Thursday, January 26, 2012

My Poetry

حسام ميمڻ

جنوري 26، 2012

منهنجي شاعري

اوجاڳا اکين ۾ ڏس ته جذبو سرد ڪونهي ڪو

چوين ٿو تون اڃا مونکي ته ڪوئي درد ڪونهي ڪو

شهر جي ڪيئي ماڻهن ۾، هڪڙو عارضو ٿيو آ

تماشا ۽ رڳو تاڙيون، ڄڻ ڪو مرد ڪونهي ڪو

جيترو غزل ياد آيو، مان هتي لکيو آهي، هن جا ٻيا مصرع ياد نٿا اچن، هي غزل مون اڄ کان 10 سال اڳ شڪارپور ۾ رچيو هو. مان پنهنجي شاعريءَ کي گهٽ محفوظ ڪيو آهي، ۽ شايع به گهٽ ڪرائيندو آهيان، شڪارپور جو دوست نسيم شاهه اڃا تائين مونکي فون ڪري چوندو آهي ته مان کيس پنهنجي شاعري ڏيان، پر سستيءَ ۽ سڀ شيون وکريل هئڻ ڪري ، مان سائينءَ کي پنهنجي شاعري موڪلي نه سگهيو آهيان. اڄ کان 6 سال اڳ شڪارپور جي پسمنظر ۾ تڏهن بيت لکيا هيا، جڏهن مان شڪارپور ڇڏي ڪراچيءَ اچي مقيم ٿيس، ان سموري رجسٽر ۾ شڪارپور جي حوالي سان شاعري ڪئي هئي، اهو رجسٽر ڪوئي چورائي ويو، مونکي پتو ئي نه پيو.

ائين ئي اڄ کان 4 سال اڳ سائين عنايت الله ميمڻ، جيڪو شڪارپور ۾ ٽي وي ٺاهڻ جو نالي وارو ڪاريگر هيو، ان فون ڪئي ۽ چيو ته فلاڻو رجسٽر مون وٽ پيو آهي، مجاهد (سندس پٽ) ڀل ۾ مون وارو رجسٽر کڻي ويو هيو، جنهن ۾ ڊائري به لکيل آهي ۽ ڪجهه شاعري به آهي، پر سستيءَ جي ڪري، اڄ تائين هن کان وٺي نه سگهيو آهيان.

جن رسالن ۾، مان شاعري ڪئي، اهي ڪٿي آهن، ڪا خبر ناهي، ڪجهه شاعري، جڏهن مان حيدرآباد ۾ رهندو هوس، نعمت کهڙو،منهنجي شاعري ساڃاهه رسالي ۾ ڇپرائي هئي، هڪ نظم مونکي ياد آهي ته شيخ اياز جي مرتئي تي لکيو هيو.

ڪجهه شاعري، الله بخش راٺوڙ ورتي هئي، جيڪا هن سچ اخبار ۾ ڇپرائي هئي، جيڪا پڻ هن وقت مون وٽ ناهي، ڪجهه شاعري، مونکي ياد آهي، شڪارپور ۾ نسيم شاهه سمبارا اخبار لاءِ ورتي هئي، اهابه مون وٽ ناهي، ڪجهه شاعري ته ضرور مون وٽ آهي، ڪجهه شاعري مان، فيس بوڪ تي پنهنجي نوٽس ۾ محفوظ ڪئي، جيڪا شاعري ڪراچيءُ ۾ 2005 کان پوءِ ڪئي، پر ڪافي شاعري، لکي ويس رکندو، پوءِ اهو به ڏٺو ته ٻار ان جا جهاز ٺاهي پيا اڏارن، انهن کان ورتي ۽ پراڻين شين سان رکي ڇڏي، ڪجهه شاعري، مون وٽ آهي، ڪافي وڃائجي وئي. مونکي ياد آهي، جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ English ۾ ماسٽرس پئي ڪئي، تڏهن هڪ ڪافي گهڻا بيت لکيا هيا، ڪي يونورسٽيءَ جي پسمنظر ۾ هيا پر هڪ الڳ سر لکيو هيو، جنهن جو نالو مان “سر مارئي” رکيو هيو، اهي حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي دوستن کي ٻڌايا هيا ۽ انهن کي وڻيا هيا ۽ ان ۾ پهريون دفعو مون ٿورو گهڻو مزاح کان به ڪم ورتو هيو، هڪ بيت ياد آهي، سڄو سر، گم ٿي ويو ڪٿي، هن وقت بنهه ياد ناهي:

مارئيءَ جي گيٽ تي، بيٺو سپاهي

سوچي پيو ڀل نه ملي، ٽَڪو يا پائي

چڱو ٿيو آئي، ڊيوٽي منهنجي گيٽ تي

مونکي ياد اچي ٿو، شڪارپور جي ادبي سنگت ۾ پهريون پهريون سنگيت ناٽڪ “Opera” مان ئي پڙهيو هيو، ان کان اڳ ڪنهن به ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ سنگيت ناٽڪ نه پڙهيو هيو. جڏهن کان سنڌي ادبي سنگت شڪارپور ۾ هلي پئي، ممڪن آهي ته شيخ اياز سنگت شڪارپور ۾ سنگيت ناٽڪ پڙهيو هجي، پر لڳي نٿو، ڇو ته شيخ اياز ٽي سنگيت ناٽڪ لکيا آهن (دودي سومري جو موت، ڀڳت سنگهه کي ڦاسي ۽ رني ڪوٽ جا ڌاڙيل)، اها خبر سائين بيدل مسرور کي هوندي، ڇو ته هو ئي سنڌي ادبي سنگت شڪارپور کي، شڪارپور ۾ سرگرم ڪندڙ هيو ۽ هن ئي سنگت جو بنياد وڌو هيو. شيخ اياز کان پوءِ سنڌ ۾ جيتري مونکي ڄاڻ آهي ته اعجاز منگيءَ به هڪ سنگيت ناٽڪ لکيو هيو، هن اهو پنهنجي دور ۾ سنڌي ادبي سنگت ۾ پڙهيو هيو يا نه مونکي پتو ناهي، پر، مان پنهنجي دور جي ڳالهه ٿو ڪيان ته ڪنهن به اهڙي شيءَ مون واري دور ۾ نه لکي هئي. دوستن خوب ساراهيو هيو. مون وارو اهو سنگيت ناٽڪ نه رڳو، سنڌي ادبي سنگت شڪارپور وارن دوستن کي وڻيو هيو، پر ٻين به دوستن کي وڻيو هيو، ان کي نويد شيخ جرمنيءَ ۾ جڏهن پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هيو، ته هن پنهنجي آواز ۾ پڙهيو هيو، ائين کڻي چئجي ته نويد صداڪاري ڪئي هئي. پر اهو فائيل ڪمپوٽر جي هارڊ ڊسڪ سڙي وئي ته اها به هلي وئي، ۽ ان ئي سنگيت ناٽڪ کي ظهور سومرو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو هيو، ترجمي جا ڪجهه حصا هن فيس بوڪ تي شيئر به ڪيا هيا، ترجمو به دوستن کي وڻيو هيو، پر خبر ناهي، هن پورو ترجمو ڪيو الائي نه، پر هي يادگيريون دل چيو ته لکان ته جيئن منهنجي ڪجهه پيارن دوستن کي خبر پئي ته ڪنهن دور ۾ شاعري به ڪئي.

