Saturday, March 3, 2012

Only Slogan - Long live Kamario!

حسام ميمڻ

4 مارچ 2012

هڪ ئي نعرو، جيئي ڪماريو

اهو جولاءِ 2011 جو مهينو هيو، مان شڪارپور کان لاڙڪاڻي وڃي رهيو هوس، ڳڙهي ياسين ۾ پهتس ته هڪ ڀت تي هڪ نعرو لکيل هيو، جيڪو مونکي ذهن تي رٽجي ويو....

"هڪ ئي نعرو، جيئي ڪماريو"

پوءِ مان لاڙڪاڻي ۾ 15 ڏينهن کن رهيس، رات جو اڪثر واهه جي ڪپ تي وڃي دوستن سان چاءِ پيئندو هوس، اتي هر هر اهو خيال ايندو هوم ته جيڪڏهن اهڙو واهه ڪنهن ٻاهرين ملڪ ۾ هجي ها ته ڪيڏو خوبصورت بڻايو وڃي ها ان کي، ٻئي پاسا جل ٿل، چهچ ساوا، وڻن ۽ ٻوٽن سان سجايل هجن ها ۽ رات جو جِهر مِر روشنيون هجن ها، پر هي لاڙڪاڻو آهي، جيڪو سنڌ ۾ آهي، انڪري اهڙي توقع سنڌ جي ڪنهن شهر مان رکي نٿي سگهجي، ڀلي، ڇا ٿيو، جي، اهو شهر محترمه جي شهادت کان پوءِ ملڪ جي صدر جو شهر به ٿي ويو آهي يا محترمه جي ڪري، هي شهر پي پي جو ڳڙ به آهي!

ڪالهه هڪ دوست صبح صبح جو فون ڪري ننڊ ڦٽائي، پڇيو مانس: “ڇو فون ڪيو اٿي هن مهل جو”

چيائين: “وڃان پيو ڪنهن ڪم سان، هڪ گاڏيءَ تي لکيل هيو “هڪ ئي نعرو، جيئي ڪماريو“، اهو ڏٺو ته تون ياد اچي وئين، سوچيو ته فون ڪيان”

3 comments:

  1. ڪراچيءَ جون ڀتيون به ڪيترن ئي نعرن سان ۽ سياسي بيانن سان ڀريل آهن، ان شيءِ کي ڏسي، مان پنهجو سبجيڪٽ علم سماج وري ڌيان سان پڙهندو آهيان، ۽ سماجي تبديلي ۽ ڪلچر کي ورجائي ورجائي پڙهندو آهيان

    ReplyDelete
  2. پيارا حسام هاڻ توهان صحيح ڪم ڪيو آهي مواد به محفوظ ٿي ويو.۽ توهان جي ڳالهه به اسان تائين پهچي وئي توهان جي پيرن جي خاڪ مشت جوکيو شفيق احمد

    ReplyDelete
  3. سائين شفيق، مان ڪجهه به ناهيان، بس، دل۾ جيڪو اچي ٿو، اهوچئي ٿو ڏيان، گهڻِ ڪوشش ڪيان ٿو ته نه چوان پر وري به لکي ٿو وڃان. فيس بوڪ کي شاعر حضرات ضرور هڪ ڏينهن بند ڪرائيندا، انڪري، بلاگ جو هجڻ ضروري سمجهيم. باقي اوهان ايڏا وڏا لفظ چيا آهن، يقين ڪيو، اهي منهنجي لاءِ وڏا لفظ آهن جيڪي اوهان مون لاءِ چيا آهن.ان لاءِ مون وٽ عاجزي آهي، بس ايترو ئي چئي سگهان ٿو مهرباني ۽ لک لائق سائين.

    ReplyDelete