Sunday, March 4, 2012

Pain of Leaving (lotacracy)


NEWS
& VIEWS

حسام ميمڻ

5 مارچ 2012

ڇڏي وڃڻ جو درد

Choudhri Pervaiz Ilahi and Marui Memon – PML (Q)

هڪ انگريزي بينڊ آهي، جنهن جو نالو آهي McFly لڳ ڀڳ 2004 کان اهو بينڊ ڳائي ۽ وڄائي پيو، هڪڙو ڪلام مونکي به وڻيو، ڪلام هن طرح آهي ته:

She walked in and said she didn’t wanna know

Any more (anymore, anymore)

Before I could ask why she was gone out of the door

(out of the door, out of the door)

And I didn’t know (didn’t know, didn’t know)

What I did wrong (I did wrong, I did wrong)

But (now, now)

I just (I just)

Can’t move on

Since she left me (she left me)

She told me (she told me)

Don’t worry (don’t worry)

You’ll be ok you don’t need me

Believe me you’ll be fine

Then I knew what she meant

And it’s not what she said

Now I can’t believe that she’s gone

I tried calling her up on her phone

No one’s there, (no one’s is there, no one’s home)

I have left the message after the tone….

Really

Yea man loads

هوءَ گهمندي اندر آئي، هن ڪجهه به ڄاڻڻ نٿي چاهيو _ ڪجهه به نه

ان کان اڳ جو کائنس ڪجهه پڇان، هوءَ در مان نڪري وئي _ هلي وئي، هلي وئي

۽ مون نٿي ڄاتو _ نٿي ڄاتو

ته مان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي _ ڇا غلط ڪيو، ڪهڙو ڏوهه ڪيو

پر (هاڻي، هاڻي)

ته مان بنهه چپ ٿي ويس _ شانت ٿي ويس

جڏهن هن مونکي ڇڏيو ٿي _ڇڏيو ٿي

هن ٻڌايو_ هن ٿي ٻوليو

گهٻراءِ نه تون _ گهٻراءِ نه تون

تون بلڪل ٺيڪ ٿي ويندي، توکي منهنجي ضرورت نه آهي

يقين ڪر، تون بنهه صيحيح ٿي ويندين

مان ان وير ئي سمجهي ويس ته ان جو مطلب ڇا آهي،

ڇوته جيڪو هن چيو، ان جو مطلب اهو نه، پر ڪو ٻيو هيو

هاڻ مونکي پڪ ئي نٿي ٿئي ته هوءَ مونکي ڇڏي وئي آهي

مان هن کي ڪيترائي فون ڪيا

ڪير کڻي ئي نٿو، ڪير گهر ۾ ئي ڪونهي

مان فون جو آواز ٻڌڻ کان پوءِ پنهنجي آواز ۾ ڪجهه پيغام ڇڏيا آهن

ڇا هي سڀ ڪجهه سچ آهي ته هوءَ ڇڏي وئي؟

جي ها، همراهه اهو سوچي روئي ٿو ڏي

ڪير جڏهن ڪنهن کي ڇڏي ٿوڏي ته اهو درد سمنڊ جيڏو اٿاهه درد هوندو آهي، کلندي کائيندي ڪير ڪنهن کي ڇڏي ڏي ته ڪائنات جا رنگ ئي ڦڪا ٿي ويندا آهن، ڪا ڳالهه ئي نه وڻندي آهي، هڪ ته ان وڇوڙي جو درد ۽ ٻيو وري زماني جي پڇا ڳاڇا، آڙا سوال، ڇا ٿيو، ڪهڙو سبب هيو، اهي ڳالهيون تيروانگر دل کي لڳنديون آهن.

(left) Senator Nisar Memon, (Middle) General Pervaiz Musharraf, (right) Marui Memon)

