Monday, October 29, 2012

Nonsense poetry and the Book of Nonsense


هزليه شاعريءَ جو حادثو ۽ بيوقوفيءَ جو پستڪ – (ساروڻي)

مونکي ياد آهي ته شڪارپور ۾ ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون ۽ مان اڪثر ويندو هوس ۽ ڪوشش ڪندو هوس ته ناغو نه ڪيان، هڪ ته فارغ هوندو هوس، ٻيو دوستن سان ملاقات ٿيندي هئي هفتي هفتي، اهي گڏجاڻيون هونئن ته مختلف هنڌن تي به شڪارپور ۾ ٿينديون هيون، پر آخري گڏجاڻيون شڪارپور جي بيدل پبلڪ لائبريريءَ ۾ ٿينديون هيون، اهڙين گڏجاڻين کي اڪثر دوست سٽنگ يعني ويهڪ به چوندا هيا.

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي هڪ دوست پنهنجي شاعري تنقيد لاءِ پيش ڪئي، ان ان کي ٻڌو، جڏهن منهنجو وارو آيو ته مان سادري طرح اهو چيو ته
هيءِ شاعري هزليه شاعري جي دائري ۾ اچي ٿي، اسين انکي انگريزيءَ ۾ نان سينس پوئٽري به چئي سگهون ٿا ۽ اهڙي شاعري اردوءَ ۾ به ڪئي وئي آهي، بس منهنجي ڳالهائڻ جي دير هئي، تخليقار صفا چڙي پيو، اصل ڪاوڙجي پيو، پر ڪيترن ئي دوستن کي هزليه جي ڄاڻ نه هئي، ٿي سگهي ٿو ڪجهه دوستن کي هجي به پر مون کان سوا ان کانپوءِ به ڪڏهن ڪنهن هزليه شاعريءِ جو ذڪر نه ڪيو.

همراهه چڙي ويو منهنجي لاءِ چئي رهيو هيو ته ائين ته صفا نه ڪبو آهي جو شاعريءِ کي نان سينس چئجي. مان پريشان ٿي ويس، پر کيس لنوائي ڇڏيو ڇو ته هن جي شاعريءَ ۾ هزليه شاعريءَ وارو پهلو نمايان هوندو هيو، پر مسئلو اهو هيو ته اسانجي دوستن هزليه يا نان سينس شاعريءَ کي جهڙوڪ گار سمجهيو، جڏهن ته ان جو مطلب هيو ته شاعريءَ مان ڪو سينس ئي نه پيو اچي، سمجهه ۾ ئي نه پئي اچي، جهڙوڪ اڻڄائيءَ ۾ مشڪري هجي، پر شاعر صاحب ته سنجيدگيءَ سان اهو اسم کڻي آيو هيو، ان ۾ هن جو ڏوهه به نه هيو، ۽ مطالعي جي کوٽ ڪري، به اهو مسئلو هيو.

اڄ ان ڳالهه کي سال ٿي ويا، مان اڄ تازو ايڊورڊ ليئر جو ڪتاب پڙهي پورو ڪيو، آهي، جيڪو نان سينس شاعريءَ جو بادشاهه ليکيو ٿو وڃي، هن جو ڪتاب اڄ نان سينس يا هزليه شاعريءَ جي حوالي سان ڪلاسڪ سمجهيو وڃي ٿو، هن جي ڪتاب جو نالو

The book of Nonsense

آهي ۽ پنهنجي هڪ خاص صنف لمرڪ جي ڪري جڳ مشهور آهي، لمر ڪ شاعريءَ جي صنف آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ پنج سٽو ، پنجڙو يا پنجڪڙو به چئي سگهجي ٿو .لمرڪ ۾ عقل جي ڳالهه مشڪريءَ ۾ ڪري سگهجي ٿي، جنهن ۾ طنز ۽ مذاح جو پهلو ٿين ٿا ۽ بي وقوفيءَ واريون ڳالهيون به ڪري سگهجن ٿيون، لمرڪ جي انگلينڊ ۾18 صديءَ کان  شروعات ٿي ۽ ان کي عروج تي ايڊورد ليئر 19 صديءَ ۾پڄايو.

