Sunday, November 4, 2012

In the gloaming


شام جو منظر

هيءُ شام جو منظر آهي، اوهان هن کي سانجهي به چئي سگهو ٿا، چوڻ وارا هن کي مغرب به چئي سگهن ٿا ته غروب به ۽ غروب آفتاب به، جنهن وقت سج لهندو آهي، رات پنهنجا پر آهستي آهستي ڦهلائڻ شروع ڪندي آهي

(توڙي جو سائنسي حوالي سان سج ڪڏهن به لهندو ناهي، پر زمين پنهنجو چڪر پورو ڪندي آهي، پر اسان وٽ سج لهڻ اصطلاحي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ هر ماڻهو سمجهندو آهي، انڪري سج لهڻ ئي بهتر آهي)

جنهن وقت سج لهندو آهي ته اسين هن کي سانجهيءَ جو وقت چوندا آهيون، ان شام جي لاءِ ، ان لهندڙ سج واري منظر لاءِ انگريزيءَ ۾ پهريان گهڻو ڪري gloaming لفظ استعال ٿيندو هيو، ۽ اصطلاحي ۽ شاعراڻي انداز ۾ ان کي In the gloaming استعمال ڪيو ويو آهي

هاڻي اهو لفظ گهٽ استعمال ٿيندو آهي، پر پوءِ به ڪرڻ وارا ڪرن ٿا، ان شام جي حوالي ، ان سانجهيءَ جي حوالي سان انگريزيءَ ۾ ڪيترائي، ان لفظ جا هم معنيٰ لفظ استعمال ٿين ٿا. جهڙوڪ:

Crepuscle
Crepuscule
Dusk
Evenfall
Fall
Twilight
وغيره

1997 ۾ in the gloaming جي سري هيٺ HBO تي فلم به پيش ٿيو هيو، جنهن جو ڊائريڪٽر Christopher Reeve هيو

In the gloaming جي ئي سري هيٺ Evelyn Tubb هڪ ڳانو به ڳايو آهي

هڪڙو بلاگ آهي، جيڪو هر آچر تي اسڪاٽلينڊ جي شام جون تصويرون هلائيندو آهي، ان جو مسقل عنوان آهي in the gloaming

هي مثال مان انڪري ڏيان پيو جو ڪيترائي ماڻهو چون ٿا ان لفظ جو ڪو دور هيو، پر مٿي مون تازا تازا مثال ڏنا آهن، مطلب اهو لفظ اڃا استعمال ۾ آهي

نوٽ:

Gloam اسم طور به استعمال ٿئي ٿو ته فعل طور به

لفظ جو استعمال:

I met her in the gloaming, he was looking beautiful
They left us in the lurch in the gloaming
There was no Gloam and dusk for you and me
 _________
حسام ميمڻ
4/11/2012




Saturday, November 3, 2012

Bald man prepares to leave for Europ


ٺوڙهي جا يورپ لاءِ سانباها
================
 ڪالهه جڏهن مان پنهنجي ٺوڙهي دانشور دوست کان اهو پڇيو ته آخر ڇو هو يورپ وڃڻ جا سانباها ڪري رهيو آهي ، هو جهڙوڪ کي نيوڪليئر بم وانگر ڦاٽي پيو.

 چوڻ لڳو:

 اوهان ڪجهه ڪنهن کي نه چئي سگهو،
اوهان ڪجهه ڳالهائي نه سگهو
اهو به ڪو سماج آهي
جتي شاعرن کي پيءَ جي پراپرٽي سمجهي ڇڏجي
جتي آرٽسٽ والد مان اولاد ڪمائڻ جو سوچي
جتي سچ لکڻ کي عيب سمجهيو وڃي
اهو به ڪو سماج آهي
ڇا اهو به ڪو سماج آهي
جتي هرڪو فني خان ٿيو هلندو وتي
چار چڱيون ڳالهيون ڪيو ته اوهان گاريون کائو
اهو به ڪو سماج آهي
جتي غنڊا شهپر وٽي گهمندا وتن
۽ بيغيرت ماڻهوءَ جي عزت هجي
پاڻ ٻڌايو ته مان يورپ ڇو نه وڃان
ڇا رکيو آهي هن سماج ۾
امن ڪونهي
شانتي ڪونهي
طالبنائزيشن حد ڪري ڇڏي آهي
ڪراچي ڪجهه غندن جي ور چڙهيل آهي
اتر سنڌ ڌاڙيلن ۽ بدمعاسن جي ور چڙهيل
معصوم جانيون ماري جنهن سماج ۾ ماڻهو
فخر محسوس ڪن
مان اتي نه رهندس
ڀلا ڇو رهان
ڪهڙي پئي آهي
جو ڪنهن شاهينگ جو کاڄ ٿيان
جان هر ڪنهن کي پياري آهي
ڊانس ڪيو ته خراب
باقي پاڻ ويٺا مجرا ڪن
شراب ڏوڪين
نه هتي فن جو قدر آهي
نه انسان جو!