مان اها خبر پڙهي آهي ته پي ايم ايل (ق) جي اڳوڻي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر، سينيٽر نثار جي ڌيءَ، سانئڻ ماروي ميمڻ تبديلي پسندن کي ڇڏي، هاڻي وري پي ايم ايل (ن) کي جوائن ڪرڻ واري آهي، مارئي ميمڻ، جيڪا ماڻهن کي پنهنجي ڀڳل ٽٽل سنڌي ٻوليءَ ۾ چئي رهي هئي ته ڀٽ شاهه تي گڏجو، اوهان سڀني جي قسمت تبديل ٿي ويندي، پر نواز شريف سان ملاقات کان پوءِ مارئيءَ کي پنهنجي قسمت وري چمڪندي نظر اچي رهي آهي، پي ايم ايل (ق) کي هن ڪجهه پوائنٽس تي ڇڏيو هيو ۽ يڪو پريشان هئي ته ڇا ڪجي، شايد اهو “ڇا ڪرڻ” وارو ئي خيال هيو، جنهن هن کي “تبديلي پسندن” سان ملرايو ۽ تبديلي پسندن لاءِ به اها فخر جي ڳالهه هئي ته قومي اسميبليءَ جي اڳوڻي ميمبر جي ڪري شايد ماڻهو تبديلي پسندن کي ووٽ ڏين يا ڪا ڇڪ ۽ تانگهه پيدا ٿي سگهي، پر افسوس جو سياست ۾ جذباتيت گهٽ ۽ مفاد وڌيڪ عزيز هوندا آهن. انڪري، مارئي ميمڻ کين ڇڏي چڪي آهي.



Ali Qazi: Claimant of changing in Sindh's Politics :Tabdeeli Pasand

جيترو مونکي معلوم آهي ته لوٽاڪريسي لفط پاڻ سياستدان پنهنجي لاءِ ئي استعمال ڪندا رهيا آهن ۽ اهو لفظ سياستدانن جي ايجاد آهي. پر مان سوچيان ٿو، ته تبديل پسند جيڪي پاپولر پاليٽڪس جي ڳالهه ڪرن پيا، جيڪي پيپلزپارٽيءَ جو نعم البدل ڳولهين پيا، اهي ڀٽ شاهه جي تقريب کان پوءِ خاموش ڇو ٿي ويا آهن، ڪير ٿو چوي ته سياست نه ڪيو، بلڪل ڪيو، سياست جي ضرورت آهي، هن وقت سنڌ ته ڇا پر پاڪستان سڄي ۾ اهڙي ليڊرشپ جي ضرورت آهي، جيئن شهيد ذوالفقار ڀٽو هيو، يا جيئن محترم راڻي هئي. مڃيوسين ته ليڊرشپ جو خال موجود آهي، پر اها سياست به آزاديءَ جي محبوبا وانگر هر وقت قرباني گهرندي آهي، سياست ٿڌن ڪمرن ۾ ويهي نه ٿيندي آهي، سياست ۾ شارٽ ڪٽ به ڏاڍو ڏکيو آهي، عوام جو ليڊر ٿيڻ لاءِ وڏي جدوجهد جي ضرورت هوندي آهي، مارئي ميمڻ، جي تبديلي ڏسي، سڄي حقيقت سنڌ جي اڳيان اچي وئي آهي ته هوءَ ڪهڙي تبديلي ٿي چاهي، دل گهري ٿي ته اهي ڪجهه پوائنٽس هتي ڏجن، جن جي ڪري هن پي ايم ايل (ق) جي ميمبرشپ تان هٿ کنيو هو:

1. هنن (پي ايم ايل(ق) ) حڪومت جي آفت واري لهر کي درست نه ڪيو، ان ڪم کان هي وانجها ئي رهيا

