Monday, October 29, 2012

رهجي ويل منظر


رهجي ويل منظر  (ناول)

ماڻهو چوندا آهن ته طارق عالم ابڙو جو ناول ”رهجي ويل منظر“ شاندار آهي، اهڙو ناول ڪڏهن اسانوٽ لکيو ئي ناهي ويو. مان به اهو ناول سنڌ يونيورسٽيءَ جي دور دوران پڙهيو هيو، مون کي به وڻيو هيو، پر اهو هڪ فيز هيو، جيڪو ڪڏهن جو پورو ٿي ويو، هاڻي مون وٽ ان ناول لاءِ اهو چاهه بنهه ناهي، مان سمجهان ٿو هڪ دفعو پڙهڻ جهڙو ئي، خاص ڪري جوانيءَ جي اڀرندڙ ڏينهن ۾، ان کان پوءِ ان جي ايتري گنجائش نٿي رهي
 زندگيءَ ۾، اهو منهنجو ذاتي رايو آهي، مان هڪ پڙهندڙ آهيان، اها منهنجي راءِ آهي

اسان وٽ ماڻهو وڌاءُ ڪندا آهن، فلاڻي شيءِ اصل شاندار، بي مثال الائي ڇا ڇا، دل چوندي آهي جيڪر نه پڙهان ها ته شايد اها ٻاڙ سڄي عمر رهي ها پر ان کي پڙهي پنهنجي ٻاڙ ئي ختم ڪري ڇڏي، پر ڪجهه ناول اهڙا آهن، جن کي پڙهيو آهي، وري دل چوندي آهي پڙهان، ڪي ڪي شيون ورائي ورائي پڙهڻ جهڙيون هونديون آهن

مان اهو نٿو چوان ته ناول مزي جو ناهي، ناول سٺو آهي، پر ان جو content ايترو اثرائتو ناهي، جو وري ٻيهر پڙهجي، دوستن پڙهيو هوندو، انهن شايد ورائي ورائي به پڙهيو هجي، پر مون ان کي هڪ دفعو پڙهڻ جهڙو ئي سمجهان ٿو

اڄ خوشونت سنگهه کي پڙهان پيو ته سنڌي ناول به ياد اچي ويا، سوچيو ته اپڊيٽ لکي وٺان

حسام ميمڻ
26/10/2012

Paraphernalia of Sorrows

Paraphernalia of Sorrows

How powerfully Latif Saeen depicted and illustrated the painful soul's sorrowful and perilous situation, it faces ahead during the journey to get reunion with beloved:

"poor woman carries paraphernalia of sorrows in her heart"
(ويچاريءَ کي دل ۾، سُورن جو سامان)

How deep and figurative style to state the mental stress beautifully, it is not only poetry but also a message of inflicted souls, they 
feel to perform well, the more the sorrows, perform they better.

The aforesaid line from the poetry of Latif Saeen really have catharsis of mine, I suffer together with the soul, who faces hardships during the journey of life to meet the beloved.

Tailpiece:

We avoid sorrows, 'cause sorrows get you into troubles and you never can rest and we are habitually restful souls.

Hisam Memon
29/10/2012

The book of Nonsense

The Book of Nonsense 

I have completed reading of Edward Lear's book "A book of Nonsense", this books was first published in 1894. I suggest, if someone wants to know more about Edward, googling will help or wikipedia will be fine to know more about his profile.

His book is comic one but really nice one and about children, I was laughing suddenly when kept reading. I am sharing some pieces here:

There was an Old Man 
on some rocks,
Who shut his Wife up in a box:
When she said, "Let me out," he exclaimed, "Without doubt
You will pass all your life in that box."
________________________

