Thursday, March 15, 2012

Poem by Hisam Memon

حسام ميڻ

نظم

ڪن جي هٿ ۾ تالا آهن

ڪن جي ڪنن ۾ والا آهن

ڪي لاچاريءَ ۾ ٿا لوڙهن

ڪي نفرت جي مٽي ڳوهن

ڪي ڪي ماڻهو اهڙا پيارا

سڀ کي ڀاسن جيءَ جيارا

اڄ گهرجن ٿا اهڙا ماڻهو

جيڪي آهن منش مهان

صدقي توتان اي انسان


هوند نٿو حيوان ڍاپين

ٿونارن جا سينا چاڪين

ٿو هوس نگر ۾ ٿاٻڙجين

ڪيڏو نشي ۾ آڪڙجين

ڀل تون ويٺو بڪ پيو

ڀل تون ماڻهو چڪ پيو

انت ته تنهجو ٿيندو نيٺ

جهرندا تنهنجا سڀ جهان

صدقي تون تان اي انسان


مٽيءَ مان ڀڳوان کي ٺاهي

۽ ٿو وڪڻين گاهي گاهي

ڌرتيءَ کي به وڪڻين ٿو

۽ ماڻهوءَ کي جهڻڪين ٿو

مسجد، مندر تولئه پئسو

سحرا، سمندر تو لئه پئسو

پئسو تو لئه سڀ آڪار

ڌوتا تون ڪيڏو بي مان

صدقي توتان اي انسان


واريءَ پنڌ ۾ آهين تون

سوچ ذرا اڄ ڇاهين تون

ڌن جي پويان پاڻ رلائين

انسانن جي ڪم نه آئين

پيٽ پرايا ڪيئن لتاڙيئه

ڄڻ سارا فرمان ٿي ڦاڙيئه

ائين لڳي ٿو توکي ڏسندي

ماڻهو ٻاهر، اندر ۾ شيطان

صدقي تون تان اي انسان

________________________

16 مارچ 2012

No comments:

Post a Comment