Friday, March 2, 2012

Iran-Pakstan Gasline and US


حسام ميمڻ

3 مارچ 2012

ايران-پاڪستان جي پائيپ لائين وارو مسئلو

هن وقت پاڪستان عجيب ۽ غريب صورتحال مان گذري رهيو آهي، ڇو ته واقعا ئي ڪجهه اهڙا ٿي رهيا آهن، مثال طور وحيده شاهه جي چماٽ جو نوٽس سپريم ڪورٽ ورتو آهي، جيڪو وحيده شاهه زندگيءَ ۾ سوچيو ئي نه هوندو ته ڪو ائين به ٿيندو، توڙي جو اليڪشن ۾ ان کان وڌيڪ خطرناڪ واقعا ٿيندا آهي، پر ماڻهو جڏهن red handed پڪڙجي پوي ته ڪجهه چئي نٿو سگهجي، سولي سنڌيءَ ۾ پوءِ ائين کڻي چئجي ته ڦٽي ٿي ته پوءِ بس ڦٽي ٿي. انکان علاوه شرمين عبيد چناءِ جا گيت پورو پاڪستان ڳائي رهيو آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شرمين کي، شرمين جي محنت ۽ پيار سان ڪيل پورهيو ڪم اچي رهيو آهي، پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته رياست ۾ عورتن سان جيڪو ظلم ۽ جبر ٿي رهيو آهي، ان تي خوش ٿيڻ گهرجي يا رنجيده؛ قانون جي هوندي سوندي به اهڙا واقعا ٿي رهيا آهن، ائين ٿيڻ نه گهرجي، شرمين محنت ڪئي، هن کي آسڪر ايوارڊ مليو آهي، جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي، پر اها ڳالهه چڱي ته ناهي ته عورتن جي مٿان تيزاب هاريو وڃي ۽ ڪائي شرمين انهن تي اسٽوري ڪري ۽ پوءِ سڀ تاڙيون وڄائين، واهه واهه پاڪساني ماڻهو آسڪر کٽي آيو ۽ ائين پاڪستاني ماڻهو ايوارڊ کڻندا رهن. ڪجهه وقت اڳ ميمو اسڪينڊل پوري ملڪ کي حيران ڪري ڇڏيو هيو، پوءِ وري اهو به ٿيو ته اين آر او وارو مسئلو وري ڪر کڻي جاڳيو، پر اهو به دلچسپ واقعو هيو، جڏهن ملڪ جو صدر بيمار ٿي پيو ۽ هو ٻاهر علاج سانگي ويو ته ماڻهو چوڻ لڳا ته صدر صاحب نه موٽندو، اهي ۽ اهڙا کوڙ سان واقعا ٿين ٿا، ڪي ڪجهه ڏينهن هلن ٿا پوءِ وري وسري وڃن ٿا، ڪي ٿورڙي دير تائين هلن ٿا، اهڙو ئي هڪ ٻيو جن متحده وارن بوتل مان ڪڍيو آهي ته ڪوٽا سسٽم بند ٿيڻ گهرجي ۽ open merit هئڻ گهرجي. هاڻي ڏيو منهن، هنن يارن کي به خاموش ويهڻ ته اچي ئي نٿو، ڪو نه ڪو اشو، مڙئي دونهين دکايو ويٺا آهن، ميرٽ وارو مامرو پهريان ائين لڳندو هيو ته جي ڪٿي, صلاحيتن وارودور نه هلندو هجي، پر اين جي اوز ۾ يا پرائيوٽ سيڪٽر ۾ هلندو هوندو، پر هاڻي اها سهڻي روايت اتي به دم ٽوڙيندي پئي وڃي. سڀني کي خبر هوندي ته آئين اسٽائين Theory of relativity وارو فزڪس جو نظريو ڏنو هو، پر اسان وٽ Theory of relatives واري ڳالهه هلي ٿي، پنهنجا