اسان جي ماڻهن کي چڙڻ جي ضرورت نه آهي، بي وقوفيءَ واريون ڳالهيون يعني جن ڳالهين ۾ عقل نه هجي، يا عقل جي خلاف ڪيل ڳالهه هجي، يا جنهن ۾ وقوف يعني ڪگنيشن نه هجي، اهڙين ڳالهين کي بي وقوفيءَ واريون ڳالهيون چيو ويندو آهي نڪي ان کي گار يا گٿو لفظ چيو وڃي

ايڊورڊ ليئر جو ڪتاب“ بي وقوفيءَ وارو پستڪ” يعني دي بوڪ آف نان سينس پڙهيو ويندو ته اندازو ٿي ويندو ته شاعريءَ جي اها به هڪ سٺي صنف آهي، جنهن ۾ سهڻي طرح خيالن جو اظهار ڪري سگهجي ٿو، جيئن ايڊورڊ ڪيو آهي، بي وقوفيءَ وارو پستڪ ٻارڙن جي لاءِ لکيو ويو هيو، ۽ شاعريءَ سان گڏ تصويرون به ڏنيون ويون هيون ته جيئن بار اها شاعري به پڙهن ۽ تصويرون ڏسي ڳالهه کي چڱيءَ طرح سمجهي به سگهن

هڪڙو لمرڪ نموني طور ڏجي ٿو، جيڪو 1880 جو آهي:

There was a young rustic named Mallory,
who drew but a very small salary.
    When he went to the show,
    his purse made him go
to a seat in the uppermost gallery.

هن جو فني گهاڙيٽو اهو آهي ته پهريون ٻه سٽون هم قافيه، وري ٻه سٽون هم قافيه، پنهنجي ۽ آخري لائين پهرين سٽ سان هم قافيه ڪبي آهي

مثال طور، جيئن مٿين لمرڪ ۾ قافيه آهن
پهرين ٻن سٽن جو قافيه هڪجهڙا آهن

ميلري ۽ سيلري

ور ٻه سٽون جيڪي انهن کان پوءِ اچن ٿيون، انهن جا قافيه هڪجهڙا آهن، مٿال طور

شو ۽ گو

وري آخري ۽ پنجين لائين ۾ لفظ گيلري پهرين ٻن ستن جي قافيي سان ملايو ويندو آهي

_________________
جيڪي لفظ ليک ۾ استعمال ڪيا ويا آهن 

The book of Nonsens by Edward Lear
Poetry of Nonsense
Cognition
Limerick
_________________

حسام ميمڻ
29/10/2012

Let us write autobiographies


اچو ته آتم ڪٿائون لکون

محترم شفيق جوکيو پنهنجي وال تي هيءَ شيءِ لکي، جيڪا انتهائي ڪم جي آهي، اسان جي ماڻهن کي سچ ۾ ان شيءَ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هيٺون پيغام آهي:

جيڪڏهن هر هڪ سنڌي فرد پنهنجي پنهنجي آٿم ڪهاڻي آکاڻي، جيون ڪٿا ويهي لکي ته؛ سنڌي ادب هڪ ڀنڊار جيان ائين ڀرجي کاڻ ٿي پوندو جتان ادب جا موتي لعل املهه ماڻڪ ملندا رهندا جنهن جي ڪڏهن کوٽي ڪانه ٿيندي. 
يارهين ڪلاس جي ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هوم؛ 
پر ان قول کي پنهنجي پريم پيار جو وڳو ويس پارائي فيسبوڪ تي شيئر ڪيمُ. 
اهو سبق سندمُ استاد ڊاڪٽر پروفيسر علوي اسرار احمد شڪارپور-سنڌ وارن پڙهايو هوم. 

جوکيو شفيق
29.10.12
_________

شفيق صاحب جي اها ڳالهه پڙهي مون کيس جواب ڏنو:

سائين مان سالن کان ماڻهن کي منٿون پيو ڪيان، انهن کي فونيون پيو ڪيان، خط پيو لکان، پيغام پيو اماڻيان ته خدا جي واسطي پنهنجون ساروڻيون لکو، پنهنجي آتم ڪٿا لکو، يادگيرين کي سهيڙيو، ڪجهه دوستن مان به ڏنو آهي، پر پوءِ ڪيترائي سستيءَ مان ڪم ڪڍي رهيا آهن

شفيق صاحب هي جيڪو قول اوهان ڏنو آهي، مان نه پڙهيو آهي، جي پڙهيو به آهي ته ڌيان نه ڏنو هوندو ڪڏهن، پر ڳالهه سهڻي آهي، مان ٿورو ڳالهه کي ٻي انداز ۾ ڪندو آهيان ته جيڪڏهن هر ماڻهو آتم ڪٿا لکي ته اهو ادب نه به هجي، پر تاريخ ضرور آهي، مان اتم ڪٿائن کي تاريخي حيثيت ڏيندو آهيان