There was an Old Derry down Derry,
who loved to see little folks merry;
So he made them a Book, and with laughter they shook
At the fun of that Derry down Derry.
________________________
There was an Old Person of Chili,
Whose conduct was painful and silly;
He sate on the stairs, eating apples and pears,
That imprudent Old Person of Chili.
___________________________
There was a Young Lady of Troy,
Whom several large flies did annoy;
Some she killed with a thump, some she drowned at the pump,
And some she took with her to Troy.
____________________________
There was a Young Lady of Hull,
Who was chased by a virulent Bull;
But she seized on a spade, and called out, "Who's afraid?"
Which distracted that virulent Bull.
___________________________
There was an Old Man in a tree,
Who was horribly bored by a Bee;
When they said, "Does it buzz?" he replied, "Yes, it does!
It's a regular brute of a Bee."
___________________________
There was an Old Man who said, "Hush!
I perceive a young bird in this bush!"
When they said, "Is it small?" he replied, "Not at all;
It is four times as big as the bush!"
___________________________
There was an Old Man with a flute,—
A "sarpint" ran into his boot!
But he played day and night, till the "sarpint" took flight,
And avoided that Man with a flute.
___________________________

Go through the book, though it was written for children but elders can also enjoy, it is pictorial, that really tastes well

Hisam Memon
29/10/2012

Nonsense poetry and the Book of Nonsense


هزليه شاعريءَ جو حادثو ۽ بيوقوفيءَ جو پستڪ – (ساروڻي)

مونکي ياد آهي ته شڪارپور ۾ ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون ۽ مان اڪثر ويندو هوس ۽ ڪوشش ڪندو هوس ته ناغو نه ڪيان، هڪ ته فارغ هوندو هوس، ٻيو دوستن سان ملاقات ٿيندي هئي هفتي هفتي، اهي گڏجاڻيون هونئن ته مختلف هنڌن تي به شڪارپور ۾ ٿينديون هيون، پر آخري گڏجاڻيون شڪارپور جي بيدل پبلڪ لائبريريءَ ۾ ٿينديون هيون، اهڙين گڏجاڻين کي اڪثر دوست سٽنگ يعني ويهڪ به چوندا هيا.

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي هڪ دوست پنهنجي شاعري تنقيد لاءِ پيش ڪئي، ان ان کي ٻڌو، جڏهن منهنجو وارو آيو ته مان سادري طرح اهو چيو ته
هيءِ شاعري هزليه شاعري جي دائري ۾ اچي ٿي، اسين انکي انگريزيءَ ۾ نان سينس پوئٽري به چئي سگهون ٿا ۽ اهڙي شاعري اردوءَ ۾ به ڪئي وئي آهي، بس منهنجي ڳالهائڻ جي دير هئي، تخليقار صفا چڙي پيو، اصل ڪاوڙجي پيو، پر ڪيترن ئي دوستن کي هزليه جي ڄاڻ نه هئي، ٿي سگهي ٿو ڪجهه دوستن کي هجي به پر مون کان سوا ان کانپوءِ به ڪڏهن ڪنهن هزليه شاعريءِ جو ذڪر نه ڪيو.

همراهه چڙي ويو منهنجي لاءِ چئي رهيو هيو ته ائين ته صفا نه ڪبو آهي جو شاعريءِ کي نان سينس چئجي. مان پريشان ٿي ويس، پر کيس لنوائي ڇڏيو ڇو ته هن جي شاعريءَ ۾ هزليه شاعريءَ وارو پهلو نمايان هوندو هيو، پر مسئلو اهو هيو ته اسانجي دوستن هزليه يا نان سينس شاعريءَ کي جهڙوڪ گار سمجهيو، جڏهن ته ان جو مطلب هيو ته شاعريءَ مان ڪو سينس ئي نه پيو اچي، سمجهه ۾ ئي نه پئي اچي، جهڙوڪ اڻڄائيءَ ۾ مشڪري هجي، پر شاعر صاحب ته سنجيدگيءَ سان اهو اسم کڻي آيو هيو، ان ۾ هن جو ڏوهه به نه هيو، ۽ مطالعي جي کوٽ ڪري، به اهو مسئلو هيو.

