Friday, November 2, 2012

I'm the dust of your feet O Mother !


I'm the dust of your feet O Mother !
=======================

Mother is matchless on the Earth
it has no alternate
I nothing have seen good
but this entity
She is my goddess
I am the dust of her feet
She doesn't count her favors
Whenever she gave
even without demanding
I'm the dust of her feet
She grew me
with fathomless love
prayed me
wept for me
thought good every moment,
even I might have failed
to come up his hopes
I'm thankful to the best writers
I have been reading for the years
still now
I have met many good persons as well
but she is matchless
She keeps no alternate
I am the dust of her feet
I will be orphan
If you passes away
O mother
I am will be disintegrated
If you leave me
O mother
My goddess
stay with me
Love you
fathomless love for you
O my mother
Stay with me
Or
Take me with you
'Cause, I am the dust of your feet
Let me stuck with your feet please
Don't discard me
Never discard the dust
I will keep on kissing your feet
O mother
Don't leave
Love you
I'm nothing without you
I will be orphan without you
Do me a last favor
Stay with me
Love you mother
I am the dust of your feet

Hisam Memon

2/11/2012

Thursday, November 1, 2012

Trip to Mirpur Buriro and free verse of Zuabir Soomro



Trip to Mirpur Buriro and free verse of Zuabir Soomro
==================================

Many years back I went Mirpur Buriro, I met there poets and writers. Some of them told their poetry. It was really nice and I really enjoyed hearing them.

Zubair Soomro told his free verse that really jolted me, I don’t have remembered the verse word by word at the moment but I have still the theme in mind clearly, he said like:

Would that I had written on the forehead of every fetus 
Before it
s birth:
“Not for sale”

Note:
Actually the poet of Mirpur Buriro was symbolically saying that the girls are sold and it is the worst

Hisam Memon
2/11/2012

Sleep Disorder


ننڊ جو خلل – Sleep disorder


سجاد هيٺ هڪ لفظ لکيو آهي Insomnia جنهنجو مطلب آهي، ننڊ جو نه اچڻ يا بي خوابي، يعني اوهان کي بي چيني هجي ۽ سمهي نه سگهو، ان لفظ تي هڪ دوست مزاحيه رايو ڏنو آهي ته ”مونکي ته هر وقت ننڊ ايندي آهي“، جنهن کي هر وقت ننڊ اچي ان کي گهڻو ڪري hypersomnia چئبو آهي، وڌيڪ اهو دوست پاڻ پڪ ڪري يا ڪو ٻيو ٻڌائي.

نوٽ:
 hypersomnia اڪثر ڏينهن جو ننڊ جا جهوٽا يا گهري ننڊ اچڻ آهي،
 جنهن کي اوهان Excessive Daytime Drowsiness به چئي سگهو ٿا، رات جو جنهن کي گهري ننڊ اچي مونکي خبر ناهي، ٿي سگهي ٿو ڪنهن دوست کي پتو هجي، پر اوهان ان کي Excessive Nighttime Drowsiness چئي سگهو ٿا

اهو به چيو پيو وڃي ته hypersomnia ٿي سگهي ٿو Narcolepsy جي ڪري ٿيندو هجي، نارڪو ليپسي جي معنيٰ آهي ننڊ جو هڪ اهڙو عارضو (Sleep disorder) ، جنهن ۾ تمام گهڻِ ننڊ اچي، ايستايئن جو ڏينهن جو به جهوٽا پيا اچن يا پنڪي لڳيو وڃي، توڙي جو رات جو به ماڻهو گهري ننڊ ڪري ستو هجي ۽ اها وري ڪمال جي ڳالهه ته نارڪو ليپسي nervous disorder جي ڪري ٿئي ٿئي ٿي، ان کان پوءِ ان جا ٻيا به ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا ۽ علامتون پڻ

منهنجي ذهن ۾ آيو ته جنهن لفظ جي خبر هجي/ يا پڙهيو هجي ته ان کي ڪوشش ڪري شيئر ڪجي ۽ دوستن جي Active participation هجي ته جيئن اسان وارو ڪم اڳتي هلي سگهي

