڪرائين ته ڪڏهن شاگرد، آخر چڪر ڇا آهي، ڪير پيو هن يونيورسٽيءَ کي پيرالائيز ڪري؟

دل جي ڳالهه ڪجي ته الائي ڇو ائين لڳي رهيو آهي ته جهڙوڪ يونيورسٽيءَ کي هٿ کان وٺي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي، ڪجهه ماڻهن جو اهو خيال آهي ته اهو سڀ ڪرايو پيو وڃي، پر اها ڳالهه دل سان نٿي لڳي، ڇو ته شاگرد به سنڌي آهن، استاد به سنڌي، هڪڙن جو ڪم پڙهائڻ آهي ۽ ٻين جو ڪم پڙهڻ، ۽ ٽين ڌر آهي مينيجمينٽ يا ايڊمنسٽريشن، اهي ئي ٽي ڌريون ذميوار آهن پر اها ڪهڙي ڳالهه آهي ته يونيورسٽيءَ جا استاد 52 ڏنيهن يونيورسٽي بند ڪرائين، ڇا پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ به ائين ٿئي ٿو ڇا، ڇا ٻاهرين ملڪن ۾ به ائين ٿئي ٿو ڇا، ڇا آءِ آءِ قاضي اهڙن ڏينهن لاءِ لنڊن کان هتي سائين جي ايم سيد جي ڪري آيو هيو ۽ هن يونيورسٽيءَ جو وي سي ٿيو هيو ڇا ، ته اڳتي هلي استاد پنهجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ شاگردن جي تعليم بند ڪرائين، 52 ڏينهن ڪو مذاق عرصو ناهي، مڃيوسين ته نظير مغل جون پاليسيون غلط آهن، انهن سان استادن کي نقصان رسيو آهي، نظير مغل ايڊمنسٽريشن کي جيترو نندجي گهٽ آهي، ۽ استادن جا مطالبا به پنهنجي جاءِ تي ٺيڪ هيا ، ۽ بشير چنڙ جو قتل ٿيو جيڪو هڪ استاد هيو، پر اڏيرو لعل جو رهواسي، جيڪو شاگرد قتل ٿيو آهي، ان جو قتل ڪنهن جي ڳچيءَ ۾ وجهبو، ان جي مالڪن کي ڪهڙو جواز پيش ڪبو ته اهو ڪنهن ڪيو آهي، هڪ استاد جو قتل ٿيو ته استاد ان کي جواز بڻائي اٿي پيا ۽ “گو وي سي گو” جا نعرا بلند ٿيا ۽ سنڌ جي عوام به استادن جي ان ڀلي ڪم ۾ ساٿ ڏنو، پر، ڇا هاڻي استاد ان ڳالهه کي اهو چئي لنوائيندا ته اهو جهيڙو ٻن سياسي شاگرد ڌرين ۾ هيو، اهو انهن جو ذاتي فعل هيو، مان ته چوان ٿو ته هي وقت آهي، جو وري استاد کڙا ٿين ۽ هڪ ڀرپور احتجاج ڪن، (پر ڪلاسز جو بائيڪاٽ نه ڪن، ڇو ته اها شيءِ سنڌ جي وسيع تر مفاد ۾ ناهي ۽ اهو حق ڪنهن کي به ناهي ته جيڪي شاگرد هتي فيس ڀرن ٿا، انهن جي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪير روڙا اٽڪائي، جيڪو ائين ڪري ٿو، اهو شاگردن جي حقن جي پائمالي ڪري ٿو، اهو رڪارڊ اڳ ئي قائم ٿي چڪو آهي، اها شيءِ سنڌ لاءِ زهر قاتل جهڙي آهي) ته جيئن اهڙو وي سي آئوٽ ٿي سگهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ باصلاحيت وي سي اچي سگهي، فضيلت ڀريو ڪلچر پروان چڙهي ۽ سنڌ جي هن وڏي مادر علميءَ جون رونقون بحال ٿي سگهن. هن وقت جيڪا ناماچاري سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٿي چڪي آهي، ان کي بحال ڪري سگهجي. ۽ انهن والدين جو اعتماد به بحال ڪن، جيڪي پنهنجن ٻچڙن کي هتي سٺو ، اسڪلڊ ۽ باصلاحيت انسان بڻائڻ لاءِ موڪلين ٿا، يقين ڪيو، يونيورسٽيءَ جو ماحول هڪ پاراتي جهڙو ٿي ويو آهي، جڏهن سنڌ جي وڏي يونيورسٽيءَ جا اهي حال هجن ته پوءِ ٻين ادارن جا حال ڇا هوندا؟!