منهنجي دانشور ٺوڙهي دوست انتهائي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، هو سچ ته ڪاوڙ ۾ هيو، ڇو ته هو مسلسل ماڻهن جي اجائي قهر جو شڪار ٿئي ٿو، هو ٺوڙهو آهي، قدرتي ٺوڙهو ٿيو آهي، هن کي ماڻهن ٺوڙهو ٺوڙهو چئي هن جو نڪ ۾ دم ڪيو اٿائون. جڏهن ماڻهوءَ جي تذليل ٿئي ته اهو ڪيئن رهندو، ڪيترو رهندو، سچ ته کيس وڃڻ گهرجي، مان نٿو چاهيان ته مهنجو دوست آفتن ۾ هجي، اسين هتي ڪافي آهيون، جيڪي آفتن جا عادي ٿي ويا آهن

چڱو اي منهنجا پيارا دانشور دوست، ائين نه سمجهجانءِ ته مان توکي وساري سگهندس، مان جيستائين جيئرو آهيان، تنهنجا گيت ڳائيندو رهندس
چڱو ۽ منهنجا پيارا دوست
_______________
حسام ميمڻ
4/11/2012

Confucious Says


Some days back I was reading a book "sayings of Confucious", I wanted to share thsoe classic sayings by turn with friends, but I have receive eamil today under the title of "Confucious Says", there are some of his sayings in email, hope this will not be a spasm and friends will enjoy to read the wise sayings by Confucious as following:


Nail on board is not good as screw on bench.

Man who sucks nipples, make clean breast of things.

Girl, who slides down bannister, makes monkey shine.

A streaker is someone who is unsuited for his work.

He, who refuses to listen, is lying.

Man, who dates dynamite lady, gets big bang out of her.

"He who seeks revenge should remember to dig two graves."

It is better to be looked over than overlooked.

Never have sex with a stranger unless you are stranger than them.

Abstain from wine, women, and song; mostly song.

____________
Hisam Memon
4/11/2012

Some common words in English


ڪجهه عام ۽ خاص لفظ

گهڻائي ماڻهو ننڊ ۾ ڳالهائيندا آهن، ان کي somniloquy چئبو آهي
سولي انگريزيءَ ۾ ان کي Sleep talking به چئي سگهجي ٿو
يا انگريزيءَ ۾ هئين به چئي سگهجي ٿو:
Uttering speech while asleep
ننڊ ۾ ڳالهائڻ

ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پاڻ سان به ڳالهائيندو آهي، جنهن کي خود ڪلامي چيو ويندو آهي انکي انگريزيءَ ۾ soliloquy چيو ويندو آهي . اوهان ان کي سادي انگريزيءَ ۾ self talking به چئي سگهو ٿا

ڪي ڪي ماڻهو ننڊ ۾ گهمندا آهن، ان عمل کي
somnambulism چيو ويندو آهي، ان لاءِ ٻيو لفظ به استعمال ٿيندو آهي noctambulism پر سادي انگريزي ٻولي ۾ اوهان ان عمل کي Sleep walking به چئي سگهو ٿا

ڪي ڪي ماڻهو ڏينهن جو به خواب ڏسندا آهن، عام طور تي اهڙن خوابن کي ڪوڙا خواب به چيو ويندو آهي، انگريزيءَ ۾ اهڙن خوابن لاءِ Day dreaming لفظ استعمال ٿيندو آهي، اصطلاحي معنيٰ ۾ ان جي معنيٰ ٿيندي ڪوڙي ڳالهه

ڪي ڪي ماڻهو ڀوائتا خواب به ڏسندا آهن، اهڙا خوابن کي Nightmare چئبو آهي

حسام ميمڻ
3/11/2012

Phrases


اڌوري چوڻي -  Phrase

سجاد!