مان هڪ هنڌ ننڊ جي باري ۾ پڙهيو، ان ۾ هڪ همراه اها ئي شڪايت ڪري رهيو هيو ته کيس ننڊ نٿي اچي، جنهن همراه ان کي جواب ڏنو، ان ننڊ جون به stages ٻڌايون:

NREM معنيٰ  Non Rapid Eye Movement

REM معنيٰ  Rapid Eye Movement

ٻاهرين ملڪن ۾ ته Insomnia ۽ Hypersomnia يا Narcolepsy جون چڪاسون به ٿينديون آهن، پر اسان وٽ ان شعبي ۾ خاص طور psychiatry ۾ ايتري طرقي ٿي آهي يا نه، ان حوالي سان اسان کي ٻيا دوست خاص ڪري ان شعبي سان لاڳاپيل ئي بڌائي سگهن ٿا

حسام ميمڻ
2/11/2012

_______________________________
جن تان مدد ورتي وئي اهي لنڪس:


_______________________________
جنهن لنڪ تي بحث هليو:



Illusion (poetic verse)


مايا جو موهه


عطا الله عيسيٰ خيلوي
 جڏهن “سڀ مايا هي”
ڪلام ڳائيندو آهي
ته مان گم ٿي ويندو آهيان،
 الوپ ٿي ويندو آهيان،
ڄڻ ويٺي ويٺي رٽن ڪندو هجان!
 خيال جي دنيا ۾ غرق،
محوِ خواب،
 دنيا ۽ مافيها کان ڪٽيل،
 هلڪڙو...
خبر ناهي،
اهو مايا جو موهه آهي،
 ٻولن ۾ شڪتي آهي
يا
 موسيقيءَ جي چاشني آهي،
 ڪجهه به آهي،
 مان فرحت محسوس ڪندو آهيان،
 پر هڪ درد جاڳندو آهي،
 جيڪو پنهنجي ڪوڙاڻ جي باوجود
 به مٺو لڳندو اٿم.
انهيءَ پل سوچيندو آهيان
ساميءَ ته مايا کي ايترو ننديوآهي،
شايد ئي دنيا جي ڪنهن شاعر
مايا تي اهڙو
ڳايو هجي
هن چيو آهي
هن جي سلوڪ
جي هڪ سٽ آهي:
“مايا ڏائنڻ ، ڏندري”
پر مايا کي آرٽسٽ
ڪيترو خوبصورت
ڪري پيش ڪيو آهي
جتي ڪٿي مايا
ٿي نظر اچي
سچ ته
سڀ مايا هي !
__________
حسام ميمڻ

12 اپريل 2012

Sami an ignored poet


سامي هڪ نظر انداز ٿيل شاعر

مان هي خط ايوب گل ڏانهن لکيو هيو، جنهن ۾ ساميءَ تي به ڳالهايو هيو ته هن کي ڪيئن ۽ ڇو نظر انداز ڪيو ويو آهي؟
حسام ميمڻ
11 اپريل 2012
 _______________

 اهڙي طرح ساميءَ کي اوهان سڃاڻو  يا نالو ته ٻڌو هوندو اوهان، يا ٿورو ٿڪو ٿي سگهي ٿو پڙهيو به هجيوَ !توڙي جو هو، شاعري واري ٽمورتي Trinity ۾ شامل آهي، پر ساميءَ تي اهو ڪم نه ٿيو آهي، جيترو ٻين شاعرن تي، معاف ڪجو هن تي ڪم جو ذرو به نه ٿيو آهي،مثال جيترو اياز تي ٿيو آهي، اياز جا سمورا ڪتاب ثقافت کاتي نثر ۽ نظم ۾ سلسليوار ڇپايا آهن،
پر ساميءَ تي ڳولهي وٺو متان ڪجهه ڇپايو هجائون، (ڪلچر وارن) پر منهنجي نظر مان نه نڪتو آهي، مون وٽ ثقافت کاتي جي تازي ڪتابن واري ڪيٽالاگ به آهي، ڪٿي به ساميءَ جو ڏس نٿو ملي،