اوهان کي به هٿ ادب جا ٻڌي عرض ٿو ڪيان ته سائين خدا جي واسطي اوهان به پنهنجي آتم ڪٿا لکو، سچ ته اهو شاندار هوندي ، اهي هڪ اهڙي تاريخ هوندي، جيڪا اسان وٽ نه لکي وئي آهي، 

سائين اسرار احمد علوي هڪ شفيق ۽ پيارو ماڻهو آهي، خود سائينءَ کي مان عرض ڪندو رهيو آهيان ته اهي پنهنجي آتم ڪٿا لکن، شڪارپور ۾ هڪ محقق ۽ تاريخ نويس کي چيو هيو ته اهو پنهنجي آتم ڪٿا لکي ۽ هن منهنجي چوڻ تي اها شيءِ لکي هئي، ساڳي ڳالهه مان ڪيترن ئي ماڻهن کي چوندو رهيو آهيان

مان پنهجون ساروڻيون به لکڻ شروع ڪيون آهن، مان اوهان جي ڳالهه سان اتفاق ڪيان ٿو، پر ان کي عملي شڪل ڏيڻ گهرجي، ساڳي ڳالهه آسي زمينيءَ کي عرض ڪندو رهيو آهيان، ساڳي ڳالهه مان بيهر عرض رکان ٿو ته ڀلي آتم ڪٿا ائين نه لکو جيئن تاريخ وار سائيم مرزا قليچ بيگ لکي هئي، پر جيئن جيئن اوهان کي ياد اچي لکندا وڃو، سچ ته اها نئين شيءِ هوندي

مان سوچيندو آهيان اسان جا سڄاڻ، پڙهيل لکيل ماڻهو جيڪڏهن سچ ۾ آتم ڪٿائون، يادگيرون يا ساروڻيون لکن ته سچ ۾ اها بنه نيئن شيءِ هوندي،

مثال جيڪڏهن اها شيءِ فياض امر لکي ته ڇا ته شيءِ هوندي، اها ئي شيءِ ادي شير بانو، شميم بشير، ادل سومرو، انور فگار، اياز غوث، امتياز منگي، مونس اياز، اعجاز منگي، شفيق جوکيو، شمشير سيلرو، خليق ٻگهيو، عديل مهر، ممتاز منگي، شهاب اوستو، عمر ميمڻ، احمد نواز هڪڙو، امداد علي ميمڻ ۽ اهڙا ئي ٻيا دوستن لکن ته اهي شيون سچ ته علمي به هونديون، معلوماتي به، پياريون به ۽ اتساه ڏيندڙ به

مونکي سچ ته انهن ماڻهن تي ڏک ٿيندو آهي، جيڪي پنهجون آتم ڪٿائون لکي نه سگهيا، يا جيڪي رهجي ويا، مثال نقش ناياب منگي، سهيل پيرزادو، نور احمد جوڻيجو، خادم حسين ميمڻ، عثمان انصاري، ممتاز شيخ، ۽ ڪيترائي.

حسام ميمڻ
29/10/2012

To be stubborn


ڪتي وارو ضد
========
==========

هو مون وٽ پنهنجو انگريزي ڊرافٽ کڻي آيو ، پهريان ته مونکي اهو چيائين ته مان هن کي لکي ڏيان، پر مون کيس چيو مسئلو هن جو آهي هو ڊرافٽ تيار ڪري مون وٽ اچي، پوءِ ان جي وڍ ٽڪ، ڊاهه ٺاهه ڪبي، لکان ئي مان، اهو مونکان نه ٿيندو

همراه ڊرافٽ کڻي آيو، پڙهي منهنجا ڍڍر ئي ڍدرا ٿي ويا، هو آفيسر آهي، ڪميشن ڪئي اٿس (مڙئي نوڪري ملي ويس، سمجهو ٿا جيئن ملي ويندي آهي، پر اوهان وٽ ريفرنس پڪو هجي،
داٻي وارو هجي يا وري اوهان وٽ ڏوڪڙ پاڻي هجي يا وري اوهان به نوڪري ڏيارڻ واري جي ڪم جا هجو ته ڪم ٿي ويندو آهي)

کلي ڪري چيومانس: ”تو جهڙا آفيسر ئي اهڙا ڊرافٽ لکي سگهن ٿا!“

موٽ ۾ غصي ۽ ڪاوڙ واري انداز ۾ ڏٺائين ۽ چيائين:
”
هاڻي بڪواس ڇڏ، درست ڪر“

سمورو ڊرافٽ غلط هيو، جتان جتان درست ڪيان پيو ته هو مونکي ڪاوڙ ۾ چوي پيو : ”اهو ته بلڪل صحيح آهي، تون هروڀرو ٿو وڏون ڪڍين“