شيخ اياز به هتي وي سي ٿيو هيو، ان لاءِ به احتجاج ٿيا هيا، ڪنهن کي يقين نه اچي ته شيخ اياز جي آتم ڪٿا پڙهي ڏسن، سڀ نوٽ ڪن ته هتان جي اڳوڻي وي سيءَ ڇا لکيو آهي، اهڙن ڪرتوتن تي امر جليل کي به ڪاوڙ آئي هئي، امر، جيڪو جيئري ڪڏهن اياز سان ملي نه سگهيو، پر اياز کي هن جي ڪتابن ۽ شاعريءَ معرفت سڃاڻيندو هيو ۽ هن جا ڪتاب پڙهي سنڌ يونيورسٽيءَ جي پس منظر ۾چيو هيائين ته اياز سنڌ آهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ کي اياز کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجي، اياز جي وي سي شپ جي حوالي سان امر جليل پنهنجي تازي ڪتاب ،“سنڌ نامون” ۾ لکيو آهي، اهو پڙهيو وڃڻ گهرجي، پورو آئينو اڳيان اچي ويندو ته شاگردن اياز جهڙي ديوقامت هستيءَ کي ڇا موٽ ڏني هئي، اياز پنهنجي آتم ڪٿا ، “ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر” پهرين جلد جي صفحي نمبر 243 تي سنڌ جي نوجوان ۽ شاگردن جي حوالي سان لکيو آهي ته:

مان جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر هوس ته مون وٽ 330 فلسطيني شاگرد پڙهندا هيا، جن مان اڪثر تاريخ ۽ سياست کان ائين ئي بي بهرا هوندا هيا، جيئن سنڌ جا نوجوان آهن، جي ٺڳيءَ جي ٺاهه ۾ اڙجي ويا آهن ۽ سياسي نوَسر بازن جي هٿ چڙهي ويا آهن

اها به نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءَ جو چار سال وي سي رهيو ۽ ان آفيس دوران هو شاعري ڪري نه سگهيو، واين تي مشتمل هڪڙو ننڍرو ڪتاب “لڙيو سج لڪن ۾” ڏنائين، جنهن ۾ به گهڻي قدر گهٽ ٻوسٽ وارو Content آهي، جنهن کي اياز جو pessimistic era (مايوسيءَ وارو دور) چئجي يا ڏات جو رسي وڃڻ، جنهنکي Writer’s block چئبو آهي. پر اهڙي صورتحال مان اهو اندازو ضرور ٿئي ٿو ته اياز جهڙو سنجيده ۽ وڏ پاڙهو ماڻهو يونيورسٽيءَ جي حالتن جي ڪري شايد گهڻو نه لکي سگهيو.

ڪير ٿو چئي ته شاگرد سياست نه ڪن، سياست ڪرڻ انهن جو حق آهي، ۽ سياسي هلچل ضروي آهي ته جيئن حقن جي حاصلات ممڪن ٿي سگهي، پر قتل ڪرڻ لاءِ ڪنهن چيو آهي ته هڪٻئي تي هٿيار تاڻيو ۽ هڪٻئي کي ماري ڇڏيو. اسان وٽ شاگرد سياست ان انداز ۾ ٿئي ٿي، جيڪانه رڳو ناقابلِ برداشت ۽ سنڌ جي ايڪتا خلاف آهي، پر سنڌو واديءَ جي تهذيب جي ئي خلاف آهي، مهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان ڪو هٿيار نه مليو آهي، محمد بن قاسم جڏهن سنڌ ۾ آيو تڏهن به سنڌين وٽ ڪي خاص هٿيار نه هيا ۽ محمد بن قاسم منجنيق کڻي آيو هيو، اها هڪ مشين هئي، جنهن معرفت پٿر اڇلائي اڳين ڌر کي مات ڏئي پئي سگهجي ۽ هن ائين ئي ڪيوهيو. سنڌ جي سڃاڻپ صوفيانه سوچ آهي، اهنسا آهي، پيار ۽ محبت آهي، نه ڪي هٿيار.

پر هاڻي يونيورسٽيءَ ۾ هر قسم جا ننڍا وڏا هٿيار پارٽين وٽ آهن، ان لاءِ ڪهڙو آپريشن ٿيو آهي، ان حوالي سان جيتري ڇتي تنقيد نظير مغل انتظاميه تي ڪئي وڃي گهٽ آهي، آخر بحيثيت وي سي جي هو ڇا ڪري رهيو آهي، جو هن جي هر دور ۾ قتل ٿين ٿا، آخر اها هٿيارن جي ڊوڙ ڪيئن هلي ٿي اداري ۾، سنڌ حڪومت، گورنر ۽ وي سي ڇو خاموش آهن، اهي ڇو نه ٿا اهڙين شين کي وائکو ڪن ۽ ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته جن پارٽيز جي يونيورسٽيءَ اندر شاگرد ونگس نمائندگي ڪن ٿيون، انهن ڇو شاگردن کي هٿيارين سان ليس ڪيو آهي، ظاهر آهي اهڙي خرابي رڳو ڪا يونيورسٽيءِ اندران پيدا نه پئي ٿئي، پر اها يونيورسٽيءَ جي ٻاهران به ٿئي ٿي، جي ائين نه هجي ته پوءِ شاگردن جي هٿن ۾ قلم هئڻ گهرجي، نڪي هٿيار.