 مان سمجهان ٿو فقره جو مطلب آهي جملو، جيڪو پوري معنيٰ ڪڍي، پر phrase پوري معنيٰ نه ڪڍندو آهي،
  اهو بين لفظن کان سواءِ اڌورو هوندو آهي، اهو اڪثر اصطلاحي انداز ۾ استعمال ٿيندو آهي، ته پوءِ پاڻ ان کي اصطلاح چئون ته بهتر، يا “اڌوري چوڻي“ چئون ته اڃا بهتر، پر پاڻ ان کي محاورو به چئي سگهون ٿا، پر مان ان شيءِ کي ترجيح ڏيندس ته اسين ان کي ”اڌوري چوڻي“ چئون، پهاڪو اڃا ٻي شيءِ آهي

About جيترو سولو نظر اچي ٿو، مونکي ايترو ئي ڏکيو به لڳندو آهي، ان جا گهڻا ئي رنگ ۽ ڍنگ آهين، اهو 

فعلي طور به استعمال ٿئي ٿو،
حرف جر واري انداز ۾ به 
ظرف واري انداز ۾ به
 ۽
صفت واري انداز ۾ به

About تي ڪڏهن لکبو، پر جيستائين لفظ جو تعلق آهي ته اوهان جڏهن به phrases هتي ونڊيو ته”اڌوري چوڻيون“لفظ استعمال ڪيو ته بهتر، اهو ضروري ته ناهي ته بازار ۾ جيڪي گرامر جا ڪتاب آهن، خاص طور تي اهي ڪتاب، جيڪي سنڌيءَ ۾ انگريزي سيکارن ٿا، سچ ته انهن اسان جي نسلن سان مذاقون پئي ڪيون آهن، اسين انهن جي لفظن کي ڇو ڀلا اڃا تائين طوق سمجهي پائي گهمندا وتون

انهن گرامر جي ڪتابن کي غور سان ڏسو، سچ ٿو چوان، انهن ڪڏهن گرامر لفظ جي معنيءِ به نه ڏني آهي ته گرامر چئبو ڇا کي آهي، سڀ ويٺا چوندا ته
اوهان کي گرامر ايندو آهي؟
 سائينءَ جو گرامر تمام سٺو آهي
 فلاڻو گرامر جو ماهر آهي
اهڙا جملا عام استعمال ٿيندا ، پر اهي گرامري استاد ڪڏهن به مان نه ڏٺو آهي ته گرامر جي باري ۾ ٻڌائن ته

بابا گرامر لفظ کي سنڌيءَ ۾ ”ويا ڪرڻ“ چئبو آهي

انڪري سجاد سائين

 اسين ڪوششون ڪيون، جيترو ٺيڪ ڪري سگهون، باقي جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي يا ته ڪو ڏاهو ٻڌائي اسانکي يا ته وري پوءِ لڪير جا فقير، جيستائين ڳالهه سمجهه ۾ اچي

3/11/2012

Understanding "Asterisk"


Asterisk – ننڍو ستارو
 
ادا وفا منور

ايسٽرڪ   (Asterisk) جي نشاني پرنٽنگ ۾ گهڻي استعمال ٿيندي آهي ۽ خاص طور ڪتابن جي فوٽ نوٽس ۾، جيڪڏهن ڪا اضافي ڳالهه ٿيل هجي ته ايسٽرڪ هڻي ڪري حاشيي ۾ لکيو ويندو يا ڪا ڳالهه يا ڪو نڪتو ڪڍيو ويندو آهي ته ان جي وضاحت لاءِ به حاشيي ۾ ساڳي نشاني ڏني ويندي آهي ته جيئن پڙهندڙ کي خبر پوي.

جن جو شوق مطالعو آهي، انهن کي ضرور ان شيءِ جي خبر هوندي، گهڻن کي انڪري خبر نه هوندي ،  ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه موبائيل جو استعمال نوجوان گهڻو ڪن ٿا ان ان ۾ اسٽار جو استعمال گهڻو ٿيندو آهي، ۽ غلط ناهي، وقت سان ڪيترائي لفظ تبديل ٿي ويندا آهن،  پر بنيادي طور ايسٽرڪ جي معنيٰ آهي ئي اسٽار يعني تارو يا ستارو

Asteriko يوناني لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ  اهي”ننڍو ستارو“ ۽ اهو لفظ Aster جي ننڍي شڪل آهي، ۽ Aster جي معنيٰ آهي ستارو يعني هڪ عام ستارو، جيڪو نه ننڍو هجي نه وڏو بس ستارو.