پرستي، ڏنو پٽ ڇٽي جو، يا مفادن جو barter system مشق ۾ آهي. اهڙا کوڙ سارا گرم، نرم ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ مسئلا پاڪستان جي عوام کي پريشان ڪندا رهيا آهن، هاڻي ڪي مسئلا مختصر ٿين ٿا، ڪي جامع، ڪي جلد وقت جي دز ۾ دٻجي وڃن ٿا، پر ڪي وري مستقل ٿين ٿا. 1991 کان اڳ دنيا Bipolar هئي، يعني ٻن وڏن بلاڪن ۾ ورهايل هئي، 1991 کان پوءِ دنياUnipolar ٿي وئي آهي، هاڻي جتي ڪٿي آمريڪا بهادر جو راڄ آهي، ٽين دنيا جي ملڪن تي آمريڪا جو رعب ۽ دٻدٻو آهي ۽ هجي به ڇو نه، جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو نظام(survival of the fittest) ته صدين کان هلي رهيو آهي، سنڌ سڳوري ته هر وقت ڌارين کان لٽبي رهي آهي، ڇوته سنڌي ماڻهو پر امن ۽ مفاهمت سان رهندڙ قوم هئي ۽ آهي ۽ وري جيڪي پاڪستان ۾ ڏاڍا آهن، يا زورآور آهن، سنڌ انهن کي پنهنجي قدرتي وسيلن مان پاليندي رهي آهي، ڇو ته سنڌ به پاڪستان جي وفاق جي هڪ اڪائي (Unit) آهي. ڪي ته چون ٿا ته پاڪستان ته 1971 ۾ ئي ٽٽي چڪو هيو، ڇو ته ان وقت به ڏاڍي ۽ گابي وارو سلسلو هليو پئي، هن وقت بلوچستان جي صورتحال، ڪنهن کان ڳجهي آهي. بلوچستان جي مسئلي رياست جي مٿي ۾ هاڻي چڱو خاصو سور وڌو آهي، بلوچ اڳواڻ آزاد بلوچستان جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، انهن جا ڪيترائي ماڻهو غائب آهن، ڪي ٻاهر self-exile ۾ آهن. هن سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ اڊيال جيل مان کنڀيل 11 ڄڻن جي باري ۾ ISI ۽ ملٽري انٽيليجنس جي رپورت کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي چيو آهي ڳجهن ادارن جا اهلڪار پاڻ کي آئين ۽ قانون کان مٿانهون سمجهڻ ڇڏي ڏين. ڳجهيون ايجنسيون پنهنجو ڪردار ان حد تائين رکن جنهن جي آئين ۽ قانون اجازت ڏئي ٿو، ائين نه سمجهن ته هو بالاتر ۽ اسان ڪمتر آهيون. هن سموري ٿلهه ٻڌڻ جو مقصد اهو آهي ته پاڪستان ڪهڙن نه پيچيده مسئلن ۾ ڦاٿل آهي ۽ مٿان وري آمريڪا جي مستقل مفادن ملڪ کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، 9/11 جي واقعي کان پوءِ پاڪستان آمريڪا سان فرنٽ لائين تي War on Terror (دهشتگرديءَ خلاف جنگ) ۾ شامل رهيو آهي، جي پاڪستان آمريڪا سان نه بيهي ها ته کيس ڪا نه ڪا ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوي ها، انڪري، جنرل مشرف آمريڪا جو ساٿ پئي ڏنو، پر ايبٽ آباد وارو واقعو، يعني