Thursday, March 15, 2012

Cruel (short story) by Hisam Memon



هن ماڻهوءَ تي مان ڇا ڳالهايان، قد جوبندرو، رنگ جو ڪارو، نرڙ ۾ گهنج، پيٽ دلي وانگر ٻاهر نڪتل، جهيرون جيهرون سگريٽائي چپ، وار ائين ڄڻ ڄاهو، هلندو ائين ڄڻ لڌڙو اڳيان پئي ويو. ڳالهائيندو ائين ڄڻ سڀڪجهه هي ئي ڄاڻندوهجي، هن کان ڪم ٿيندو ناهي، پر ڪم جي نالي تي سڄي عمر قرض وٺڻ هن پنهنجو شيوو بڻائي ڇڏيو آهي.

ڪڏهن ڪڏهن ناس ڇڪي مٿي ڪري وڏا ساهه کڻندو، ته بڇان پئي لڳندي، مهذب ٿيڻ جي ايتري ڪوشش ڪندو، جو مهذب ماڻهو هن کي ڏسي گهٽي مٽيندو. هن جي پوري شخصيت بيڪار، گيدي، ۽ واهيات وارتائن سان ڀري پئي آهي.

شراب نوشي ته ائين پيو ڪندو، ڄڻ ڇٽيءَ واري ڏينهن کيس ماڻس کير بدران شراب ڏنو هجي، پئسا هجن يا نه هجن، پر ياريءَ جو ڪوڏيو، پيو نوسيندو ته ڪو يار ملي ته ڊاڙون هڻي، خوشامد ڪري، ڍڪ ڏوڪجي، نه ته کيس ننڊ نه ايندي.

جوان ڌيئر ٿي ويون، زال رڙندي رهي ۽ منٿون ڪندي رهي ته هي ڪجهه ڪمائي، پر مجال آهي جو زال جو ڪو سڏ ورنائي، جي رچڪي اچي وڃيس ته جوءِ کي ٻه پادر هنيو وٺي ۽ چوي ته : “سڄو ڏينهن هن پيٽ ۽ ٻچڙن جي ڪري ئي ته ڀٽڪي ڀٽڪي گهر اچان ٿو، هتي اچان ٿو ته تنهنجا ترڪتال ۽ نمونا آهن، ڪاڏي وڃان، ڇا مونکي احساس ناهي ته گهر آهي، ٻار آهن، اٿڻو ويهڻو آهي، زمانو آهي”

جوڻس اهڙا ڪرتوت ڏسي ڏسي پهريان ته اهو سمجهيائين ته اڄ ڳالهه جو ڇيهه ٿيندو، هاڻي ائين نه ٿيندو، پر روز لاٽونءَ جا چگهه ساڳيا، روز اهو ئي ڪوڙ، روز اها ئي ڳالهه ته ٻچن لاءِ سوچي ٿو، نيٺ، ان حالت مان بر ٿي، جوڻس هن کي ڇڏڻ جو وچن ڪيو۽ هڪ ڏينهن ٻچا کڻي هلي وئي.

بس پوءِ ته هن جا راڙا هجن، ته هن سان زيادتي ٿي آهي، هيڏي ويو، هوڏي ويو، پر هن جي هڪ نه ٻڌائون، سڀني مائٽن کي به پتو هيو ته اهي رينگٽ گهڻا ٿيا، جيڪا ڳالهه هلڻي ئي ناهي، ان کي ڇو هلائجي. سڀني کيس جواب ڏنو پوءِ ٿيو ڇا هي پهريان جوءِ کي چوندو هيو ته هو ڏنيهن رات هڻ هڻ ڪري ٿو، ڪم نٿو ٿئي ان ڪري پريشانيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ شراب ڏوڪي ٿو، پر پوءِ وري زماني کي چوڻ لڳو ته هو جوءِ ۽ ٻچن جي ڇڏي وڃڻ جي ڪري درد ۾ شراب پيئي ٿو. هو پنهنجي حرڪتن کان باز نه آيو، ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگهه، جنهن گهر ۾ ٻار هوندا هيا، اتي هن جا يار، شراب، سگريٽن جا سوٽا ۽ رنڊيون اچڻ ۽ وڃڻ لڳيون. سڄو پاڙو کانئس نفرت ڪري ٿو، پر ڪير ڪجهه چئي نٿو سگهي، زمانو ئي اهڙوٿي ويو آهي، جو هر ماڻهو پنهنجي کل بچائڻ ۾ لڳو پيو آهي.