اڄ ان ڳالهه کي سال ٿي ويا، مان اڄ تازو ايڊورڊ ليئر جو ڪتاب پڙهي پورو ڪيو، آهي، جيڪو نان سينس شاعريءَ جو بادشاهه ليکيو ٿو وڃي، هن جو ڪتاب اڄ نان سينس يا هزليه شاعريءَ جي حوالي سان ڪلاسڪ سمجهيو وڃي ٿو، هن جي ڪتاب جو نالو

The book of Nonsense

آهي ۽ پنهنجي هڪ خاص صنف لمرڪ جي ڪري جڳ مشهور آهي، لمر ڪ شاعريءَ جي صنف آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ پنج سٽو ، پنجڙو يا پنجڪڙو به چئي سگهجي ٿو .لمرڪ ۾ عقل جي ڳالهه مشڪريءَ ۾ ڪري سگهجي ٿي، جنهن ۾ طنز ۽ مذاح جو پهلو ٿين ٿا ۽ بي وقوفيءَ واريون ڳالهيون به ڪري سگهجن ٿيون، لمرڪ جي انگلينڊ ۾18 صديءَ کان  شروعات ٿي ۽ ان کي عروج تي ايڊورد ليئر 19 صديءَ ۾پڄايو.

اسان جي ماڻهن کي چڙڻ جي ضرورت نه آهي، بي وقوفيءَ واريون ڳالهيون يعني جن ڳالهين ۾ عقل نه هجي، يا عقل جي خلاف ڪيل ڳالهه هجي، يا جنهن ۾ وقوف يعني ڪگنيشن نه هجي، اهڙين ڳالهين کي بي وقوفيءَ واريون ڳالهيون چيو ويندو آهي نڪي ان کي گار يا گٿو لفظ چيو وڃي

ايڊورڊ ليئر جو ڪتاب“ بي وقوفيءَ وارو پستڪ” يعني دي بوڪ آف نان سينس پڙهيو ويندو ته اندازو ٿي ويندو ته شاعريءَ جي اها به هڪ سٺي صنف آهي، جنهن ۾ سهڻي طرح خيالن جو اظهار ڪري سگهجي ٿو، جيئن ايڊورڊ ڪيو آهي، بي وقوفيءَ وارو پستڪ ٻارڙن جي لاءِ لکيو ويو هيو، ۽ شاعريءَ سان گڏ تصويرون به ڏنيون ويون هيون ته جيئن بار اها شاعري به پڙهن ۽ تصويرون ڏسي ڳالهه کي چڱيءَ طرح سمجهي به سگهن

هڪڙو لمرڪ نموني طور ڏجي ٿو، جيڪو 1880 جو آهي:

There was a young rustic named Mallory,
who drew but a very small salary.
    When he went to the show,
    his purse made him go
to a seat in the uppermost gallery.

هن جو فني گهاڙيٽو اهو آهي ته پهريون ٻه سٽون هم قافيه، وري ٻه سٽون هم قافيه، پنهنجي ۽ آخري لائين پهرين سٽ سان هم قافيه ڪبي آهي

مثال طور، جيئن مٿين لمرڪ ۾ قافيه آهن
پهرين ٻن سٽن جو قافيه هڪجهڙا آهن

ميلري ۽ سيلري

ور ٻه سٽون جيڪي انهن کان پوءِ اچن ٿيون، انهن جا قافيه هڪجهڙا آهن، مٿال طور

شو ۽ گو

وري آخري ۽ پنجين لائين ۾ لفظ گيلري پهرين ٻن ستن جي قافيي سان ملايو ويندو آهي

_________________
جيڪي لفظ ليک ۾ استعمال ڪيا ويا آهن 

The book of Nonsens by Edward Lear
Poetry of Nonsense
Cognition
Limerick
_________________

حسام ميمڻ
29/10/2012

Let us write autobiographies


اچو ته آتم ڪٿائون لکون

محترم شفيق جوکيو پنهنجي وال تي هيءَ شيءِ لکي، جيڪا انتهائي ڪم جي آهي، اسان جي ماڻهن کي سچ ۾ ان شيءَ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هيٺون پيغام آهي:

جيڪڏهن هر هڪ سنڌي فرد پنهنجي پنهنجي آٿم ڪهاڻي آکاڻي، جيون ڪٿا ويهي لکي ته؛ سنڌي ادب هڪ ڀنڊار جيان ائين ڀرجي کاڻ ٿي پوندو جتان ادب جا موتي لعل املهه ماڻڪ ملندا رهندا جنهن جي ڪڏهن کوٽي ڪانه ٿيندي. 
يارهين ڪلاس جي ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هوم؛ 
پر ان قول کي پنهنجي پريم پيار جو وڳو ويس پارائي فيسبوڪ تي شيئر ڪيمُ. 
اهو سبق سندمُ استاد ڊاڪٽر پروفيسر علوي اسرار احمد شڪارپور-سنڌ وارن پڙهايو هوم. 

جوکيو شفيق
29.10.12
_________

شفيق صاحب جي اها ڳالهه پڙهي مون کيس جواب ڏنو:

سائين مان سالن کان ماڻهن کي منٿون پيو ڪيان، انهن کي فونيون پيو ڪيان، خط پيو لکان، پيغام پيو اماڻيان ته خدا جي واسطي پنهنجون ساروڻيون لکو، پنهنجي آتم ڪٿا لکو، يادگيرين کي سهيڙيو، ڪجهه دوستن مان به ڏنو آهي، پر پوءِ ڪيترائي سستيءَ مان ڪم ڪڍي رهيا آهن

شفيق صاحب هي جيڪو قول اوهان ڏنو آهي، مان نه پڙهيو آهي، جي پڙهيو به آهي ته ڌيان نه ڏنو هوندو ڪڏهن، پر ڳالهه سهڻي آهي، مان ٿورو ڳالهه کي ٻي انداز ۾ ڪندو آهيان ته جيڪڏهن هر ماڻهو آتم ڪٿا لکي ته اهو ادب نه به هجي، پر تاريخ ضرور آهي، مان اتم ڪٿائن کي تاريخي حيثيت ڏيندو آهيان

اوهان کي به هٿ ادب جا ٻڌي عرض ٿو ڪيان ته سائين خدا جي واسطي اوهان به پنهنجي آتم ڪٿا لکو، سچ ته اهو شاندار هوندي ، اهي هڪ اهڙي تاريخ هوندي، جيڪا اسان وٽ نه لکي وئي آهي، 

سائين اسرار احمد علوي هڪ شفيق ۽ پيارو ماڻهو آهي، خود سائينءَ کي مان عرض ڪندو رهيو آهيان ته اهي پنهنجي آتم ڪٿا لکن، شڪارپور ۾ هڪ محقق ۽ تاريخ نويس کي چيو هيو ته اهو پنهنجي آتم ڪٿا لکي ۽ هن منهنجي چوڻ تي اها شيءِ لکي هئي، ساڳي ڳالهه مان ڪيترن ئي ماڻهن کي چوندو رهيو آهيان

مان پنهجون ساروڻيون به لکڻ شروع ڪيون آهن، مان اوهان جي ڳالهه سان اتفاق ڪيان ٿو، پر ان کي عملي شڪل ڏيڻ گهرجي، ساڳي ڳالهه آسي زمينيءَ کي عرض ڪندو رهيو آهيان، ساڳي ڳالهه مان بيهر عرض رکان ٿو ته ڀلي آتم ڪٿا ائين نه لکو جيئن تاريخ وار سائيم مرزا قليچ بيگ لکي هئي، پر جيئن جيئن اوهان کي ياد اچي لکندا وڃو، سچ ته اها نئين شيءِ هوندي

مان سوچيندو آهيان اسان جا سڄاڻ، پڙهيل لکيل ماڻهو جيڪڏهن سچ ۾ آتم ڪٿائون، يادگيرون يا ساروڻيون لکن ته سچ ۾ اها بنه نيئن شيءِ هوندي،