مونکي ياد آهي شڪارپور جي جيم خانه ۾ آغا سليم آيو هيو، سنڌي ادبي سنگت جا دوست به هيا، ۽ ٻيا به، سڀني شاعري پڙهي هئي، پر جڏهن دوستن چيو ته مان به ڪجهه پڙهان ته آغا سليم چيو هيو : “هي ته ڪالم لکندو آهي، شاعري به ڪندو آهي ڇا” مونکي کيس چيو هيو: “سائين، ڪڏهن ڪڏهن ڪندو آهيان”، پوءِ مون پنهنجو هڪ نظم پڙهيو هيو:

دل چوي ٿي ائين

مان به فاسٽس جيان

روح پنهجو اگر

ڪنهن حوالي ڪيان

يادِ رفته سڏيان

وقت موٽي اچي

ڪنهن گهٽيءَ ۾ وري

ناچڻي ڪا نچي

هي مهن جودڙو

سارو جاڳي پئي

سوم رس آهي ڇا

روح جهاڳي پئي

هيا ڀڪشو ڪئين

ڪيئن مهاتم هيو

گيان ۽ ڌيان ۾

ڪيئن گوتم هيو

ڊيلفيءَ ۾ وڃي

سوال هڪڙو ڪيان

ڪاٿي آهي خدا”

حال هڪڙو ڪيان

هت ته شيطان ڇا

ڪوئي انسان ڀي

وس ۾ ڪونه آ

ڪوئي نادان ڀي

روح پنهنجو پرين!

ڪنهن حوالي ڪيان

دل چوي ٿي ائين

مڌ ايڏي پيئان

(جامِ جَم ٿي وڃان)

سڀ وسري وڃي

ڪهڙو اسرار آه

موت ۽ زندگي

سوچ بيڪار آه

آغا سليم هي غزل ٻڌي پنهجي سيٽ تان اٿيو، مونڏي آيو، ڀاڪر پاتو ۽ چمي ڏني ۽ چيو: “حسام! تون ته ڪمال جو شاعر آهين”

جي پنهنجي شاعري سنڀاريان ها ته ٻٽي ڪتاب ٿي وڃن ها، شڪارپور جي ادبي سنگت ۾ جيڪا شاعري پڙهندو رهيس، تقريبن 1995 کان 2005 تائين، مان ان جو رڪارڊ به پاڻ وٽ مڪمل طور سنڀالي سگهيس ڪجهه شاعري، مون وٽ مختلف ڊائريز ۽ رجسٽرن ۾ موجود آهي، ڪجهه فيس بوڪ تي، ڪجهه ذهن ۾ آهي.

مونکي ياد آهي چڱيءَ طرح ، منهنجي هڪ وائي هئي، جيڪا رحمت ميرالي ۽ عبدالسلام منگيءَ ڳائي به هئي، اها وائي هن طرح هئي ته:

جنهن سان نينهن لڳي وڃي

پوءِ چاهيو، تنهنکي چاهي!

هي من ڀي الائي ڇاهي

اها وئي دوستن ۾ ڄڻ ته منهنجي سڃاڻپ ٿي وئي هئي، ۽ انور سومرو ٻڌائيندو هيو، ته هو جڏهن سنڌيءَ جو سبجيڪٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيندو آهي ته هو ان وائيءَ جا حوالا به شاگردن کي ڏيندو آهي

مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي، ته شڪارپور ۾ جڏهن مان پهريون دفعو گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو هوس ته هڪ غزل پڙهيو هيو:

ملي جي پئين تون امر ٿي وڃان

انڌيارن منجهان به سحر تي وچان

دوستن پهرين آمد کان وٺي ساراهيو هيو، پر مان به محبت ۽ محنت کي ملائي، سنگت ۾ وڃي شاعري پڙهندو هوس، پر هاڻي اهي ڏينهن ويا، حالتون تبديل ٿي ويون، نه مان اهو رهيو، نه ذهن اهو، نه دوست اهي، نه شهر اهو، بس، هڪ ياد آهي، جيڪا سنڀاري سگهجي ٿي!

مان شاعريءَ ۾ وزن ۽ بحر کان وڌيڪ مقصد تي ڌيان ڏيندو هوس، ميوزڪ جو خيال رکندو هوس ۽ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندو هوس، ڪا سوچ ڏيڻ چاهيندو هوس. توڙي جو مان هاڻي، شاعري ان رفتار کان سان شاعري نٿو ڪيان، هاڻي هڪ وڏو اسپيس آهي، اوليتون (priorities) مٽجي ويون آهن، پر پوءِ به، سٺي شاعري پڙهندو رهندو آهيان، شاعري پڙهڻ نه ڇڏي آهي، ۽ شاعريءَ لاءِ ڪيٽس جو هي جملو مونکي جهڙوڪ حقيقت لڳندو آهي:

A thing of beauty, joy for ever

ساراهه به ٻڌي، تنقيد به ٻڌي، پر پڙهڻ نه ڇڏيو، پڙهائي جهڙوڪ پالش آهي، جي پڙهبو نه ته پتو ڪيئن پوندو ، انڪري سٺي شاعر لاءِ مطالعو ائين آهي، جيئن بيمار کي دوا يا اڃايل کي پاڻي!

__________________________

Saturday, January 21, 2012

Sad News of Nazar Soomro's Death in UK


حسام ميمڻ


23 جنوري 2012

نظر! توکي الائي ڪنهنجي نظر لڳي وئي!؟

(شڪارپور ڄائو ڊاڪٽر نظر حسين سومرو پي ايڇ ڊي سائڪولاجي برطانيا، برطانيا ۾ گذاري ويو)



(born: 1 jan 1975-died: 21-jan 2012

شڪارپور ڄائو نظر سومرو گذاري ويو، هو ۽ مان هڪ ئي پاڙي ۾ رهندا هياسين، اسانجي گهر جي ڀت به هڪ ئي هئي، هن جو والد صاحب چاچو عبد ريڙهيءَ تي صوف ۽ ڏوڪا وڪڻدو هيو، انتهائي غريب فيملي هئي، مونکي ياد آهي، نظر سومرو ڊاڪٽر اظهر سومرو وٽ اول شاهه پڌر ۾ ڊسپينسر به هيو، اسين رات جو پاڙي ۾ويهندا هياسين، اونهارو هجي يا سيارو، ڪچهريون ڪندا هياسون.اڄ وري سيارو آهي، ڪراچيءَ ۾ هن وقت ٺيڪ ٺاڪ ٿڌ آهي، پر فهد جوڻيجو حيدرآباد مان فون ڪري جڏهن نظر جي خبر ٻڌائي ته من ۾ مچ ٻري ويو، ٻاهريون سيءُ ختم ۽ اندر جي آنڌ مانڌ وڌي ويئي. اها خبر ته هئي ته هو ڪافي بيمار ٿي پيو آهي، ايستائين جوهو هلڻ کان به لاچار ٿي پيو هيو، فيصل سان به نظر جي طبيعت جي حوالي سان ڳالهه ٿيندي رهي، فاروق سومرو ڪجهه ڏينهن اڳ فون ڪري ٻڌايو ته هاڻي نظر جي طبيعت ٺيڪ ٿيندي پئي وڃي، مان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي شيراز شيخ کي فون ڪري نظر جي ننڍي ڀاءُ جو نمبر گهريو، پر هو اڃا تائين ڏئي نه سگهيو، ساڳيو ئي نمبر مان فاروق کان به گهريو ... پر مان رهجي ويس، نظر سان ڳالهه ٻولهه ٿي نه سگهي ۽ اڄ هن جي وڇوڙي جي خبر آئي، يقين ئي نه ٿي آيو، يارن جا وڇوڙا ائين ٿي وڃن ٿا، ڪيڏا درد ڏيندڙ لمحا آهن!