اهي سڀ ڳالهيون ڏسي، احمد حيران هو ته آخر هن کي زال ڇڏي ڇو وئي، هن وجهه وٺي هڪ ڏينهن جوسي کان پڇيو ته : جوسا! آخر ڇا ماجرا هئي، جو هن مسڪين سان ايڏي زيادتي ٿي؟”

جوسي وٽ ٺهه پهه جواب هيو ته: “يار احمد! ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين، ان سان جيڪو ٿيو، صحيح ٿيو، بلڪه هن کي ته ڦاهيءَ تي لٽڪايو وڃي ها، تڏهن به گهٽ هيو، هيو ئي بي غيرت، منهنجو وس پڄي ته گولي ئي هڪ هڻانس، ڪتي..........”

جوسي جي اها غير متوقع ڳالهه ٻڌي احمد کي ڏندين آڱريون اچي ويون ۽ هوششدر ٿي ويو ۽ هوش جهليندي وري جوسي کان پڇيائين:

“آخر ڇا مامرو آهي؟”

جوسي جي اکين ۾ باهه هئي، هن وڏو ساهه کڻندي ٻڌايو: “هڪ ڏينهن مان پنهنجي دڪان تي ويٺو هوس ته هن جي ننڍڙيءَ جو فون آيو، جنهن جي عمر سترنهن سال کن ٿيندي، مونسان ماما ڪري ڳالهائيندي آهي، انتهائي نيڪ صفت ڇوڪري آهي، مونکي چيائين ته ماما اسانواري گهر ۾ اسانجو ڪجهه سامان رهجي ويو آهي، اهو مهرباني ڪري، ڪنهن جي هٿ موڪليو يا پاڻ ڏئي وڃو ته مهرباني. ٻيو ڪو اهڙو ماڻهو سجهي ئي نه پيو، جواهو ڪم ڪنهنکي چئجي. هن ڳالهايو ته موقعو وٺي مون کيس چيو ته بابا پيءُ سان ائين ناهي ڪبو، هاڻي ناراضگي گهڻي ٿي وئي، بس، ڳالهه ختم ڪري هليا اچو گهر پنهنجي. هن منهنجي ڳالهه ٻڌي ڪري چيو ته ماما ڇا اسان ان گهر ۾ اچون جتي، روز منهنجي ماءُ گاريون ۽ ماران کائي، ۽ اسان کي اسڪول ڪاليج جي فيس ته ڇڏيو پر ڪڏهن ڪڏهن ته ٽي ويلا ماني به نصيب نه پئي ٿي ۽ جڏهن به هن کي ڪجهه ڪرڻ لاءِ چئون ته اها حالت ٿئي، هن کي ڪو احساس ئي ننه هيو اسانجو. مان وري ڳالهه کي لنوائيندي کيس چيو، پٽ پوءِ به آهي ته بابو نه، بابي سان حساب ٿيندا آهن ڇا؟

منهنجي اهڙيون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي هوءَ جذباتي ٿي وئي ۽ روئڻ لڳي پوءِ روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين ته ماما اهي سڀ شيون ته سالن کان برداشت ڪيون پيا، پر اهو برداشت ڪيئن ڪجي جو نشن ۾ رات جو دير سان اچي مونکي ڇڪي ڀاڪر پائي ۽ چوي ته ڪنهن کي خبر نه پوندي ته تون، هلي آءُ، اچ، جهٽ گهڙيءَ جي ته ڳالهه آهي، جهٽ گذري ويندي. ماما، هو پيءُ ناهي، هو وحشي آهي ۽ وحشين سان گڏ ناهي رهبو. اها ڳاهه ٻڌي منهنجي ته پيرين مان زمين ئي نڪري وئي، ڪا ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه پئي آئي، ته ڇا چوان؟!

منهنجي ته ڪل ئي ٿڙي وئي ۽ سوچيو ته اهڙا مررون به اسان جي سماج ۾ رهن ٿا، اهو ئي سبب آهي ادا احمد! هن وحشيءَ کي ٻار ٻچا ڇڏي ويا آهن.”

احمد اها ڳالهه ٻڌي پاڻ کي آڱر ۾ چڪ پاتو ته شايد هو ڪو ڀوائتو خواب ڏسندو هجي، پر اها حقيقت هئي، احمد کي به ڪاوڙ ۾ جذباتي ٿي ويو ۽ ڏند ڪرٽيندي، هٿ ڀڪوڙيندي جوسي کي چيائين:

“صحيح ٿو چوين جوسا! اهو پيءُ نه پر وحشي آهي ۽ جانور آهي، هي واقعي ڦاهيءَ جو حقدار آهي! ڪتي...........”

No comments:

Post a Comment