اهو به ٻڌائيندو هلان ته Aster مان Astro وري پوءِ Astrology يعني ستارن جو علم. اميد ته ان ڳالهه کي هينئين سان هنڊائيندا

حسام
3/11/2012

Friday, November 2, 2012

The meaning of "SWAY"


SWAY
=======
هي عجيب لفظ آهي، جيڪو مونکان اڪثر وسري ويندو آهي  ۽ سچ ته هڪ شاندار لفظ آهي، نه رڳو فعل طور استعمال ٿيندو پر ان جو اصطلاحي استعمال به زبردست آهن

 Swayفعل طور استعمال ٿيندڙ:  جهولڻ, جهلڻ، لڏڻ، لمڪڻ، اڳتي پوئتي اچڻ وڃڻ، جيئن ماڻهو ٻيريءَ ۾ هيڏي هوڏي ٿيندو آهي، يا گل هوام ۾ لڏندا آهن    وغيره

ياد رهي ته فعلي لازم  (intransitive)  طور استعمال ٿيندڙ  فعل آهي هي ، مطلب هن سان ضروري ناهي ته مفعول يعني Object به استعمال ٿئي، هي فائل يعني subject سان ئي پنهجو مطلب پورو ڪندو آهي، مثال طور

Flowers sway in the wind
گل هوا ۾ لڏن  ٿا

ٻيڙي لڏي رهي آهي
The boat is swaying

Sway هن فعلي جي ٻي معنيٰ آهي، اثر وٺڻ. اثر انداز ٿيڻ. داٻي ۾ اچڻ وغيره
جيڪڏهن هي فعل ان مفهوم ۾ استعمال ٿئي ته پوءِ هن فعل کي object يعني مفعول جي ضرورت پوندي آهي ۽ پوءِ هي فعل Transitive فعلي ٿي ويندو.

مثال طور:

People of power often hold sway over their followers
طاقت وارا ماڻهو اڪثر پنهنجي پوئلڳن تي اثر رکندا آهن يا وجهندا آهن

You are easily swayed
تون جلد متاثر ٿي ويندو آهين
يا
توتي ٻين جو جلد داٻو پئجي ويندو آهي
يا
تون آسانيءَ سان اثر قبوليندو آهين

Don’t allow yourself to be swayed by his promises
پنهنجو پاڻ کي ايترو ڇيڪ نه ڇڏ جو هن جي واعدن کان متاٿر ٿئين يا اثر قبولين
_____________
اصطلاحي استعمال

Hold sway
 (اسم طور استعمال ٿيندڙ يعني noun طور

سياست ۾ اڃا پراڻي روين جو اثر آهي
Old attitudes still hold sway in the politics

To bear sway
 معنيٰ حڪراني ڪرڻ  (to rule or to govern)
____________
To be under one’s way
She was completely under his sway
هوءَ مڪمل طور هن جي اثر هيٺ هئي

جهاز جي لوڏ
The sway of the ship
_________
ڪجهه ڏاهن جا مثال:
شيڪسپيئر جي هڪ سٽ آهي:
Hast thou swayed as kings should do
ڇا تو ائين حڪراني ڪئي آهي، جيئن بادشاهن کي ڪرڻ گهرجي

سر فرانسس بيڪن جو هڪ ننڍڙو جملو آهي
The balance sways on our part
يعني توازن اسان واري پاسي ڏي لڙڪي ٿو، (جيئن تارازيءَ جو پڙ لڙڪندو آهي)

اسپينسر  جو سٽون آهن ته:

As sparkles from anvil rise,
When heavy hammers on the wedge are swayed

جيئن سنڌاڻ مان چڻنگون اڀرن ٿيون
جڏهن ڳرا هٿوڙا لوهه جي ڳٽڪي تي پون ٿا ته تڙڪي وڃن ٿا

شيڪسپيئر:
The will of man is by his reason swayed
ماڻهوءَ جي مرضي ماڻهوءَ جي دليل مان اثر وٺندي آهي

شيڪسپيئر:
She could not sway her house
هوءَ پنهنجي گهر ظابطي هيت نه رکي سگهي

ڊرائيڊن چيو آهي ته:
This was the race to sway the world, and land and sea subdue
اهو ئي نسل هيو، جيڪو دنيا کي ضابطي هيٺ آڻي ۽ زمين تي به ۽ سمنڊ کي فتح ڪري
__________________
اميد مونسان گڏ بين دوستن به هن لفظ کي سکيو ۽ مزو ورتو هوندو، جڏهن لفظن جي درست معنيٰ ايندي آهي ته ڪيڏو سٺو لڳندو آهي، سچ ۾ پاڻ کي ماڻهو شاهوڪار محسوس ڪندو آهي

حسام ميمڻ
3/11/2012