نظرحسين جي بايو ڊيٽا

1 جنوري 1975 شڪارپور ۾ ڄائو

پرائمريءَ جا پنج درجا شيدڪي کوهي اسڪول مان 1985 ۾ پاس ڪيا

قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ 1990 ۾ ڪئي

سنڌ يونيورسٽيءَ مان سائڪولاجي ۾ 1997 ۾ گريجوئيشن ڪئي، فيڪلٽي به ٽاپ ۽ يونيورسٽي به ٽاپ

1998 ۾ سنڌي يونيورسٽيءَ جي نفسيات جي شعبي ۾ ريسرچ ايسوسيئٽ ٿيو

2001 ۾ ساڳئي شعبي ۾ ليڪچرر ٿيو

2008 ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو

پڙهائي جي ۽ ڪورسز جي حوالي سان پولينڊ ، آمريڪا ۽ برطانيه ويو ، هن ڪيترائي مڪاني ۽ بين الااقوامي ورڪشاپ ۽ ٽرينگس ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو

21 جنوري 2012 ۾ برين ٽيومر جي ڪري برطانيه ۾ گذاري ويو.

هن جي جنازي نماز 26 جنوري 2012 ۾ ڄامشورو ۾ پڙهائي وئي ۽ اتي ئي دفنايو يو


هن جي Dead Body اڃا يو ڪي/برطانيه ۾ آهي. ڇو ته هو اتي PH.D ڪري رهيو هيو. مون سوچيو ئي نه هيو ته ائين ٿيندو، پر ٿي ويو، هر ماڻهوءَ کي هي جهان ڇڏڻو آهي، ڪوئي هتي رهڻو ناهي، موت ئي آخري منزل آهي، پر هن جي عمر نه هئي ته هو هاڻ وڃي، پر هو هلي ويو، هن جي ناوَ سال کن کان تيار ٿي چڪي هئي، هو ان پار وڃڻو هيو، هو هليو ويو. هن جي وڇوڙي جي خبر هر ماڻهوءَ کي صدمو رسايو آهي، هر اک آلي، جنهن به نظر کي ڏٺو هيو، يا جيڪو به هن سان مليو هيو، انهن تي به ڏک جا ڪڪر ڇانيل آهن، هو ماڻهو ئي اهڙو هيو. پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو، ڪڏهن ڪنهن جي مين مين يا تون تون ۾ نه آيو، ڪڏهن مونکي نظر نه آيو ته ڪنهن سان هن منهن ڀيلو ڪيو هجي، هو پنهنجي تعليم، ڪيريئر ۽ بهتر شين ڏانهن ڌيان ڏيندو هيو..

اسانجون ڪچهريون ٿينديون هيون، مون کي به psychology سان چاهه هوندو هيو، مان به سگمنڊ فرائيڊ، الفريڊ ايڊلر، ڪيلي، ابراهم ماسلو، ۽ ٻيا نفسيات جا ماهر پڙهندو هيس، انڪري نفسيات جي علم جي لغت يا ڏکيا لفظ مون لاءَ نوان نه هيا ۽ ڪڏهن به نظر ۽ منهنجي وچ ۾ اهڙي شيءِ جي Gap نه آئي جو نظر اهو محسوس ڪري ته حسام کي هن لفظ جي تشريح يا سمجهه نٿي آئي.پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نظر جو سبجيڪٽ ئي علم نفسيات هيو، ضرور هو مونکان وڌ ئي ڄاڻي پيو. مونکي ياد آهي، هڪ ڏينهن پاڻ آتم هتيا/خودڪشي تي ڳالهايون پيا ته اها ڇو ٿئي ٿي، ان جا ڪهڙا ڪارڻ ۽ قسم آهن، ماڻهوءَ جي نفسيات ۾ ايڏو وڏو U trun ڪيئن ٿو اچي. ڳالهائيندي ڳالهائيندي، هڪ ڳالهه نظر اهڙي ڪئي، جو مونکي عجب جهڙي لڳي، مون نظر کي چيو ته اهو ڪيئن پئي ٿي سگهيو ته ماڻهو پاڻ مان جنسي مزو وٺي وٺي، پوءِ جڏهن Discharge ٿئي ته هن جو موت واقع ٿي وڃي، (پاڻ مان جنسي مزو وٺڻ کي Auto-eroticism چئبو آهي، ان جي مک قسمن منجهان Masturbation هڪ قسم آهي، عورتون ۽ مرد ٻيئي جنسي اڀار دوران اهو ڪم ڪندا آهن) پوءِ هي گهر ويو ، ڪتاب کڻي آيو ۽ مونکي اها تصوير ڏيکاريائين. مان حيران ٿي ويو هوس، ته ماڻهو واقعي وڏو ظالم ۽ جاهل آهي. اڄ ماڻهو جي بربريت ڏسي، هن جو criminal behavior ڏسي مونکي شيخ اياز جي هن بيت جي سٽ ياد ايندي آهي ته:

ماڻهوءَ منجهه مرون، ڏند ڇپائي ٿو رکي،

جيڏو هن سان وڙ، ڪندين توکي گرکندو

نظر هميشه پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏنو، هن علم نفسيات کي پنهجي زندگيءَ جو حصو بڻايو، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وڃي نالو ڪمايو ،ڊپارٽميٽ جي هيڊ ان وقت خيرالنسا جعفري هئي، جنهن جي ويجهو هئڻ ڪري نظر کي اڃا رنگ لڳو، هو پالش ٿيو ۽ سنڌ يونورسٽيءَ جي ماحول ۾ نه رڳو پاڻ کيسٺي طرح ايڊجست ڪيو، پر پاڻ به مڃايو. نظر سان يونورسٽيءَ ۾ به ملاقاتون ٿينديون هيو، پر زماني ۾ هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي خفي ۾ ٿئي ٿو، پوءِ يونورسٽيءَ ۾ هوندي به ملاقاتن ۾ ناغو ايندو ويو، مان ڊگري فائينل ۾ ڇڏي ڏني، دل نه پئي چاهيو ته هاڻي يونيورسٽيءَ ۾ پير رکجي، رهجي ويل منظر ٿي ويس، گم ٿي ويس، ڪاڏي هليو ويس، پاڻ کي ئي پتو نه هيو، بقول غالب جي:

ہم تو وہاں ہیں جہاں سے ہم کو بھی ہماری خبر نہیں آتی

جيئن رٻڙ ڇڪبو آهي ۽ وري جڏهن ان کي ڇڏبوآهي ته هو پنهنجي جاءِ تي ايندو آهي، اهڙي طرح مان وري پنهنجي جاءِ تي اچي ويس، حالتن جي عتاب مان مس وڃي جان ڇٽي، پاڻ سنڀاليو ، هوش ۾آيس ، وري دوستن سان ميل ملاقات ٿيڻ لڳي، ڪچهريون، ادبي گڏجاڻيون، کل، کيڪر، مطالعو ڄڻ ڪجهه هيو ئي نه، ماڻهو جي پاڻ سنڀالي ته زندگيءَ ۾ وري رونق اچي وڃي ٿي. منهنجي گم ٿيڻ کان پوءِ نظر اڳتي نڪري چڪو هيو، خبر پئي، دوستن ٻڌايو ته نظر ٻاهر ويو آهي، رات جو نيٽ تي ويٺس ته ياهو تي نظر به آن لائين ٿيو، يڪدم هن جو ميسيج آيو:

پيارا! ڇا حال آهي؟ نظر پڇيو

“مان ٺيڪ آهيان جاني! تون ٻڌاءِ!” مون کائنس پڇيو

“ڪٿي آهين” مان وري کائنس پڇيو

“پولينڊ” هن ٻڌايو

نظر، ان وقت Cross Cultural Studies ۾ وارسا يونيورسٽيءَ پولينڊ ۾ ڪورس ڪري رهيو هيو ۽ اهو سال 2001 هيو. پوءِ پاڻ جهٽ کن شڪارپور تي ڳالهايو هيو، پولينڊ تي ڪچهري ڪئي هئي ۽ مان اتي ئي نظر کي چيو هيو ته هن کي هڪ ٻن ڏينهن ۾ شڪارپور جي ويب سائيٽ لاءِ انٽرويو ڏيڻو آهي، جيڪو مونکي جلد کان جلد ان ويب تي ڏيڻو آهي ، جيڪا مان شڪارپور جي لاءِ ٺاهي آهي. مونکي جيترو ياد اچي ٿو ته هي ئي اهو پهريون شخص هيو ، جنهنجو مان پاڻ واري ويب لاءِ انٽرويو ڪيو هيو، نظر نه رڳو انٽرويو ڏنو هيو، پر پنهنجي تفصيلي سي وي به مون ڏانهن موڪلي هئي، جيڪا مان سهڻي طريقي سان ڊزائين ڪري ويب سائيٽ تي هلائي هئي، مونکي ياد آهي ته هڪ ٻيو همراهه هيو، ڊاڪٽر گل آغا ، جنهن جوپڻ مون انٽرويو ڪيو، ۽ هن شخص پنهجي پي ايڇ ڊيءَ جو Theses به آمريڪا مان مون ڏي موڪليو هيو. پر افسوس اهو آهي ته اهي ٻئي شيون تڏهن گم ٿي ويون، جڏهن Geocities وارن پنهجي free web hosting واري سروس بند ڪري ڇڏي، ڇو ته مان web hosting جيئو سٽيز جي مفت واري ويب سائيٽ تان ڪئي، اهي فري اسپيس ڏيندا هيا. اهي شيون هجن ها ته اڄ هن ئي لکت سان گڏ شايع ڪيان ها. (پر مون وٽ ڊاڪٽر گل آغا جو Theses آهي)


ڏيڍ سال کان مٿي ٿي ويو، مونکي ياد آهي، نظر ائين ئي اوچتو وري به ياهو ميسينجر تان اچي پيغام اماڻيو:

”پيارا! ڇا حال آهي”

“ مان ٺيڪ آهيان ۽ ڪراچيءَ ۾آهيان مٺا! ٻيو ڪاڏي

وينداسين” مون کيس جواب ڏنو

“تون ڪٿي آهين” مان کائنس پڇيو

“UK ”. هن چيو

“زبردست، واهه جا ملڪ پيو گهمين، its great yar توکي ائين اڳتي ويندو ڏسي خوشي ٿيندي آهي، ائين لڳندو آهي، ڄڻ مان پاڻ اتي هجان، پر رکي رکي توسان ريس به ٿيندي آهي.” مون کيس چيو

“پي ايڇ ڊي ڪري رهيو رهيان” هن چيو

پوءِ نظر سان ڪچهريون ٿينديون رهيون، پهريان ته رات جو روز، پوءِ ناغو پئجي ويو، پوءِ بس هو گم ٿي وي، مان وچ ۾ ڏاڍو نهاريو ته متان هو آن لائين ٿئي، پر طارق به ته يو ڪي ۾ آهي، هو، نظر ، مان ۽ ٻيا ڪيترائي دوست روز اسان پاڙي ۾ ويهي ڪچهري ڪندا هياسين، پر جڏهن کان هيڏي هوڏي هرڪو مصروف ٿيو ته جهڙوڪ ملڻ جلڻ،ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهٽبو ويو، طارق به ڪڏهن روز ياهو تي مونسان راتيون ڪچهريون ڪندو هيو يوڪي مان، پر هو به غائب ٿي ويو، وڏو عرصو، اڄ هو My Shikarpur تي نظر سومرو جي تصويرسان هيٺين پيغام سان ظاهر ٿيو آهي، جهٽ اڳ، منهنجي لکڻ دوران، طارق لکيو آهي ته:

I don't like to type late but unfortunately it is realit

Today, my dilbar Dr. Nazar Hussain Soomro is No more with us.

He lost his battle with illness that he developed suddenly from nowhere after he finished his PhD degree.

He was in ICU for several months in York Hospital. Adm
itted due to a stroke, paralysis and then went on to Brain Tumour.

His janaza namaz will be in York, UK, on TUE (24th Jan), Body will be taken via PIA on WED, from London. Please do make a DUA (recit Surah Fateha, when you read this).

طارق جو هي پيغام اچڻ کانپوءِ، مان طارق کي جواب ڏنو ته:

Dear Tarik this news has jolted us here, Fahad Jun

ejo called and told from Hyd this evening that Nazar is no more. I am writing about Nazar and will post my write up in a while. We cannot forget our beloved friend. We laughed and enjoyed together at shikarpur, we all used to sit at our door and converse for the hours. It is really heart piercing news. He was thoroughly a gentleman and got his great position due to his constant efforts for his career building. He is a model for the whole Shikarpur and the youth must follow him how to build the career in this era of nepotism.


وري طارق جواب ڏنو؛

Yes Hisam i cant find words to comment, even though imagine that he is no more with us... My mind totaly went off since i heard this news ...
My silence speaks louder then my words...

وري مون کيس جواب ڏنو:

Dear Tarik, everyone has to die, but it was not the age, he passed away!

نظر! خبر ناهي توکي ڪنهنجي جي نظر لڳي وئي!

طارق پوءِ نظر جون ٻه تصويرون ٻيون (منهنجي شڪارپور) My Shikarpur تي شئير ڪيون:

مونکي ياد آهي، نظر سان آخري جيڪي ڪچهريون ٿيون، هي يوڪي جي Yorkshire۾ هيو ۽ هن ڪمال جي ڳالهه ٻڌائي ته يارڪ شاير شهر هوبهو شڪارپور وانگر آهي ۽ هن کي به دروازا آهن ۽ پنهنجي قدامت ۾ زبردست آهي، پر هن شهر جو گهڻو خيال ڪيو ويو آهي، هن جي بلڊنگس ۽ ٻين شين جي حفاظت ڪئي وئي آهي، انتهائي خوبصورت ۽ سڀاويڪ آهي.