مثال جيڪڏهن اها شيءِ فياض امر لکي ته ڇا ته شيءِ هوندي، اها ئي شيءِ ادي شير بانو، شميم بشير، ادل سومرو، انور فگار، اياز غوث، امتياز منگي، مونس اياز، اعجاز منگي، شفيق جوکيو، شمشير سيلرو، خليق ٻگهيو، عديل مهر، ممتاز منگي، شهاب اوستو، عمر ميمڻ، احمد نواز هڪڙو، امداد علي ميمڻ ۽ اهڙا ئي ٻيا دوستن لکن ته اهي شيون سچ ته علمي به هونديون، معلوماتي به، پياريون به ۽ اتساه ڏيندڙ به

مونکي سچ ته انهن ماڻهن تي ڏک ٿيندو آهي، جيڪي پنهجون آتم ڪٿائون لکي نه سگهيا، يا جيڪي رهجي ويا، مثال نقش ناياب منگي، سهيل پيرزادو، نور احمد جوڻيجو، خادم حسين ميمڻ، عثمان انصاري، ممتاز شيخ، ۽ ڪيترائي.

حسام ميمڻ
29/10/2012

To be stubborn


ڪتي وارو ضد
========
==========

هو مون وٽ پنهنجو انگريزي ڊرافٽ کڻي آيو ، پهريان ته مونکي اهو چيائين ته مان هن کي لکي ڏيان، پر مون کيس چيو مسئلو هن جو آهي هو ڊرافٽ تيار ڪري مون وٽ اچي، پوءِ ان جي وڍ ٽڪ، ڊاهه ٺاهه ڪبي، لکان ئي مان، اهو مونکان نه ٿيندو

همراه ڊرافٽ کڻي آيو، پڙهي منهنجا ڍڍر ئي ڍدرا ٿي ويا، هو آفيسر آهي، ڪميشن ڪئي اٿس (مڙئي نوڪري ملي ويس، سمجهو ٿا جيئن ملي ويندي آهي، پر اوهان وٽ ريفرنس پڪو هجي،
داٻي وارو هجي يا وري اوهان وٽ ڏوڪڙ پاڻي هجي يا وري اوهان به نوڪري ڏيارڻ واري جي ڪم جا هجو ته ڪم ٿي ويندو آهي)

کلي ڪري چيومانس: ”تو جهڙا آفيسر ئي اهڙا ڊرافٽ لکي سگهن ٿا!“

موٽ ۾ غصي ۽ ڪاوڙ واري انداز ۾ ڏٺائين ۽ چيائين:
”
هاڻي بڪواس ڇڏ، درست ڪر“

سمورو ڊرافٽ غلط هيو، جتان جتان درست ڪيان پيو ته هو مونکي ڪاوڙ ۾ چوي پيو : ”اهو ته بلڪل صحيح آهي، تون هروڀرو ٿو وڏون ڪڍين“

جن جملن ۽ لفظن لاءِ هن ائين چيو، مان ان کي ڇڏيندو ويس، جيڪڏهن هو درست سمجهي پيو ته مان ڇا پئي ڪري سگهيس، ائين ئي سمورو ڊرافٽ چيڪ ٿي ويو، هن پنهنجي هڪ غلطي نه مڃي، سواءِ هڪ صورتخليءَ جي علطيءَ جي ۽ هو مون وٽان هليو ويو ۽ صبح جو ٻئي دوست ٻڌايو ته هن درخواست وارو ڊرافٽ ڪنهن ٻئي کان لکرايو ۽ ۽ اها رد ٿي چڪي اٿس.

ان ڏينهن کان پوءِ مون وٽ ناهي آيو، مان ڌڻيءَ جا شڪرانه بجا پيو آڻيان ته اهو مون وٽ ٻيهر ناهي آيو، الله اهڙي ڪم لاءِ ڪنهنجو محتاج به نه ڪريس، پر مونکي اها شيءِ ذهن ۾ آئي ته اسان وٽ اها شيءِ ڪيڏي مشهور آهي، عام طور اهو لفظ ڳالهايو ويندو آهي. ”ڪتي وارو ضد“، ٿي سگهي ٿو گهڻن رڳو اهو لفظ ٻڌو هجي، پر مان کوڙ دفعا اهو ڏٺو آهي، منهنجي مشاهدي ۾ آيل آهي، پر مونکي اها اڄ تائين خبر نه پئجي سگهي آهي ته اهو ڪتي وارو ضد ڇا آهي، ڇا ڪڏهن ڪنهن دور ۾ ڪنهن ڪتي ايترو ضد ڪيو هيو، جو اهو ضد اسان وٽ پهاڪي جي صورت اختيار ڪري ويو، پر وڏن جيڪو چيو هيو، سچ ته انهن جا قول، پهاڪا، چوڻيون ڪمال آهن، وڏا سچ ته وڏا آهن!