هو “شاهه ، سچل ۽ ساميءَ” واري ٽمورتيءَ ۾ شامل آهي، پراڻي دور ۾ جيڪو هن شاعر تي ڪم ٿيو ، سو ٿيو، باقي نه هن ڪلاسيڪي شاعر کي ڪير ڳائي ٿو، نه جهونگاري ٿو، نه وري هي ڪنهن کي ياد آهي، ها ، ڪنهن جو موڊ ٿي ويو، ته ساميءَ تي يا ساميءَ جي مڙهيءَ جي حوالي سان ڪم ڪري، مڙيوئي ڪم ٽپائيندا آهن ۽ ائين اسان وٽ سامي ياد ڪيو ويندو آهي.
 ساميءَ تي ته ايترو به ڪم نه ٿيو آهي (جي مان ڊاڙ نٿو هڻان ته) جيترو ڀڳت ڪبير تي ؛ مهينو ڏيڍ اڳ هڪ خفي سان ڪنڌ ڪوٽ ويو هوس، اتي منهنجي هندو دوست پتامبر ساميءَ جي ڀڳت ڪبير جي “ڪٽيه” گهمائي، بقول پتامبر جي، اها ڀڳت ڪبير جي سڄيءَ سنڌ م واحد ڪٽيه آهي، جتي ميلي تي سڄي سنڌ کان ماڻهو ايندا آهن،

 شيخ اياز تي به اديب ۽ شاعر وڃن ٿا، ڪراڙ تي به ميلو مچي ٿو، اديبن ۽ شاعر ن کي اتي به انعام ڏنا ويندا آهن ۽ ادبي ڪانفرنسون ٿينديون آهن، پر  ڪير ٻڌائي ته حڪومت يا اسان جا اديب ساميءَ جي حوالي سان اهڙو ڪو ڪم ڪرن ٿا، ڇا سامي ڪنهن کي ياد آهي، سنڌ ٽي وي آهي، آواز ٽي وي آهي، ڪي ٽي اين آهي (ڪي ٽي اين ساميءَ تي History ۾ هڪ پروگرام ڪيو هيو)، ڌرتي ٽي وي آهي،  ايف ايم هلي رهيا آهن، مختلف شهرن ۾ ، پر ڇا سنڌ جو ڪلاسيڪل شاعر، ٽمورٽيءَ ۾ شامل “سامي” ڪنهن کي ياد آهي،

 هن کي ڪير به نٿو ڳائي، جي پڇا ڪبي ته چوندا، ته شلوڪ نٿو ڳائي سگهجي، هاڻي، ڏيو منهن سائين! اڄ جي دور ۾ نثري نظم ڳائجن ٿا، پر سامي نٿو ڳائي سگهجي، بيدل سائينءَ نصير مرزا جو نثري نظم (جي مان ڀلجان نٿو ته اهو نثري نظم ئي آهي) “خوشبو جي سنگ سنگ، رولاڪ بادل جيان” ڳايو آهي ته پوءِ ساميءَ کي ڪير ڇو ڪونه ٿو ڳائي، بيدل مسرور صاحب به شڪارپور جو آهي،

ٺيڪ آهي، ساميءَ جا سلوڪ نٿا ڳائي سگهجن ، پر آغا سليم ساميءَ کي ڳائڻ جو هڪ فارمولو ٻڌايو هيو ته جيڪڏهن سلوڪ کي ابتو ڪبو ته وائي ٿي پوندي (ان سان سلوڪ جي فڪر ۽ فلسفي تي ڪو اثر نه ٿيندو)، پوءِ ڀلا ان کي ان انداز ۾ ئي ڳائجي، مطلب سنڌ جي ڪلاسڪ کي ڪو ته ڳائي، چئبو ته ڳالهه چٽي ٿي وئي، سامي هڪ نظر انداز ٿيل شاعر آهي، جنهن کي هن جي مذهبي عقيدي يا هن جي ٻوليءَ يا صنف جي ڪري نظر انداز ڪيو ويو آهي، ڪنهن به صورت ۾ کڻي وٺجي ته سامي اسان وٽ نظر انداز ٿيل آهي، حڪومت کان به ته اديبن ۽ شاعرن کان.

ايوب صاحب!

مان ساميءَ جي ڌرتيءَ تي پيدا ٿيل شخص آهيان، مون کي خبر آهي، ته ويدن ۾ سنڌ جي تاريخ آهي، ڀلي ڪاڪي ڀيرو مل جو “قديم سنڌ” پڙهي ڏسو، اوهان پڙهي ڏسو ته ڪيئن ته ويدن ۾ سنڌوءَ جي لهرن کي سهڻي ۽ مانائتي طرح ان دور جي رشين ۽ منين ڳايو آهي، اوهان به سنڌ وءَ تي لکندا آهيو، ان جي لهرن تي لکندا آهيو، بتيلن جو ذڪر اوهان جي شاعريءَ ۾ به آهي، ۽ اوهان شاعريءَ يا شاعراڻن خيالن جي ڪري، سنڌوءَ سان واڳيل آهي، يا سنڌي هئڻ ڪري، يا وري سنڌو، جيئن ته سنڌين جي جيئڻ جو وڏو سهارو آهي، ان حوالي سان، ڪهڙي به حوالي سان ، اوهان سنڌوءَ کي ڳايو ٿا، جڏهن سنڌوءَ کي ڳايو ٿا ته ائين لڳي ٿو اوهان لاشعوري طور ويدن واري سنڌوءَ سان جڙيل آهيو،

 ۽ سامي ويدن جو شاعر آهي هو ويدانتي آهي ۽ اسانجو شاعر سامي صاحب ، جنهن دور ۾ شڪارپور ۾ هيو، ان وقت تلسي پنٿي ۽ نانڪ پنٿي ٻه وڏا پنٿ هيا، شڪارپور ۾ تلسي پنٿيءَ جو ايترو زور نه هيو، جيترو نانڪ پنٿيءَ جو، ان جي وڏي ۾ وڏي شاهدي اها آهي ، شهر ۾ جيڪي درن تي يا گهرن ۾ ڪاٺ تي جيڪي اڪريل مورتيون آهن، انهن ۾ اوهان کي 90 سيڪڙو مورتيون گرو نانڪ جون ملنديون، هڪ پاسي کان ٻالهو اٿس ۽ ٻئي پاسي کان مردانو، اهي ٻيئي چيلا ساڄي ۽ کاٻي کان ويهاريل ڏيکاريل آهين، ائين وسهڻ جوڳو آهي ته ته ان دور ۾ سامي تلسي پنٿ جي ڪري دٻيل رهيو، ممڪن آهي، هن جيڪا شاعري مَٽَ ۾ لڪائي رکي ، ان جو وڏي ۾ وڏو سبب ٻن پنٿن جو فڪري ٽڪراءُ هجي.

ڪجهه به هجي، پر سامي اسان وٽ ساميءَ جي دور کان وٺي نظر انداز ٿيل آهي ، ويندي اڄ تائين، مان ان ساميءَ جي ڌرتيءَ جو آهيان، شڪارپور رزخير زمين آهي، مان به ان شهر جو پاڻي پيتو آهي، جتان اسانجي وڏن عالمن ، بزرگن ، ڪلاسيڪي شاعرن ۽ وڏن مترجمن پيتو پئي. ضرور زمين جي خوشبو مون جهڙن ماڻهن ۾ به هوندي، شڪارپور شهر علم ادب کان وٺي دنيا جي مختلف شعبن ۾ پاڻ مڃايو آهي، مان ننڍڙو ماڻهو آهيان، پر هڪ لگن آهي، هڪ شوق آهي، دل گهري ٿي، ته ترجما ڪجن، ٻيو تخليقي، تعميري ۽ تنقيدي ڪم پنهنجي جاءِ تي پر ترجمو ڪرڻ مونکي سٺو لڳندو آهي،

واڌاريل ڳالهيون:
ساميءَ کي ترجمو ڪرڻ وقت ذهن ۾ ائين ايندو آهي ته ڇا اسان جي ڪلاسيڪي يا جديد شاعرن کي ٻاهريان ماڻهو ائين پڙهن ٿا، جيئن هو شيڪسپيئر ، ملٽن، گوئٽي ، ڪيٽس ، شيلي، آڊن يا ٻين شاعرن کي پڙهن ٿا. مان ته سمجهان ٿو، هنن کي خبر ئي ناهي ته اسان وٽ ڇا ڇا ڳايو ويو آهي، ڪهڙي زوردار قسم جا شاعر آهن ۽ جن جو پر امن پيغام عالمِ انسانيت لاءِ ڪارگر آهي، مان سمجهان ٿو، ٻاهرين ماڻهن کي پتو ئي ناهي ته اسان وٽ ڇا آهي، جيئن اسان جي ماڻهن جو حال آهي، سڄو ڏينهن پنهنجي شاعريءَ سان ويٺا کيڏن ٿا، فيس بوڪ تي پوري توائي ڪڍي وڃي ٿي. پر، جيڪي ڏاها ماڻهو آهن، اهي يا ته خاموش آهن، يا ته لائيڪ بٽڻ تي زور اٿن، يا وري هنن صاحبن کي ڳالهه ئي مورڳو نه وڻندي.

ساميءَ کي لنوائڻ ۾ ڪافي شين جو سمجهڻ درڪار آهي، سڀ کان اهم شيءِ ان دور جي پنٿن کي سمجهڻ ، جن جو مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان، ڪيترائي هال هيا شڪارپور ۾ ، جتي گيتا پاٺ ڪئي ويندي هئي، پر جپ صاحب يعني سک مت وارو گرو گرنٿ صاحب شڪارپور ۾ سڀني ٻين ڌرمي پستڪن کان وڌيڪ پاٺ ڪيو وييندو هيو ۽ اڃا به صورتحال ساڳي آهي ۽ راجا رنجيت سنگهه به شڪارپور کي انڪري قبضي ۾ ڪرڻ پئي چاهيو ته شڪارپور ۾ گرو گنٿ جا پوئلڳ تمام گهڻا هيا، پر انگريزن کيس ڊيڄاريو ڀڀڪي ڏني، ته هڪ اک وارو يعني ڪاڻو رنجيت سنگهه مڙيو نه ته هو شڪارپور کي شايد سک پور ۾ تبديل ڪري ڇڏي ها. ڪاڻا خطرناڪ لڳندا آهن، ممڪن آهي ، بلڪه ضرور انهن ۾ معصوم به هوندا پر سنڌ کي ڪاڻن جا گهڻا ئي هٿ لڳل آهن. خير  منش نيم رکي ڪري مندرن ، ٽڪاڻن ۽ شوالن ڏانهن ويندا هيا ۽ جپ صاحب جو پاٺ به ڪندا هيا، هاڻي به اوهان شڪارپور جا مندر گهمي سگهو ٿا، اوهان کي ڪٽهڙي ۾ محفوظ تمام وڏي سائيز جا گرنٿ نظر ايندا، شنڪر ڀارتي آشرم ۾ ته ڪلاسيڪل گرنٿ پيل آهي.

مونکي شڪارپور ۾ مندرن ، مڙهين، ٽڪاڻن، لنگ صاحب، ٿان، شوالن، ۽ رامداس جهڙن حالن تمام گهڻو موهيو، عجيب رومانس هيو، انهن شين ڏانهن ڇڪجي ويندو هوس، مونکي ڪٿي به ڪنهن به مندر ۾ ويد نظر نه آيا، هڪ اڌ ماڻهو مليا، جن چيو ته انهن وٽ ويد آهن، پر ڪنهن به مونکي هن مهل تائين ويد نه ڏيکاريا، باقي، سکمني، گرنٿ صاحب، گيتا، رامائڻ  ۽ ڪجهه ٻيا پستڪ دوستن وٽ به نظر آيا ته مندرن ۾ به ، ويد جو ڪٿي نانءُ نشان به نظر نه آيو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان وٽ جيڪي هندو يا ڀائيبد هيا انهن جو ذهني لاڙو ڪهڙي پستڪن ڏانهن هيو ۽ هو ڪهڙي شين جو پاٺ ڪندا هيا.

سامي صاحب ويدانتي ماڻهو هيو، هن سنڌيءَ ويد ائين ئي اچي صحيح ڪيا، جيئن لطيف سائينءَ چيو هيو ته “سي آيتون آهن”. پر ويدن جو دور اسان وٽ پورو ٿي ويو هيو، ويدن جو شڪارپور ۾ اهو اثر ئي نه هيو جو انهن تي گهڻو ڌيان ڏنو وڃي ها، مان سمجهان ٿو هڪ وڏو فيڪٽر ساميءَ تي ڪم نه ٿيڻ جو اهو به آهي.
مان سمجهان ٿو، شڪارپور جي کٽ واري ڌرمشاله ۾ جيڪي نرگ ۽ سرگ جا چتر ٺاهيل آهن، يا دروپديءَ جا جيڪي چتر ديوارن تي نقش آهن، اهڙا چتر جيستائين منهنجو عقل ڪم ڪري ٿو ته سڄي سنڌ جي مندرن ۾ ٻيو ڪٿي نظر نه ايندا. اتي ئي هڪ خوبصورت در آهي، جنهن تي ڪاٺ جي اڪر جو جيڪو ڪم ٿيل آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي، ۽ ان ڪاٺ جي اڪر ۾ مونکي ٻه مورتيون نظر آيون، هڪ گرو نانڪ جي، جيڪا دروازي تي هڪ ئي وقت 6 يا 8 دفعا اڪريل هئي ۽ بي هڪڙي اڪر سائين شري ڪرشن جن جي هئي.

مان ان ڳالهه ۾ منجهيل رهيس ته هندن جي جيڪڏهن ابتدا ئي ويدن کان ٿئي ٿي ۽ ويد ئي هندومت يا سناتن ڌرم جو بنياد آهن ، جيڪي سنڌوءَ جي ڪنارن تي ان وقت جي مها رشين ۽ منين چيا پئي ۽ بعد ۾ اهي مرتب ڪيا ويا ته پوءِ اسان جي شهر شڪارپور ۾ ويدن جو ڪو نانءُ نشان ئي نٿو ملي، هڪڙو سامي صاحب نظر اچي ٿو، جنهن ويدن جي تعليم سلوڪن معرفت ڏني آهي ( ٿي سگهي ٿو سنڌ ۾ ، هن ڪلجڳ جو ڪو ڪاپڙي هجي، جنهن ويدن جي مهما سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هجي، پر مونکي پتو ناهي). ائين کڻي چئجي ته سامي اڪيلو هيو يا اهڙي فڪر جا ماڻهو گهٽ هيا، تڏهن سامي صاحب کي نظر انداز ڪيو ويو يا خودبخود زماني جي رنگ ڪري ٿي ويو.

ان کان پوءِ سامي صاحب جي ٻولي به مسئلو آهي، ڇو ته اها عام رواجي ٻولي ناهي،  انڪري به سامي صاحب کي ڪو نٿو پڙهي، مان ڏٺو آهي، کوڙ سارا ماڻهو پاڻ کي پستڪي ۽ وڏو پاٺڪ سمجهندا آهن، پر ساميءَ جا چار سلوڪ به کين ياد ناهن هوندا، اهڙا سطحي رويا به آهن، انڪري به سامي صاحب پوئتي آهي، هيئن چئجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو ته اسان وٽ ساميءَ کي پڙهيو ئي ناهي ويو، جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان پڙهيو وڃي ها ۽ شايد ائين نه ٿئي ها!

جيڪڏهن هن کي سنجيدگيءَ سان پڙهيو وڃي ها ته ظاهر آهي سمجهيو به وڃي ها ۽ شيون سمجهه ۾ اينديون ئي تڏهن آهن، جڏهن پڙهبيون آهن. اهو ائين ئي آهي، جيئن چيو ويندو آهي، “مونکي رياضي نه ايندي آهي” هاڻي، رياضي پڙهبي ۽ سمجهبي ئي نه ته پوءِ سمجهه ۾ ڪٿان ايندي، انڪري، ساميءَ صاحب کي پڙهڻ جي ضرورت آهي.

اها ڳالهه به ڪندو هلان ته شيخ اياز  پنهنجي ڪتاب “ڪپر ٿو ڪن ڪري” ۾ ساميءَ جا نوان سلوڪ لکيا ۽ ساميءَ جي مايا ۽ مايا ڄار واري خيالن تي ڀرپور تنقيد ڪئي ته ان به اديبن ۽ شاعرن تي اثر ڇڏيو، مان جيئن ته مٿي چيو آهي ته اڳ ئي ويد اسان جي ماڻهن  گهٽ پڙهيا آهن، اهڙي طرح شيخ اياز جي سلوڪن جو به شاعرن ۽ اديبن تي مان گهڻو ڏٺو. توڙي جو شيخ اياز ساميءَ جو وڏو پرستار آهي ۽ ساميءَ تي ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان لکندو ۽ ياد ڪندو رهيو آهي، پر “ساميءَ جا نوان سلوڪ” ۾ شيخ اياز ساميءَ سان کليو اختلاف به رکيو آهي
بهرحال، سامي هڪ ڪلاسيڪي، گهرو، ويدانتي ۽ سنڌي شاعر آهي، جنهن کي اهڙي طريقي سان لنوائڻ ڪو سٺو رويو ناهي.







short story "untitled"


بنا عنوان ڪهاڻي
==========
 مان هن کي اڄ غور سان ڏٺو، هن جو وارن کان آجو مٿو چلڪي ۽ چمڪي رهيو هيو، وڏي عمر جي باوجود، هن جي ڳلن ۾ لالائي هئي، هو پهريان کان وڌيڪ خوبصورت لڳي رهيو هيو.

 هو انتهائي پر اعتماد هيو ۽ مرڪي ماڻهن سان مليو پئي، وڏا ٽهڪ ڏيڻ هن کان وسري ويا آهن، اها شيءِ هن لاءِ هاڻي ماضيءَ جي ڪٿا آهي، جوانيءَ جي لااٻالائي يا شايد جاهليت جي هڪ نمايان نشاني.

 انڪري، ٽهڪ ڏيڻ هن کان وسري ويا آهن. هو ذري ذري تي ڪپڙن کي هٿ لاهي دز صاف ڪري رهيو هيو، هن جي هٿ ۾ مان ٽشو به ڏٺو، مون کي ياد آيا، اهي ڏينهن، جڏهن هو بوڇڻ کي بوسڪيءَ کان وڌيڪ مهانگو ۽ مانائتو سمجهندو هيو، اهي به ڏينهن هيا!
سچ ته هو ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيو هيو، ائين پئي لڳو ڄڻ ڪو پلاسٽڪ جو سهڻو ۽ صاف سٿور گڏڙو هجي... !

مونکي ڏسندي ئي هن سڃاتو ۽ منهنجو اڌ نالو کڻي مرڪي چيائين :

”جوسا تون هتي ڪيئن؟“

”اڪبر ٻڌايو اوهان اڄ هتي اچڻا آهيو، سال لنگهي ويا، اوهان کي نه ڏٺو هيو، دل کي سٽون پئي آيون، بس، اوهان جو ديدار ڪرڻ آيس، وري الائي ڪڏهن ملون الائي نه؟!“ يوسف کيس نماڻائيءَ مان جواب ڏنو

مون سان ٿورو گهڻو حالي احوالي ٿي ڪري، وري هن پنهنجي ڀر ۾ ويٺل هڪ همراه سان ڳالهائڻ جاري رکيو، هن کي اهو چئي رهيو هيو:

”وقت مٽجي ويو آهي، هاڻي اهي دور ناهن رهيا، هاڻي سياست جي گندي ڳلين ۾ رلڻ جي ضرورت ناهي، خاڪروبي موڪلائي وئي، هي دور انٽرنيٽ جو دور آهي، سائنس جو دور آهي،جيئي جيئي گهڻي ٿي وئي، پاڻ جيڪو پليٽفارم ٺاهيو آهي، انساني ڀلائيءَ جو، ان لاءِ پئسا ڊونر ڏيندا، اسان کي سهولت هوندي اچ وڃ جي، مانيٽرنگ ڪرڻ جي، اهڙي طريقي سان به ڪم ڪري سگهجي ٿو ، ۽ اهو ڪم آسان به به آهي ۽ ڀلو به، پوءِ ڇور هروڀرو ويهي سياست جي گندين ڳلين ۾ رلجي......!“

سائين ڳالهائي ئي رهيو هيو، ته مون کائنس موڪلائڻ جي ڪئي، ڇو ته دير ٿي رهي هئي ۽ مونکي گهر به وڃڻو هيو ۽ فيڪٽريءَ کان سڌو هتي هليو آيس، ان ڪري دير ٿي رهي هئي، ٻارڙن جي لاءِ کير به وٺڻو هيو ۽ دير سان الائجي بس ملي يا نه....!

سائينءَ بس مون ڏانهن ڏٺو، مرڪيو ۽ ايترو چيائين؛ ”ٺيڪ آهي جوسا! تون ڀلي هل!“
_______________
حسام ميمڻ
 29/9/2012

Bald man's suggestions to get job


ٺوڙهي جون روزگار لاءِ ڏنل صلاحون
====================
منهنجو ٺوڙهو دانشور دوست اڄڪلهه ڪمائيءَ جي چڪر ۾ آهي، تمام گهڻو ڪمائي ٿو، پوءِ به هن جي حالت اهڙي جهڙي فٽ پاٿ تي گداگر جي، هڪ ٺوڙهو ٻيو شيو به نه ڪري.

پڇيومانس: ”ايڏو ٿو ڪمائين ڪرين ڪاڏي ٿو؟!“

چيائين: ”نمائش ڪيان ڇا، هونئن به ڪجهه بچي ئي نٿو“

چيومانس: ”سچ ته ٻڌائيندي ڪونه، ان ڳالهه کي ڇڏ، مونکي ٻڌاءِ ته مان ڪيئن ڪمايان، ڪو طريقو ٻڌاءِ، صفا حال پورا ٿي ويا آهن“

چيائين: ”وينا ملڪ ٿي وڃ، پئسا ئي پئسا، پر يار تون ته مرد آهين!“

وري چيائين: ”تون صحافي ڇو نٿو ٿيئن، واهه جو ڪمائيندين، پر اتي وري ٻيو مسئلو آهي، تو کي ان طريقي سان لکڻ ڪونه ٿو اچي، جيئن ڪمائو صحافي لکندا آهن، انکي به ڇڏ“

وري چيائين: ”هڪ ٻي صلاح آهي،اها ٿوري ڏکي آهي، ڇو ته ايتري تنهنجي حيثيت به ناهي..!“

چيومانس: ”ٻڌاءِ ته صحيح، ٻڌائڻ ۾ ڇاهي؟“

چيائين: ”تون سياستدان ٿي وڃ، ٿورو وقت لڳندو، هروڀرو جو ڪجهه ڏينهن جيل ڪاٽي اچ، نعرا هڻ، خوشامد ڪر، جيوي جيوي ڪر، اميد ته سياستدان ٿي ويندين، ڪوشش ڪري، ٽي ٽاڪ شوز ۾ خوشامد ڪري به اچ، ناماچاري ٿيندءِ، ۽ ان جي ضرورت به گهڻي آهي. رڳو بس مخالف پارٽين جا ترا ڪڍڻا آهن، اهو ڪو ڏکيو ڪم ناهي، تو ۾ ڳالهائڻ جا ٿورا گهڻا گر به آهن!“

مون اهو سڀ ٻڌي کيس چيو:

لڳي ٿو اڄ مزاح جي موڊ ۾ آهيو، آخري صلاح کان ته بهتر آهي، گداگري ڪيان، ڇو ته اسان واري ڪرپٽ سياستدانن کي هڪڙي شريف ماڻهوءَ سائين اصغر خان اهڙو سوگهو ڪيو آهي، جو وڃي ٿيا خير. ڪيس ٿا هلن سپريم ڪورٽ ۾ ۽ تون وري اسان غريبن کي ڦاساءِ

اوهان جي صلاح تي لڳان، جي ڪامياب به ٿي وڃان ۽ ڪو اصغر خان ڪڍ لڳي ته پوءِ هاءِ به وڃي ۽ هوءِ به.

نه سائين مان اهڙو ڪو ڪم نه ڪندس، اوهان موڊ ۾ اچو اوهان وٽ ٻيهر ايندس ڪا چڱي صلاح ڏجو، في الحال عزت جي بيروزگاري ڀلي آهي

حسام ميمڻ
1/11/2012