جن جملن ۽ لفظن لاءِ هن ائين چيو، مان ان کي ڇڏيندو ويس، جيڪڏهن هو درست سمجهي پيو ته مان ڇا پئي ڪري سگهيس، ائين ئي سمورو ڊرافٽ چيڪ ٿي ويو، هن پنهنجي هڪ غلطي نه مڃي، سواءِ هڪ صورتخليءَ جي علطيءَ جي ۽ هو مون وٽان هليو ويو ۽ صبح جو ٻئي دوست ٻڌايو ته هن درخواست وارو ڊرافٽ ڪنهن ٻئي کان لکرايو ۽ ۽ اها رد ٿي چڪي اٿس.

ان ڏينهن کان پوءِ مون وٽ ناهي آيو، مان ڌڻيءَ جا شڪرانه بجا پيو آڻيان ته اهو مون وٽ ٻيهر ناهي آيو، الله اهڙي ڪم لاءِ ڪنهنجو محتاج به نه ڪريس، پر مونکي اها شيءِ ذهن ۾ آئي ته اسان وٽ اها شيءِ ڪيڏي مشهور آهي، عام طور اهو لفظ ڳالهايو ويندو آهي. ”ڪتي وارو ضد“، ٿي سگهي ٿو گهڻن رڳو اهو لفظ ٻڌو هجي، پر مان کوڙ دفعا اهو ڏٺو آهي، منهنجي مشاهدي ۾ آيل آهي، پر مونکي اها اڄ تائين خبر نه پئجي سگهي آهي ته اهو ڪتي وارو ضد ڇا آهي، ڇا ڪڏهن ڪنهن دور ۾ ڪنهن ڪتي ايترو ضد ڪيو هيو، جو اهو ضد اسان وٽ پهاڪي جي صورت اختيار ڪري ويو، پر وڏن جيڪو چيو هيو، سچ ته انهن جا قول، پهاڪا، چوڻيون ڪمال آهن، وڏا سچ ته وڏا آهن!

حسام ميمڻ
29/10/2012

Saturday, October 27, 2012

ڀڳو سڄو نه ٿئي، هڪ موتي ٻيو من


ڀڳو سڄو نه ٿئي، هڪ موتي ٻيو من
(ساروڻي)


آغا سليم جاڳو اخبار ۾ هڪ آرٽيڪل لکيو هيو، جيترو مونکي ياد اچي ٿو اهو ٽن قسطن ۾ شايع ٿيو هيو (ڇو ته پراڻي ڳالهه آهي) ان جو عنوان بي حد خوبصورت هيو، سچ ته مونکي ڏاڍو وڻيو هيو، ان ليک جو عنوان هيو:

”ڀڳو سڄو نه ٿئي، هڪ موتي ٻيو من“

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ليک ڀلو هيو، آغا صاحب جي ان ليک کي جيڪڏهن دوستن کي موقعو ملي ته ضرور پڙهن، سٺو معلوماتي ليک هيو، ان ۾ هڪ هنڌ چيخوف جو قول ڏنو ويو هيو، اهو به مونکي وڻيو هيو، تڏهن اڄ تائين ياد آهي:

”مان سڄي عمر پنهنجي اندر جي حيوان کي مارڻ جا جتن ڪندو رهيو آهيان“

ان مضمون سان هڪ ٻي يادگيري به لاڳاپيل آهي، اسانجو هڪ دوست هوندو هيو، سهيل پيرزادو، اهو ڪجهه سال اڳ ڪينسر ۾ گذاري ويو، اهو ڪتابن جو انتهائي شوقين هوندو هيو، سٺي لائبريري هيس، هن  جو پنهنجو هڪ انداز هوندو هيو، الستي ماڻهو هيو، سگريٽ ڏاڍا پيئندو هيو، جي ايم سيد، پير حسام الدين راشدي ۽ ٻين سنڌي ليکڪن جا اڪثر نالا کڻندو هيو، انهن جون ڳالهيون به ٻڌائيندو هيو. هن کي سنڌ سان پيار هيو، هو ڪتابن جو عاشق هيو.

هن جي گذاري وڃڻ کانپوءِ مان هن تي هڪ ٻه ليک لکيو هيو، خير، هن جي گذاري وڃڻ کانپوءِ ڪافي ڏينهن کان پوءِ چاچي قلندر بخش مونکي چيو ته هو سهيل جا ليک ڏيکاريندو . مان هن ڏي شام جو ويو هيو، هزاري در تي، سهيل جي گهر ٻاهران ويