Tuesday, March 13, 2012

State of mind (fact wrapped up in story like write-up)

حسام ميڻ

12 مارچ 2012

من وارتا

سانجهيءَ جا آذان پئي آيا، هو صبح کان پريشان هيو، هن جي من ۾ آنڌمانڌ هئي، هن کي سڪون ئي نه پئي آيو، هر هر اهو ئي سوچيندو پئي آيو ته سائين اچي ته کانئس پڇان، سائين اچي ته هن جي پيرن تي ڪري روئان، ايترو روئان جو ڌوپجي وڃان.

سائينءَ جي انتظار ۾ هن جو منهن ئي ڪومائجي ويو هو، کيس ڪجهه به نه پئي وڻيو، نه سمهڻ پئي آئڙيو، نه ويهڻ، نه ئي گهمڻ، ان بي چينيءَ ۾ جڏهن سانجهيءَ جا آذان پئي آيا ته هن ملوڪ ماڻهوءَ جي اکين ۾ روشني اچي وئي، هن جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويئي.

هاڻي بس، انتظاري پوري ٿيڻ واري هئي، سائين مغرب کان پوءِ ئي ملن جو کيس چيو هيو. سائين پنهنجي اوطاري تي اچي ويٺو، پوئواري ڪندڙن ۽ شيداين جي پيهه هجي، پر هن سائينءَ کان وقت ورتو هيو، جيئن ئي سائين هن کي ڏٺو، سائين اٿي بيٺو ۽ کيس چيو ته هن ڪمري ڏانهن هل، اتي ڳالهايون ٿا.

سائين پنهنجي هن جي ڪلهي تي هٿ رکي ساڻس گڏ ڪمري ۾ آيو، شفن کي لڳو ته ڄڻ سندس جو اڌ بار لهي ويو هجي، سائين جي هٿ هن جي وجود تي ائين هيو، جيئن ٿر ۾ مينهن وسي، شفن بهتر محسوس ڪري رهيو هيو

“ها، شفن! ڏي حوال، بابا! خير ته آهي!” سائينءَ کانئس پڇيو

“سائين! مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڳالهه ڪٿان شروع ڪيان”

بس، اندر ۾ ڄڻ ڪو ڀالو لڳو هجيم، تڪليف آهي سائين!”

“ڪهڙي تڪليف بابا!، ڇا ٿيو آهي” سائين کائنس پڇيو

“سائين! مان سوچيندو رهيو آهيان ته اسانکي ڪنهن پنهنجو نه ڪيو آهي، اسين جيڪي آس جي اميد تي جيئندڙ ماڻهو آهيون، اسانکي نه سياستدانن پنهنجو ڪيو آهي، نه تر جي ڪنهن وڏي کي اهو خيال دل ۾ آيو آهي، بس، جنهن کي جيئن آيو آهي ان اسان کي استعمال ڪيو آهي، ڪڏهن ڪهڙي شيءِ کي اسان لاءِ انتهائي اهم چئي استعمال ڪيو ويو آهي ۽ ڪڏهن ڪهڙي شيءِ جي لاءِ اسان جي اندر جي حيوان کي جيئاري پوءِ اسان کان امن ۽ آشتيءَ تي ڪاهه ڪرائي وئي آهي.

سائين! مان سوچيان ٿو ته اسان هن مهل تائين جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، اهو غلط هيو، اهو حيوانيت هيو، هاڻي اسين ان سرڪش حيوان مان جان ڇڏائڻ ٿا چاهيون، اسان به چاهيون ٿا ته اسان به عام ماڻهوءَ وانگر زمين کيڙيون، محنت ڪيون، شادي ڪيون، ٻار ۽ ٻچا پاليون، هي سڀ رهزنيون ڇڏيون، جنهن سان نه اسانکي ڪو فائدو آهي، نه وري اسانجي ماڻهن کي، بس سائين اهو ئي خيال من کي توب وانگر لڳي رهيو آهي ته اسين ڇو ڪنهنکي ماريون، اسين اهو ڪم نٿا ڪرڻ چاهيون، اوهان، منهنجي ان حوالي سان مدد ڪيو، مونکي رستو ڏيو، ڪا اهڙي واٽ ٻڌايو ته جيئن مان پنهنجي اهڙن اگرن ڪمن مان جان ڇڏائي سگهان” شفن روئڻهارڪي ۽ جذباتي انداز ۾ سائينءَ کي ڳالهه ڪئي.

“شفن! تون هڪ سٺو ماڻهو آهين، تنهنڪري، تو سٺائي جو رستو وٺڻ گهريو آهي ۽ تو اها ڳالهه ڪري، هڪ ته پنهنجو من هلڪو ڪيو آهي ۽ ٻيو اعتراف ڪيو آهي ته، انڪري، پالڻهار، توکي پنهنجي حفاظت ۾ رکندو، پر هڪ ڳالهه توکي چوندو هلان ته جيڪي به سچ جي راهه تي هلندا آهن، انهن کي تڪليفون اينديون آهن، ائين نه ٿئي جو تون تنگي ٿي، وري هٿيار ۾ هٿ وجهين، اهو ڪم ٻيهر ڪڏهن نه ڪجانءِ، هڪ دفعو تو اهو ڪم ڇڏيو ته هاڻي اهو وساري ڇڏ، تو ڪو اهڙو ڪم ڪيو هيو، الله سڻائي ڪندو، باقي تون سڀاڻي ساڳي وقت تي اچجانءِ ۽ توکي مان اهو ٻڌائيندس ته هاڻي اڳتي ڇا ڪرڻو آهي”. سائين شفن کي دلجاءِ ڏيندي چيو

ڪافي دير ٿي وئي هئي، ٻاهر ماڻهن جي پيهه ساڳي هئي، سائين، اٿيو ۽ شفن هن جي پيرن کي چمندي سائينءَ کان موڪلايو ۽ شفن جي اکين ۾ ايترو ٿڪ هيو، جنهن ۾ لڳو پئي هن جي اکين به هن جي من سان سوچيو هيو، تنهنڪري، سڀ ڪجهه ائين لڳي رهيو هيو، ڄڻ هن جي چهري تي لکجي ويو هجي ته هو هاڻي ٻيهر ڪو به اگرو ڪم نه ڪندو!

___________________________________________

نوٽ: هي ڪهاڻي ناهي، هي حق حقيقي خيال آهي، جنهن کي آکاڻيءَ واري انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي....... حسام ميمڻ

No comments:

Post a Comment