ٽيل پيس: ان پوري صورتحال کي ڏسي اندازو لڳائڻ ڪو ڏکيو ناهي ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي، ڪنهن جو ڪهڙو ڪم آهي ۽ ڇا ڪرڻ گهرجي. سڀ کان پهريان انهن شاگردن جو تحفظ ڪيو وڃي، جيڪي ڳريون فيس ڀري هتي پڙهن لاءِ اچن ٿا، رواتي طور، اهي شاگرد سڏجن ٿا ۽ سڏبا پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اهي ڪلائينٽس آهن، جيڪي پورا پورا پئسا ڀرن ٿا ۽ پئسا تعليم لاءِ ڏين ٿا، نڪي پاڻ کي مارائڻ لاءِ، ان حوالي سان ڪنهن به ڌر جو اهو حق ناهي ته يونيورسٽي بند ڪرائجي، يونيورسٽي بند ڪرائڻ پاپ مثل آهي. استادن جو تحفظ به ضروري آهي، ته جيئن هي ٻئي ڌريون محفوظ ٿي ڪري، پڙهن ۽ پڙهائن.

انتظاميه کي ٻئي اکيون کولي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ سڀ کان پهريان هن مادر علميءَ کي هٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي، ته جيئن آئيندهه اها جرئت ڪنهن کي نه ٿئي ته ڪير ڪنهن تي بندوق تاڻي ۽ گولي هڻي سمورن سندر خوابن کي برباد ڪري ڇڏي.

جن پارٽين جي مادرِ علميءَ اندر نمائندگي ٿئي ٿي، انهن جي سربراهن کي گهرجي ته اهي ان شيءِ کي ممڪن بڻائين ته انهن جي پارٽيءَ جا شاگرد هٿيار نه کڻندا، جيڪو هٿيار کڻندو ان کي پارٽي نيڪالي ڏني ويندي. ان سلسلي ۾، يونيورسٽي انتظاميه، استادن ۽ سياسي پارٽين کي پاڻ ۾ ملي جلي ڪي اپاءَ وٺڻ گهرجن، جيڪڏهن، اهو ڪم نٿو ڪيو وڃي ته پوءِ هيءَ انارڪيءَ جهڙي صورتحال، ڪٿي دنگ ڪندي، ان جو اندازو ڪرڻ به ڏکيو ناهي. اسان جي سڀني ڌرين کي اها وينتي آهي، ته سنڌ جي هن يونيورسٽيءَ کي هروڀرو يرغمال نه بڻايو وڃي، هن وقت سنڌ هڪ انتهائي نازڪ دؤر مان گذري رهي آهي، مهاجر صوبي جون ڳالهيون هاڻي کلي ڪري سامهون آيون آهن، ۽ اهو ڪم ڪير به ڪري يا ڪرائي ٿو، اهو ڪڏهن به ڪجهه به ڪرائي سگهي ٿو. هي وقت متحد ٿيڻ جو آهي، نڪي خيسس ڳالهين تي هڪٻئي کي مارڻ جو. اڃا به اسان اکيون نه پٽيون ته پوءِ اهو ڪهڙو وقت هوندو، جڏهن سنڌي ماڻهو متحد ٿيندا ۽ سنڌ کي نيون راهون ۽ رستا ڏيندا! يونيورسٽيءَ اندر شاگرد ۽ استاد جي وچ ۾ ڪو رفٽ نه هئڻ گهرجي، جي اها خلا رهي ته هڪ ته تعليمي ٻيڙي ٻڏندي ۽ سنڌي يونيورسٽي ، جيڪو سنڌي ماڻهن جو هڪ وڏو تعليمي مورچو آهي، ان اداري ۾ ڪير پنهنجي ٻچن کي پڙهائڻ لاءِ نه موڪليندو ۽ اهڙي طرح هي ادارو پيرالائيز ٿي ويندو ۽ ائين ڪير به نه چاهيندو، نه استاد نه شاگرد ۽ نه ئي پوري سنڌ!

memonhisam@yahoo.co.uk

No comments:

Post a Comment