Saturday, March 10, 2012

National Sindhi Language and Urdu-English


حسام ميمڻ

11مارچ 2012

قومي ٻولي سنڌي ۽ اردو - انگريزي ٻوليون

صحيح چيو هيو شيخ اياز ته “اردو رابطي جي ٻولي آهي، پر رابطي جي ٻوليءَ جو مطلب اهو نه آهي ته هر رابطي جي ٻولي قومي ٻولي هوندي آهي.”

سنڌين جي قومي ٻولي سنڌي آهي ۽ ان جي هڪ الڳ ۽ پراڻي تاريخ آهي، جنهن کي رد ڪري نٿو سگهجي، گهٽ ۾ گهٽ رابطي جي ٻولي اردو، جيڪا لشڪري ٻولي به سڏجي ٿي، ان کي اها جاءِ نٿي ڏئي سگهجي، جيڪا سنڌيءَ جي آهي، تنهنڪري، رابطي جي ٻولين کي قومي زبانن مٿان زور جو ٿاپي نٿو سگهجي.

مونکي ته ان ڳالهه تي حيرانگي ٿيندي آهي ته اسان ماڻهو اردو جلد سکي ويندا آهيون، ڪيئن سکي ويندا آهيان، ڪا خبر ئي نه پوندي آهي، سکڻ چاهيون يا نه، پر سکي ويندا آهيون. گهڻو ڪري سنڌي سمورا اردو ڳالهائي ويندا آهن، پر اردو ڳالهائيندڙ ڏاڍا محدود لڳندا آهن، انهن ۾ اها صلاحيت گهٽ هوندي آهي ته اهي سنڌي ڳالهائين. هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته انهن کي اهڙو ماحول نه ملندو آهي، هو اڪثر پاڻ ۾ جيئندا آهن، ڪراچيءَ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي ٻوليءَ کان اڪثر بي بهرا آهن، پر اسان وارا ماڻهو مڙئي ڪم ڪڍي ويندا آهن، پر جيڪي اردو ڳالهائيندڙ اتر سنڌ ۾ رهن ٿا، اهي سنڌي ڳالهائيندا آهن.

اردوءَ کي رابطي جي ٻولي ئي رهڻ ڏجي، پر اردوءَ کان وڌيڪ انگريزيءَ جي ضرورت آهي، ڇو ته انگريزي عالمي ٻولي آهي، ڪمپيوٽر جي ٻولي آهي، دنيا جو وڏي ۾ وڏو لٽريچر به ان ٻوليءَ ۾ آهي، انگريزي ٻولي اچڻ اڄ جي دور جو هڪ وڏو هنر به آهي، انڪري، اردوءَ کان وڌيڪ انگريزي سکڻ جي ضرورت آهي ۽ ياد رهي ته انگريزي، اها ٻولي آهي، جيڪا اسان ننڍي هوندي کان سکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اسان کي ايتري به نٿي اچي، جيتري اردو ايندي آهي.

سنڌي ٻوليءَ جو ته ڪو مٽ ئي ناهي، ڇو ته اها ماءُ جي ٻولي آهي ۽ اسين خواب به سنڌيءَ ڏسندا آهيون ۽ سوچيندا به سنڌيءَ ۾ آهيون، ائين کڻي چئجي ته اسان جي ذهن جي ٻولي سنڌي آهي، پر انگريزيءَ جي ضرورت بهرحال، اردوءَ کان وڌيڪ آهي، ڪير مڃي يا نه، پر اڄ جي دور جي اها ڪڙي حقيقت آهي، ماڻهوءَ کي هونئن ته جيتريون ٻوليون اچن، ايترو ئي ٺيڪ، پر جي اسان جي سنڌين کي اردو اچي ٿي ته انگريزي به سکن ۽ گهٽ ۾ گهٽ انگريزيءَ جي اردوءَ کان وڌيڪ ضرورت آهي.

مون پڙهيو آهي ته رچرڊ برٽن، جيڪو سنڌ جي تاريخ، روايتن، ڏنڪٿائن کان ويندي،نشي پتي ۽ موالين تي به انگريزيءَ ۾ لکي ويوآهي، ان ماڻهوءِ کي 23 ٻوليون اينديون هيون، ٻولي هڪ اظهار جو رستو آهي، انڪري، جيترو ٿي سگهي ٻوليون سکجن، پر انگريزي عالمي ٻولي آهي، ۽ خاص طور تي نوجوان لاءَ انتهائي ضروري آهي، ڇو ته اها نوڪريءَ جو ذريعو به آهي ته انٽرنيٽ جي ٻولي به آهي، تنهنڪري، هن جي ضرورت بهرحال، ضروري آهي.

No comments:

Post a Comment