مون ٽالڪين جي ناول تي فلمايل مووي The lord of the ring ڪيترائي ڀيرا ڏٺي آهي، مونکي ڏاڍي وڻندي آهي، فلم جو مک ڪردار Mr.Frudo ڇوڪرو آهي، هو به جنهن ڳوٺ ۾ رهندو آهي، ان جو نالو به Shire آهي، ڏاڍو خوبصورت ڳوٺ آهي، هڪ مثالي ڳوٺ، الائي ڇو، جڏهن به Shire جي نالي وارا شهر ٻڌندو يا ڏسندو آهيان ته مونکي پنهنجو شهر شڪارپور ياد ايندو آهي، شڪارپور ، جنهنجي کي نظر سومرو Yorkshire ۾ به وساري نه سگهيو، مهنجي شڪارپرو جو “ش” ۽ يارڪ شاير ۽ ٽالڪين مووي جو شاير جو “ش” مونکي وري وري پنهنجي شهر سان ملائيندو آهي، بامبي کاڌل تل شڪڙيءَ جيئن شيخ اياز کي شڪارپور سان ملايو هيو، پر شڪارپور جي شهر کي ته انگريز ملڪ لکندا رهيا آهن، خوبصورت ، ڪشادو، مالا مال، ذهين ۽ ڌنڌوڙي ماڻهن جو شهر، بئنڪن ۽ پئسن جي ڏيتي ليتيءَ جو شهر، شڪارپور ۾ سڪا به پنهنجا ٺاهيا ويا، شڪارپور ۾ ضرب خانو به پنهنجو هيو، ضربخاني ۾ سڪا ٺهندا آهن، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Mint چئبو آهي، پر اوهان پنهنجي ذهن ۾ متان Mint جي معنيٰ رڳو ڦودنو ڪڍو. شاير ڳوٺ کي ڏسي هميشه شڪارپور جو اهو ڳوٺ ياد ايندو آهي، جيڪو سنڌ واهه جي ڪپ تي ٻڌل آهي، جنهن کي شڪارپور“ڳوٺ مريد سيٺارجا ” يا مختصر لفظن ۾ “سيٺارجا” به چوندا آهن ؛ ڇو ته اتان سنڌو دريا جو پاڻي سنڌ واهه وسيلي هلي ٿو ۽ زمينون آباد ڪندو ويندو آهي، ڀلي سال ۾ اهو واهه رڳو 3 مهينا مس وهندو آهي، (اها ڳالهه رام ڄيٺملاڻي صاحب ورهاڱي کان به اڳ جي وارتا ٻڌائيندو چئي آهي) پر ان ڳوٺ جي خوبصورتيءَ جو وڏي ۾ وڏو راز ، اهو سنڌ واهه ئي آهي،اتي جي زمين سون آهي، مڇين جي کڏ تي مون پرديسي پکي ڏٺا آه، ڪوڪڙاٽن جون قطارون، سَرن تي ويهندي رنگارنگي پکي ، اوڀڙ ئي اوڀڙ، قدرت ئي قدرت، وڏي ڇڪ آهي ڳوٺن ۾، انڪري ئي مون ڳوٺ مريد سيٺارجا کي به فيس بوڪ تي آن پيج ٺاهي رکيو آهي. وڏو ميسيج آهي، The lord of the Ring ۾، هن پوري مووي يا ناول ۾ ڪٿي به Industrialization جو دهو نه پيو آهي، ڪٿي به مشينون نه ڏيکاريون ويون آهن، اها ئي اها شيءِ آهي، جنهن روسو کي سائنس خلاف کڙو ڪيو هيو، ۽ هن back to nature جو نعرو بلند ڪيو هيو، اسان کي پنهنجي ڳوٺن ڏانهن واپس ورڻ گهرجي، قدرتي نظارن ڏانهن موٽ کائڻ گهرجي، اسان جا شهر قدرتي آهن، نظر جيڪو يارڪ شاير جو ذڪر ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته هتي شين جو خيال ڪيو ويو آهي ته ان جو مطلب اهو ئي آهي ته اتان جي ماڻهن ۽ حڪمرانن ۾ civic sense آهي، نظر اها ڳالهه ڪري، ڄڻ اهو پيغام ڏنو هجي، ته “اي شڪارپور واسي! پنهنجي شهر جو خيال ڪيو!”

نظر شڪارپور جو هيو، هن محنت ڪئي، هن دنيا ڏٺي، هو هليو ويو، زندگيءَ هن سان بيوفائي ڪئي، هن جو روشن ڪيريئر شڪارپور ۽ سنڌ جي نوجوانن لاءِ هڪ وڏو پيغام آهي، پر جنهن عمر ۾ هو گذاري ويو، اها هن جي وڃڻ جي وستا نه هئي، هو سڀني کي روئڻهارڪو ڪري ويو آهي، پر ڏسڻو اهو آهي ته هو ڇڏي ڇا ويو آهي، هو کلڻو ماڻهو سڀن لاءِ هڪ ئي پيغام ڇڏي ويو آهي، ته پنهنجي ڪيريئر تي ڌيان ڏيو، پاڻ کي سڃاڻو، اوهان سڀني ۾ صلاحيتون آهن، انهن کي اجاڳر ڪيو، هو يونيورسٽي آف سنڌ جي ايلسا قاضي ڪيمپس جي Department of Testing, Guidance & Research جي شعبي ۾ اسسٽنت پروفيسر هيو، هن جگر جي جاءِ ڪو ڀري نه سگهندو، نظر، جو سمورو ڪيريئر ڪاميابين سان ڀريل آهي، هن جي ڪاميابي هن جي محبت ۽ محبت جي ڪري هئي، هن جا ڀاڳ ويا کلندا، هن کي رستا ويا ملندا، پر خبر ناهي، هن کي ننڍي وهيءَ ۾ڪنهنجي جي نظر لڳي ۽ اسان سڀني کي وڇوڙي جو ڌڪ هڻي هميشه لاءِ هليو ويو.

memonhisam@yahoo.co.uk

___________________________

هي آرٽيڪل 3 فيبروري2012 تي روزاني عبرت اخبار ۾ شايع ٿيو، هيٺين لنڪ آهي:

www.dailyibrat.com/Article_Columns/friday5.html

Thursday, January 19, 2012

A letter to Khalid Mirza on My Shikarpur منهجي شڪارپور


حسام ميمڻ


19 جنوري 2012

خالد مرزا ڏانهن خط

(هي خط خالد مرزا ڏانهن “منهنجي شڪارپور My Shikarpur” گروپ تي لکيو ويو، هي گروپ فيس بوڪ تي آهي)



(خالد مرزا جي comments جو متن:

ناظمي نظام کان اڳ ماڻهو جيڪي ان نظام تحت چونڊيا ويا انهن جي شهر ۾ پهريان ڪيتري پراپرٽي هئي ۽ هاڻي ڪيتري آهي انڪري، مان پنهنجي شهري جي اجڙڻ وارو کاتو به پرويز مشرف جي ڳچيءَ ۾ وجهان ٿو........سائين حسام اوپرن تي ڪهڙو ڏوھۡ. ٿورن لفظن ۾ بيان ته ناظم ڪٿان ٻاهرجا نه پر شڪارپور جا ئي رھواسي ۽ خاموش رھڻ وآرا بِـ شهر جا ماڻهو!!! پو۽ ٻين تي ڪهڙو ڏوھُ.. ( بقول شاعر مون پڪ سڄاتا پنهنجا هئا ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾).