حسام ميمڻ
29/10/2012

Saturday, October 27, 2012

ڀڳو سڄو نه ٿئي، هڪ موتي ٻيو من


ڀڳو سڄو نه ٿئي، هڪ موتي ٻيو من
(ساروڻي)


آغا سليم جاڳو اخبار ۾ هڪ آرٽيڪل لکيو هيو، جيترو مونکي ياد اچي ٿو اهو ٽن قسطن ۾ شايع ٿيو هيو (ڇو ته پراڻي ڳالهه آهي) ان جو عنوان بي حد خوبصورت هيو، سچ ته مونکي ڏاڍو وڻيو هيو، ان ليک جو عنوان هيو:

”ڀڳو سڄو نه ٿئي، هڪ موتي ٻيو من“

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ليک ڀلو هيو، آغا صاحب جي ان ليک کي جيڪڏهن دوستن کي موقعو ملي ته ضرور پڙهن، سٺو معلوماتي ليک هيو، ان ۾ هڪ هنڌ چيخوف جو قول ڏنو ويو هيو، اهو به مونکي وڻيو هيو، تڏهن اڄ تائين ياد آهي:

”مان سڄي عمر پنهنجي اندر جي حيوان کي مارڻ جا جتن ڪندو رهيو آهيان“

ان مضمون سان هڪ ٻي يادگيري به لاڳاپيل آهي، اسانجو هڪ دوست هوندو هيو، سهيل پيرزادو، اهو ڪجهه سال اڳ ڪينسر ۾ گذاري ويو، اهو ڪتابن جو انتهائي شوقين هوندو هيو، سٺي لائبريري هيس، هن  جو پنهنجو هڪ انداز هوندو هيو، الستي ماڻهو هيو، سگريٽ ڏاڍا پيئندو هيو، جي ايم سيد، پير حسام الدين راشدي ۽ ٻين سنڌي ليکڪن جا اڪثر نالا کڻندو هيو، انهن جون ڳالهيون به ٻڌائيندو هيو. هن کي سنڌ سان پيار هيو، هو ڪتابن جو عاشق هيو.

هن جي گذاري وڃڻ کانپوءِ مان هن تي هڪ ٻه ليک لکيو هيو، خير، هن جي گذاري وڃڻ کانپوءِ ڪافي ڏينهن کان پوءِ چاچي قلندر بخش مونکي چيو ته هو سهيل جا ليک ڏيکاريندو . مان هن ڏي شام جو ويو هيو، هزاري در تي، سهيل جي گهر ٻاهران ويٺاسين ڪرسين تي، چاچي جي هٿ ۾ هڪ ڊائري هئي، اصل ڊائريءَ کي هٿ ئي لاهڻ نه پيو ڏي.
 چيو مانس:
چاچا ڏيکاريو ته خبر پوي ته هن ڇا لکيو آهي!

 ايذائن جو ڊائري ڏيکاريائين، چاچو پاڻ اهو ڊائريءَ ۾ لکيل ليک پاڻ پڙهي ٻڌائي رهيو هيو، ڪجهه ٽڪر ٻڌا، مونکي لڳو ته مان اها شيءِ پهريان به پڙهي چڪو آهيان.

چاچي کي مون چيو: “اهو ليک مون اڳ ئي پڙهيو آهي، اهو سهيل جو ناهي”

چاچي منهنجي واتان اهو ٻڌو ۽ هو ڪاوڙجي پيو، اصل اهڙي دٻ ڪڍيائين جو مان ڪنفيوز ٿي ويس.
چيائين: ”هاڻي هو هن دنيا ۾ ناهي، ته اوهان هن جا دوست ٿي ائين ڪندا”
“اهڙي ڳالهه ناهي چاچا! پر مان سچ ٿو چوان ته اهو ليک سهيل جو ناهي.”
“پوءِ ڪنهنجو آهي؟!“ پڇيائين
”اهو ليک آغا سليم جو آهي، جيڪو هن جاڳو اخبار ۾ ٽن قسطن ۾ لکيو آهي ۽ هتي سهيل رڳو هڪ قسط لکي آهي، پنهنجي هٿ اکرن سان، سهيل کان غلطي اها ٿي وئي آهي جو هن عنوان نه لکيو آهي ۽ آغا سليم جونالو به نه لکيو آهي” مون کيس ٻڌايو
“تو وٽ آهي ته مونکي اخبار ڏيکار” هن چيو
“مان اوهان کي اخبار ڏيندس چاچا، اوهان لفظ لفظ پاڻ ڏسجو” مون کيس چيو
ٻئي ڏينهن تي چاچو مون وٽ پاڻ گهر هليو آيو ۽ مان هن کي ٽئي قسطون ڏنيون اخبار جون، پوءِ وڃي چاچو ڪجهه مطمئن ٿيو ته مان ڪا بهتان بازي نه ڪري رهيو هوس ۽ سچ ڳالهائي رهيو هوس.

چاچي جو ڏوهه نه هيو، هر پيءُ پنهنجي اولاد لاءِ بهتر سوچيندو آهي ۽ چاچو انڪري به پريشان ٿي ويو هيو ته سهيل کي گذاري ڪجهه وقت ٿيو هيو، جيڪو هڪ اهڙو صدمو آهي، جنهن جو ڪاٿو ڪير به ڪري نٿو سگهي. پوڙهي پيءُ کي جڏهن جوان اولاد ائين ڇڏي وڃي ته ان درد جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي.

مون اڳ ئي چيوته سهيل هڪ الستي ماڻهو هيو، هو صفا دلبر قسم جو ماڻهو هيو، پيار ڪندڙ هيو هيو ۽ جذباتي به، جيڪا شيءِ وڻي ويندي هيس، اها وٺندو هيو، گولڊ ليف سگريٽ پيئندو هيو، ڪاٽن جا جوڙا پائيندو هيو، ڪڏهن ڪڏهن فقيراڻن حالن ۾ هوندو هيو، ڪڏهن ڪڏهن ڪلين شيو ٿي، پينٽ ۽ شرٽ هڻندو هيو ته هو سچ ۾ هيرو لڳندو هيو.

پر يار جي حياتي ايتري هئي، موذي مرض هن کي اندران ئي انداران کائي کوکلو ڪري ڇڏيو، ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙي ڪار ٿيڻي آهي، بس پوءِ سهيل اسان کان وڃڙي وي، سچ ته ڏاڍو ياد ايندو آهي.

سهيل کي آغا سليم سان به پيار هيو، مان سمجهان ٿو هن کي ليک انتهائي وڻيو هيو، انڪري ئي شايد هن پنهنجي ڊائريءَ ۾ اتارڻ چاهيو، پر اهو ليک به پورو اتاري نه سگهيو، اهو به اڌورو، سهيل ڪيترائي ڪم اڌوارا ڇڏيا، هر ماڻهو زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڪم اڌرورا ڇڏي ٿو وڃي، انت اوچتو آهي، بي آواز آهي، دٻيل پيران سان موت جو گهوڙيسوار اچي ٿو ۽ ڀر ڪڍي ڀالو هڻي ٿو وڃي ته پوءِ ٿي خبر پوي ته هي ڇا ٿي ويو.

موت وڏي حقيقت آهي، ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

آغا سليم جو اهو ليک مونکان ڪڏهن نه وسرندو!

________________________
حسام ميمڻ
28 آڪٽوبر 2012
ٻاڪري عيد جو ٻيو ڏينهن