اسامه کي مارڻ وارو واقعو ڪيئن ٿيو، ڪا خبر ئي نه پئي، چڱو جيڪو ٿيو سو ٿيو، اسامه ماريو ويو، جنهن کي 9/11 جو مک ڪردار سمجهيو پئي ويو، پر پاڪستان ۾ ڊرون حمله اڃا تائين جاري آهن، بيگناهه ماڻهو ماريا وڃن ٿا، ان حوالي سان پاڪستان ڇا ڪري سگهيو آهي، ڇا هو آمريڪا کي ان ڳالهه کان روڪي سگهيو آهي، هي جيڪي پاڪستان جا ليڊر آهن، جن کي عوام ووٽ ڏئي ايوانن تائين پهچائي ٿو، انهن ڇا ڪيو آهي، پر پاڪستان جي هاڻوڪي کنيل قدم آمريڪا کي ششدر ڪري ڇڏيو آهي. هاڻوڪو کنيل قدم ايران-پاڪستان واري گيس پايئپ لائين لاءِ آهي،ان حوالي سان گڏيل آمريڪا جي اسٽيٽ سيڪريٽري هيلري ڪلنٽن چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ان پراجيڪٽ تي ڪم ڪيو ته ان جا نتيجا پاڪستان لاءِ تباه ڪن ثابت ٿيندا ۽ پاڪستان مٿان پابنديون (sanctions) لڳايون وينديون،۽ هيلريءَ اهو به چيو آهي ته پاڪستان کي اهو چڱيءَ ريت ٻڌايو ويو آهي ته ان جا نتيجا پاڪستان لاءِ اگرا نڪرندا، ڇو ته پاڪستان جي معاشي حالت اڳ ئي لوڏن ۾ آهي، جنهن لاءِ ڪلنٽن quiet shaky جو اصطلاح استعمال ڪيو آهي ۽ ان جي وڌيڪ حالت خراب ٿي ويندي، جي پابنديون لڳايون ويون. بقول هيلريءَ جي آمريڪا اڳ ئي پاڪستان جي توانائيءَ واري ڍانچي (energy infrastructure) جي حوالي سان ٽن سالن کان سهڪار ڪري رهيو آهي ته جيئن ايران-پاڪستان پائيپ لائين کان علاوه TAPI يعني ترڪمانستان، افغانستان، پاڪستان، انڊيا واي پائيپ لائين واري پراجيڪٽ تي ڪم ڪيو وڃي. هيلري ڪلنٽن Congressional Panel کي اڳ ئي اهو ٻڌائي چڪي آهي ته پاڪستان ان سلسلي ۾ پيش رفت ڪري رهيو آهي ته افغانستان ڏانهن منتقل ٿيندڙ Fertilizers کي منتقل ٿيڻ کان روڪيو وڃي، ان Fertilizers مان ئي IEDs يعني Impoverished Explosive Devices ٺاهيا وڃن ٿا، اهو مادو ئي گڏيل آمريڪا جي لاءِ مک هاڃيڪار سببن مان هڪ آهي ، پاڪستان کي ان سلسلي ۾ اڃا گهڻي سهڪار ڪرڻ گهرجي. هيلري ڪلنٽن اهو به چيو آهي ته 2011 ۾ پاڪستان ۾ 1966 دهشتگرد حملا ٿيا، جن جو نتيجو اهو آيو ته 2391 ماڻهو ماريا ويا ۽ ان جو مک ڪارڻ IEDs ئي آهي، تنهنڪري، اهو مادو نه رڳو آمريڪي سولجرز لاءِ افغانستان ۾ موت جو ڪارڻ آهي پر پاڪستانين لاءِ به هاڃيڪار آهي. اها ڳالهه لنڊن ۾ پاڪستان جي فارين منسٽر حنا رباني کر سان به ڪئي وئي هئي. هيلريءَ جي ان حوالي سان، جيڪڏهن ڪنهن کي وڌيڪ تفصيل ڄاڻڻي هجي ته دي نيشن جي هن لنڪ تي وڃي:

http://www.nation.com.pk/pakistan-news-newspaper-daily-english-online/national/01-Mar-2012/us-threatens-pakistan-with-sanctions-over-iran-gasline

آمريڪا ڪجهه به ڪري، ڇا به ڪري، پر هڪ ڳالهه اهم آهي ته هو هميشه پنهنجي مڃرائيندو آهي، ڇو ته هو ڏاڍو آهي، ۽ هن دفعي پاڪستان به اهو طئه ڪيو آهي ته گيس پائيپ لائين تي ايران سان ڪم ڪيو ويندو، جيستائين نتيجن جو تعلق آهي ته اهو ته وقت ٻڌائيندو ته ڇا پيو ٿئي، پر جيڪڏهن پاڪستان جو ڀلو ٿئي ٿو، اهو گيس پائيپ لائين ٻن ملڪن کي فائدو ڏئي ٿو ته پوءِ آمريڪا جو ڪهڙو نقصان ٿيندو، ان سلسلي ۾ ايترو چئي سگهجي ٿو ته ڊرون حملا ٿين ٿا، بيگناهه ماڻهو مرن ٿا، جڏهن ته ايبٽ آباد وارو واقعو به ٿي چڪو، اسامه بن لادن به مري چڪو، پوءِ به آمريڪا ڊرون حمله ڪرڻ کان نه رڪيو آهي ته ان جو سڌو سنئون مقصد اهو ئي آهي ته اهو خطي ۾ پنهنجي لنڪ ختم ڪرڻ نٿو چاهي، ڇو ته ايران به کيس ڪو گاهه نه وڌو آهي، ۽ هيڏانهن چائنا سان پاڪستان ٺيڪ ٺاڪ تعقات ۾ آهي ۽ هاڻي ته انڊيا سان به واپار جي حوالي سان پيش قدمي ٿي رهي آهي.

آمريڪا اهو پهريون ڀيرو نه ڪري رهيو آهي ته توانائيءَ جي حوالي سان ايران يا پاڪستان جي وچم جيڪا گيس پايئپ لائين جي پيش رفت ٿي آهي ۽ هو ان کي نه روڪي، بنيادي طور آمريڪا ايران تي حملو ڪري، سائوٿ ايشيا جي ملڪن کي مانيٽر ڪرڻ ٿو گهري، انڪري، مائي هليري ڪانگريس جي خطاب ۾ ايترو ڪجهه پاڪستان ۽ ايران جي حوالي سان ڳالهايو آهي ۽ پاڪستان کي داٻا ۽ دڙڪا ڏنا آهن پر جي سڄي عمر ماڻهو ائين ڏڪندو رهيو ۽ کل بچائيندو رهيو ته پوءِ ملڪ ڪٿان ترقي ڪندو، پاڪستان جو ايران سان گيس پائيپ لائين واري پراجيڪٽ تي پيش رفت هڪ چڱو ڪم آهي، توڙي جو آمريڪا کي پتو آهي ته 180 ملين آباديءَ وارو ملڪ پاڪستان، جيڪو آباديءَ جي حوالي سان دنيا ۾ ڇهين نمبر تي آهي، انکي توانائيءَ جي وسيلن جي اشد ضرورت آهي، پوءِ به روڙا اٽڪائي رهيو آهي ته جيئن پنهجا ڏور رس مفاد ماڻي سگهي؛ اها ئي اها ڳالهه آهي، جيڪا مٿي ٿي چڪي آهي ته ڪي مفاد وقتي ٿين ٿا ۽ ڪي مستقل، آمريڪا جا سائوٿ ايشيا ۾ مستقل مفاد آهن، جن جي ڪري، هو ڪڏهن ٿڌو ٿئي ٿو ۽ ڪڏهن داٻا ڏئي ٿو. پر وري به اهائي ڳالهه ته اسان جا حڪمران، ڪجهه ته عوام جو ڀلو ڪرن، اڳ ۾ ئي ان خبر ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي ته بجليءَ جو اگهه وڌي ويو آهي، اهڙي حالتن ۾ مونکي شيخ اياز جي استاد کيئل داس فانيءَ جو شعر ٿو ياد اچي ته:

نرگسي نيڻن مان نڪري نير ٿو

ڪيئن نه پلڪن مان ڇڻي پوندو ڪجل

memonhisam@yahoo.co.uk

No comments:

Post a Comment