فطرت جي حسن جو قتل ٿيو،
اڄ سونهن جو لڻجي فصل ويو.
جنهن ڪارونجهر جي ڪور مٿي
ڪلهه مور ٽهوڪا ڏيندا هئا
ان ساڳي ئي جنت وادي ۾
ٿا رانڀاٽا راڪاس ڏين

احتجاج ٿيڻ ڪرڻ گهرجي. سائين بلڪل احتجاج ڪرڻ گھرجي ۽ اُن جو بهترين طريقواھو آھي تـَ اهڙن مفاد پرستن کي چونڊجي ئي نه)


خالد سائين!

اوهان صحيح ٿا چئو، پر اهڙيون ڳالهيون انڪري به ڪجن ٿيون ته بقول شيخ اياز جي:

لوڏ هن سمان کي

ڌوڏ هن سماج کي،

جيئن زمين آسان

جي کلي پئي زبان

انقلاب انقلاب

ڳاءِ انقلاب ڳاءِ

ماڻهن کي sensitize ڪرڻو آهي، انهن کي آگاهه ڪرڻو آهي، اسين جيڪو ڪري سگهون ٿا، ان ڪم کي جاري رکڻ گهرجي، ان اميد تي ته اسانجو هي پليٽ فارم شڪارپور جي سڀني شين کي فوڪس ڪندو ۽ دوستن ۽ ڌڻين ۾ اهو احسان پيدا ڪندو ته شڪارپور گهر وانگر آهي ۽ سڀني کي ان جو خيال ڪرڻ گهرجي ۽ شهر جي مالڪي ٿيڻ گهرجي.

خالد سائين!

هن ئي پليٽ فارم معرفت ڪافي سٺا دوست مليا آهن، جن وٽ شهر لاءِ اٿاهه پيار آهي ۽ هو ڪجهه ڪرڻ گهرجن ٿا، شيون آهستي آهستي پنهنجي منزل ڏاهن وڃن پيون ۽ مان پنهجي زندگيءَ جا 30 سال ته شڪارپور ۾ گذاريا آهن، اتي ڄائو آهيان، اتي جوان ٿيو آهيان، اتي جون گهٽيون ، پاڙا، گهر،، ماڳ ۽ شهر گهميو آهي، شهر جي ماڻهن کي به سڃاڻا ۽ خير سان صحافت ۾به چڱو خاصو ڪم پئي ڪيو، 6 کان 7 سال مسلسل اخبارن ۾ لکيو، مختلف رسالن ۾ لکيو، عبرت وارا ته چوندا هيا ته “حسام!شڪارپور کي ڇڏ، ڪنهن ٻئي موضوع تي به لک، پر جي ڪنهن ٻئي موضوع تي لکين ٿو ته به شڪارپور اچي ٿي وڃي”

خالد سائين!

اڻڄائيءَ ۾ به پنهجو ديس منهنجي قلم جي نب تي هوندو هيو ۽ هاڻي به آهي، شهر سان پيار بلڪل ائين آهي، جيئن پنهنجي ماءُ سان پيار ڪرڻ. شڪارپور منهنجي لاءِ ائين ئي آهي، جيئن virtual mother ، هر ماڻهوءَ جو پنهجي جنم ڀوميءَ سان پيار هجي ٿو،

هندو ماڻهو انڊيا کان اچن ٿا ۽ هليا وڃن ٿا ۽ ڪجهه سفرناما ۽ ڊائريون وڃي لکن ٿا، پر پاڻ ته ڪاڏي وڃڻا ناهيون، ڀلي، ڪاڏي وڃون به ته شهر هميشه ساڻ هوندو آهي. جيڪي هندو دوست اچن ٿا، انهن کي هتان جا ماڻهو عزت ڏيندا آهن، احترام ڪندا آهن، ۽ وري انهن کي اهو به چوندا آهن ته اسانجو ذڪر ضرور ڪجو سفرنامي ۾، اهي سڀ شيون آهن خالد سائين!

سڀ شيون هتي ئي هونديون، هر شيءِ هتي ئي پئي هوندي. مان ڏينهن رات شڪارپور تي سوچيان ٿو، لکڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو، پوءِ جيڪو به منهجي وس ۾ آهي، مان ڪوشش ڪري شيون اڳيان آڻڻ جي جستجو ڪيان ٿو، مان چاهيان ٿو ته اسان جي شهر جو مواد ڪٺو ٿي سگهي، اسانجو شهر به Global village جو حصو ٿي سگهي، اسان جي شهر جا ماڻهو به online هجن، اسان جا ماڻهو اگر ڏسڻ چاهن ته “هيرا نند اکين جي اسپتال” ڪٿي آهي، بس، رڳو بٽڻ کي ٽڪ ڪرن ۽ شڪارپور جي هيرا نند اکين واري اسپتال اڳيان اچي وڃي ، جنهن کي سر هينري هالينڊ اسپتال چون ٿا، بلڪل ائين ئي وڪٽوريا اسپتال جو پتو پئجي سگهي، ائين ئي سُڪپل ٽڪ سان نڪري اچي، ائين ئي گورن واري اسپتال جيڪا شڪارپور ڪرسچن اسپتال آهي، اسان جي ڪمپوٽر جي اسڪرين تي اچي وڃي، ائين ئي سامي، الله بخش سومرو، کٽ واري ڌرمشاله، چتروءَ جو شوالو، ڀوڳڙي بازار، قافله سراءِ، حاجي لطيف شاهه پاڙو، انڊيا جي مرڪزي بئنڪ، گودڙن جو پاڙو، ڪاڪڙن جو ٿلو، رستم روڊ، پراڻي ٽيشن، بدوي محلو، دادوئي روڊ، شيخن جو پاڙو ، ميمڻ محله، سوي در، لکيدر، شاهي بازار، پير مست علي شاهه، ميهر شاهه قبو، نوتن داس جي حويلي، نون پٽن جي حويلي، چبوتڙو، ڍڪ بازار، چوڙيگر بازار، Fire hydrants،جماڻي هال، الف شاهه باشاه، دينپور، سڻڪ، لنگهن/مڱڻهارن جو پاڙو، مطلب سمورو شهر، شاهي باغ کان ٽنڊي تائين، ٺاروپور کان پلازه سينيما تائين، هر شيءِ اسان جي اڱرين جي اشاري جي منتظر هجي، پر اهو سڀڪجهه ممڪن ناهي، مان اڪيلي سر سمجهان ٿو ايترو ڪجهه ڪري نٿو سگهان، جيترو مونکان پڳو آهي، اهو ڪيان پيو، ڪندو رهندس، ان اميد تي ته اسانجو نوجوان طبقو ، پنهنجي ان سموري ميراث کي سنڀاليندو ۽ مالڪي ڪندو.

شڪارپور جي هن ڪم ۾ ٻه ٽي شيون درڪار آهن:

1. پڪي ارادي وارا ماڻهو

2. وقت ڏيڻ وارا ماڻهو

3. پيسو

4. منصوبابندي

5. برداشت

6. پيار

جيڪڏهن اسان وٽ اهي شيون هجن ته شڪارپور تي اهڙو ۽ ايترو ڪم ڪري سگهجي ٿو، جو دنيا کي ڏندين آڱريون اچي وڃن ته ڇا ته شهر هيو يا آهي!

اوهان جهڙا دوست گڏ آهن، اها سموري دين، هن گروپ جي آهي، اميد آهي ته منهنجي شڪارپور جو هي گروپ شڪارپور جي ماڻهن ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهيندو ۽ اهي ماڻهو جيڪي اڃا تائين شيون گهر جي صيفين ۾ تالا هڻي ماضيءَ جي ياد يا ميراث سمجهي لڪائي ويٺا آهن ، اهي هڪ ڏينهن ضرور اسان سان پنهجون اهي شيون شيئر ڪندا، ۽ اسان هتي دوستن کي ڏينداسون ۽ ڏيکارينداسين ۽ اهي سڀ شيون ماڻهن ۾هڪ نئون روح ڦوڪينديون!

مان ڪافي ماڻهن جي باري ۾ ڄاڻان ٿو، اهي ٻاهر آهن، اهي شڪارپور ڄايا آهن، اهي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وسيل آهن، پر انهن مڙي شهر کي نه ڏٺو آهي (سڀ هڪجهڙا به ناهن)، انهن شهر لاءِ ڪجهه نه ڪيو آهي، گهڻا ئي عالم ۽ اڪابر، صحافي ۽ جيد ليکڪ آهن، جيڪي خاموش آهن، انهن اڃا شهر تي قلم نه کنيو آهي، ڪافي اهڙا ماڻهو آهن جن وٽ ماضيءَ واري شڪارپور جا يادگار ۽ تصويرون آهن، پر اهي ڪنهن کي ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، اهي سڀ هڪ نه هڪ ڏينهن اسان سان شيون شيئر ڪندا، اسان جي هن پليٽ فارم تي پنهجون يادگيريون لکندا، نوجوان نسل کي آگاهه ڪندا، حق ۽ سچ ڳالهائيندا، پنهنجي شهر جي مالڪي ڪندا، ساڳي ڳالهه جو اطلاق شهر ۾ رهندڙن تي آهي سائين، جيڪي شهر ۾ رهن ٿا، اهي به آهستي آهستي ضرور شهر لاءِ آواز اٿاريندا ۽ وري شهر ۾ هڪ نئون روح پوندو، اهو ڪم تڪڙو نه ٿيندو خالد صاحب، آهستي آهستي، ڌيمي ڌيمي، هوري هوري، اميد جا جهنڊا بلند ٿيڻ گهرجن ۽ مايوس ٿيڻ جي بنهه ضرورت ناهي

منهنجي دل چيو اوهان کي شڪارپور جي محبت ۾ هڪ اهڙو خطڙو لکان، جيڪو شايد ڪجهه ماڻهن ۾ وري نئون روح ڦوڪي.

ساٿ سلامت

حسام ميمڻ

19 جنوري 2012 ڪراچي

Wednesday, January 18, 2012

Dhong Hospital Shikarpur and Baldiati System 2011



حسام ميمڻ


19 جنوري 2012

شڪارپور جي ڍونگ واري اسپتال ۽ ناظمي نظام

قاضي منظرحيات صاحب!

پيارا ٻار آهن اوهان جا، شال خوش ۽ آباد رهن ۽ اوهان به آباد رهو! ٻارڙن جي پٺيان جيڪو ڍونگ واري اسپتال جو ونگ (Arch) آهي، هاڻي اهو به تاريخ جو حصوٿي ويو آهي، انکي بس ياد ئي ڪري سگهجي ٿو. 2011 ۾ جيڪو جنرل پرويز مشرف بدلياتي نظام آندو پاڪستان ۾، اهو شڪارپور ۾ به لاڳو ٿيو، ۽ ان ordinance تحت، اسانجي شهر شڪارپور ۾ به ضلعي حڪومت جو ٻج پيو ۽ جيڪي راتاها شهر کي ان دور ۾ لڳا، ان جي ڪا ڀيڻي ناهي، اوهان اندازو لڳايو ته اڄ ڪراچيءَ ۾ داٻو ڪندڙ مهاجرن جي پارٽي متحده جيڪا چوي پئي ته شهري حڪومت بهتر آهي، ان جو مطلب اهو ئي آهي ته اهو ڪم سڻڀو آهي، ڪمشنري نظام انهن کي رکو نظر اچي رهيو آهي، 8 سان مشرف جي دور ۾ متحده پيسو کاڌو ۽ رڳو ڪراچيءَ ۾ پنهجا علائقا ٺاهرايا.

اوهان ناظم آباد،ڪورنگي، بلديا يا اهي سڀ علائقا گهمي ڏسو، پوءِ وري ڀٽائي آباد ، غازي ڳوٽ، قائدآباد، ملير، گولڊن ٽائون، گرين ٽائون، آصف آباد گهمي ڏسو،

اوهان کي پتو پوندو ته سنڌين، بلوچن ۽ پنجابين جي علائقي ۾ ذري برابر به ڪم نه ٿيو آهي. حقيقت اها آهي ته متحده مضبوط ئي مشرف دور ۾ ٿي آهي ۽ پي پي پيجيڪا Reconciliation واري پاليسي هلائي آهي، اها مهاجرن کي سمجهه ۾ گهٽ آئي آهي ۽ خود حڪومت به پاڻ بچائڻ ۾ پوري آهي.


اهو ئي ناظمي نظام اسانجي شهر ۾ به چالو ٿيو، جنهن دور ۾ شاهي باغ جا پراڻا وڻ وڍايا ويا ۽ ان پراڻي باغ کي نئين ڪرڻ جي نالي ۾ ساوڪ ۽ اوڀڙ ئي ختم ڪرائي وئي، مطلب ته شهر جي حالت اڳي کان وڌيڪ خراب آهي ۽ اوهان جاچي ڏسو ته ناظمي نظام کان اڳ ماڻهو جيڪي ان نظام تحت چونڊيا ويا انهن جي شهر ۾ پهريان ڪيتري پراپرٽي هئي ۽ هاڻي ڪيتري آهي.


انڪري، مان پنهنجي شهري جي اجڙڻ وارو کاتو به پرويز مشرف جي ڳچيءَ ۾ وجهان ٿو، نه هو 12 آڪٽوبر 1999 ۾ ملڪ پاڪستان تي قبضو ڪري ۽ پنهجي تقرير ۾ چوي ها ته ”ميري پياري عزي هم وطنو“ ۽ نه اسان جي شهر ۾ شاهي باغ جا وڻ ڀيلاڙي وڍيا وڃن ها.


شاهي باغ کي سوڙهو ڪيو ويو آهي، اسان جي شهر جا ماڻهو به خاموش آهن، شهر ڀينگ ٿي ويو آهي ۽ ماڻهو خاموش آهن، ڪجهه ته احتجاج ٿيڻ گهرجي، ڪجهه ته شهر جي مالڪي ٿئي، جي شهري نه ڳالهائيندا ته ائين ٿيندو رهندو.

ساڳيو ئي حال، ڍونگ واري اسپتال جو اوهان پاڻ ٻڌايو آهي ته :


”قاضي منظر حيات ، منفرد ۽ ماترا سان هاٿيدر ـ شڪارپور ۾ اڳوڻي ڍونگ واري ااسپتال ٻاهران، جنهن کي ضلعي حڪومت پٽ ڪرائي نئين سر جوڙائڻ جو ڪم شروع ڪيو پر اهو بنياد کڻڻ بعد لڳ ڀڳ سال کان کنڊر بڻيل آهي ماضيءَ يادگار طور اسپتال جو مک دروازو اصلوڪي حالت ۾“


اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڍونگ واري اسپتال پهريان وڪٽوريا ڊسپينري جي نالي سان سال 1857 ع ۾ شڪارپور ۾ قائم ٿي ۽ سال 1920 ۾ ان جونالو لکميچند ٽيڪچند ڊسپينسر رکيو ويو، جنهن کي عام طور ڍونگ واري اسپتال چيو سڏو وڃي ٿو.