2. هنن ماڻهن جي خدمت نه پئي ڪئي

3. هنن قدرتي آفتن جي حوالي سان به ڪو خاص ڪم نه ڪيو

4. هنن حاڪميت (sovereignty) جو دفاع به نه ڪيو

5. ماڻهو انساني حقن کان وانجها ۽ محروم ئي رهيا


Marui Memon with Mr.Nawaz Sharif (remained Premier of Pakistan twice


هاڻي، اها به عوام کي خبر آهي ته نواز شريف صاحب جي حڪومت ايندي پوءِ انهن پوائنٽس تي ڪم ٿيندو ۽ مارئي ميمڻ پڪ سان ان پارٽيءَ کي نه ڇڏيندي، پر سياست لاءِ اهو عام چيو ويندو آهي ته هن ۾ دشمنيون ۽ دوستيون مستقل نه هونديون آهن، جيڪڏهن ڪا مستقل شيءِ هوندي آهي ته اها آهي مفادن جي دنيا، جيستائين جيترو مفاد جتي serve ٿئي، تيستائين ن ڇڏي ويندو آهي، جڏهن ماڻهو ڏسندو آهي ته هاڻي هن پارٽيءَ، هن جاءِ، هن هنڌ تي گهربل شيون پوريون نه ٿيون ٿين ته پوءِ وري سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو ٿيلو ڪلهي تي کڻي ماڻهو ٻيءَ پارٽيءَ ۾ شموليت لاءِ تياريون ڪندو آهي، اهو آهي، پنهنجو پيارو پاڪستان، جتي سياست جي آڙ ۾ گهڻي حد تائين لوٽاڪريسيءَ به پنهنجون جڙون مضبوط ڪيون آهن. دنيا ڇا چوندي، ان سان لوٽن جو ڪو واسطو ناهي هوندو، اهي ته بس ڀلي جي لاءِ ڪڏهن جنرل مشرف سان ويهندا، ڪڏهن ق ليگ سان، ڪڏهن نواز ليگ سان ۽ ڪڏهن وري تبديلي پسندن سان. اسان وٽ بهرحال، اصولن جي سياست ڪرڻ جورواج مظبوط ٿي نه سگهيو آهي، انڪري، لوٽڪريسي به ملندي ۽ خام خيالي به ملندي، ظاهر آهي، جڏهن سماج ۾ خال پيدا ٿيندا آهن، انهن کي ڀرڻ جي ڪوشش تي ضرور ڪئي ويندي آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي خال درست ڀريا ٿا وڃن يا نه ۽ اهي ئي اهي حالتون هونديون آهن، جڏهن “نعري بازي” جنم وٺندي آهي.


ان پوري صورتحال تي نظر وجهڻ کان پوءِ مونکي اهو به ذهن ۾ اچي ٿو ته جيڪڏهن ڪير صحافي آهي ته اهو صحافت ئي ڪري ته سونهندي، ڇو ته هيءَ دنيا specification جي دنيا آهي، معنيٰ جيڪي صلاحيتون اوهان وٽ آهن، انهن خاص صلاحيتن واري ڪم کي ئي ڪرڻ جو ڪوشش ڪيو، نه ته وکرڻ جا امڪان ڪافي روشن ٿي پوندا آهن، هروڀرو، ان رستي ڏانهن ڇو وڃجي، جيڪو پنهجي ڪم جو ئي ناهي.

مونکي ياد ٿو اچي شايد ممنون حسين صاحب هيو، جنهن هڪ پارٽي مٽي وري ٻي پارٽ مٽي وري ان ئي پراڻي يعني اڳوڻي پارٽيءَ کي جوائن ڪيو هيو ۽ ان ئي پارٽي مَٽَ (لوٽا ڪريسي) تي تبديلي پنسدن جي اڳواڻ ان وقت هڪ مضمون لکيو هيو، جنهن ۾ مهدي حسن جي غزل جو حوالو ڏنو ويو هيو:


رنجش هي صيحح دل دکهاني ڪي ليي آ

آ پهر سي مجهي چهوڙ جاني ڪي ليي آ


ڏسو ته تاريخ پاڻ کي ڪيئن ٿي ورجائي، ڪالهه، اسان ڪنهن ٻئي لاءِ اهو لکون، وري سڀاڻي ڪوئي اسان لاءِ اهو لکي، اهو تاريخ جو ڦيرو ناهي ته ٻيو ڇاهي، تاريخ، اڃا پاڻ ڪيئن ورجائي. تنهنڪري، تاريخ مان سکڻ جي ڪوشش ڪجي ته بهتر، پر پاڻ ان حوالي سان ڏاڍا ڍرا آهيون، اسان ٻين کي سيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، پر پاڻ تي اهڙيون شيون لاڳو نه ڪندا آهيون ، شايد اسانکي اهو ڊپ هوندو آهي ته متان سکڻ جي ڪوشش ڪيون ته ڪير اسانجي ڏاهپ ۽ دانشمنديءَ تي شڪ ڪري!


1 comment:

  1. I took these pictures from Ali Qazi's page on face book, this is the link:

    https://www.facebook.com/pages/Ali-Qazi-%D8%B1%D9%88%D8%B2%D8%A7%D9%86%D9%8A-%DA%AA%D8%A7%D9%88%D8%B4/151137824997821

    The points of Marui Memon, she resigned from PMN (Q)can be found on this link:

    http://news.hubpk.com/2011/06/marvi-memon-resigns-national-assembly-pmlq/

    ReplyDelete