___________________________

تاريخي حوالو سائين نقش ناياب منگيءَ جي ڪتاب “شڪارپور هڪ اڀياس” مان ورتو ويو آهي


Tuesday, January 17, 2012

Shah Abdul Latif Bhittai and Shikarpuri Maai (woman)

حسام ميمڻ

18 جنوري 2012

شاهه سائين ۽ شڪارپور جي مائي

سال 2006 ۾ Paulin A Brown جو ڪتاب

Christians on an Extraordinary Mission in Southern.. Jars of Clay:

ڇپيو، جنهن ۾ پال لکيو آهي ته سنڌ ۾ هونئن ته گهڻا ننڍا وڏا ميلا ٿيندا آهن پر ٽي وڏا ميلا هر سال ٿيندا آهن ، هڪڙي جو ذڪر ڪندي لکيو اٿائين ته جنوري 1955 ڌاري جيڪب آباد ۾ Horse and Cattle Show ٿيو، ٻيو سيهوڻ جو ميلو ۽ ٽيون سنڌ ۾ حيدرآباد ويجهو هالا ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ميلو ٿيندو آهي. سنڌ ۾ جيتريون به وڏيو شخصيتون پيدا ٿيون آهن شاهه سائين به انهن مان هڪ قدآور شخصيت آهي. پال، شاه سائينءَ لاءِ Towering Personality لفظ استعمال ڪيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته هن لطيف سائينءَ جي ڄم جو سال صحيح نه لکيو آهي، هن لکيو آهي ته شاهه لطيف 1680 ۽ 1690 ڌاري وچ ۾ پيدا ٿيو، يعني هن کي پڪ ناهي ته ڪهڙي سال پيدا ٿيو، انڪري 80 ۽ 90 جو پورو ڏهاڪو ڏنو اٿائين.

هڪ ٻي به خاص ڳالهه ڪئي آهي هن همراه ته لطيف سائينءَ کي سنڌ جو poet laureate سمجهيو وڃي ٿو. Poet laureate جو مطلب آهي، “درٻاري شاعر“ جيڪو، حاڪم جي شان ۾ قصيدا لکي ۽ ان جي موٽ ۾ درٻار هن کي وضيفو ڏئي، جيئن برِ صغير ۾ غالب وضيفو وٺندو هيو، توڙي جو هو ڀلو شاعر هيو، پر لطيف سائين ته ڪڏهن وضيفو نه ورتو ۽ هن پنهنجي شاعريءَ معرفت نه رڳو سنڌي ڪردارن کي جاڳايو، سنڌي ٻوليءَ کي نئون سنئون ۽ سڌاري ڏنو، پر قوم کي به هميشه ڪوشش ۽ مستقل جدوجهد جو سبق ڏنو، ان حوالي سان لطيف سائين اسان جو قومي شاعر ۽ هيرو آهي، نڪي درٻاري شاعر، پر پال جو مطلب آهي ته هو وڏ شاعر آهي، جيئن انگلينڊ ۾ اڃا تائين درٻاري شاعر موجود آهن ۽ انهن کي وضيفا ملن ٿا.

خير، مان اچان ٿو خاص ڳالهه ڏانهن جنهن جو پال ذڪر ڪيو آهي ، اها ڳالهه هيءَ آهي ته شاهه جو رسالو يا شاعري هر ماڻهو پڙهي ۽ سمجهي ٿو ڀلي هو پڙهيو ڳڙهيو هجي يا اڻ پڙهيو، ان جو مثال هو اهو ٿو ڏي ته هنن وٽ شڪارپور ۾ جيڪا ڪم ڪرڻ واري مائي/نوڪرياڻي آهي، اها ٺپ پڙهيل نه هئي، هڪ درجو به نه، پر شاهه جا بيت نه رڳو سڃاڻي پئي پر برزبان ياد پڙهي ۽ جهونگاري به پئي. پال جا اصلي لفظ هي آهن، جڏهن هو شڪارپور جي مائيءَ جو ذڪر ڪري ٿو:

“Even Mai, who worked for us in Shikarpur and could neither read nor write, recognized poems from Shah's Risalo”

مونکي خبر ناهي ته هوءَ مائين ڪير آهي، پر مونکي ان تي خوشي آهي ته هوءَ شڪارپور جي آهي، جي هوءَ لطيف سائينءَ جا بيت نه پڙهي ها ته هن جو ذڪر عيسائي مشنريءَ وارو پال اي برائون پنهنجي انگريزي ڪتاب ۾ ڪيئن ڪري ها. اهڙا ڪيترائي ڪردار آهن، شڪارپور جا، جيڪي اسان جي اڳيان آهن، پر اوجهل آهن، اسان جو اکيون جهانورجي پيون آهن، اسان پنهجي ماڻهن جو قدر ڪونه ٿا ڪيون، جڏهن ڪو وڏو ماڻهو اهڙن ڪردارن کي کڻي مٿي آڻي ٿو ته پوءِ ماڻهو ڏندين آڱريون آڻن ٿا.

هي ليک لکڻ جو مطلب فقط اهو آهي ته اسان جي سڄي سنڌ اهڙن ڪردارن سان ڀريل آهي، پر اسان جي شڪارپور ۾ اهڙا ڪيترائي ڪردار آهن جن اڃا تائين نه ڇهيو ويو، جيڪي رپورٽ نه ٿيا آهن، اهڙن ڪردارن کي اڳيان آڻيو دوستو! شڪارپور نه رڳو مندرن، مسجدن، تاريخي عمارتن، وڏين شخصين جو شهر آهي، پر هو عام ڪردارن جو به شهر آهي، ۽ سچ ۾ اهڙا عام ڪردار تمام وڏا ماڻهو هجن ٿا.

ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته کي جيڪا مائي ليطيف سائينءَ جا بيت ٻڌائي پئي اها عورت آهي، عورتن کي فوڪس ڪيو، اسان مرد عورتن کان سوا ڪجهه ناهيون، هنن جو به پورو پورو حق آهي، نياڻين کي تعليم جي زيور سان مالا مال ڪيو، اهو وقت گذري ويو ته سڀني کي جهڙوڪ پٽاڻو اولاد گهربو هيو، نياڻيون به انسان آهن ۽ انهن ۾ به سموريون صلاحيتون آهن انهن کي دٻائڻ نه گهرجي، انهن جي ڪڏهن به حوصله شڪني ڪرڻ نه گهرجي.

memonhisam@yahoo.co.uk

مان سمجهان ٿو، پال جي نوڪرياڻي جنهن کي هو مائي ٿو چوي ۽ هن جو نالو نه لکيو اٿائين، شڪارپور واسڻ آهي، ان ڪري اسان سڀني کي پنهنجي ان عورت تي فخر ڪرڻ گهرجي، جيڪا انگريزين کي به لطيف سائينءَ جو پيغام ڏنو آهي.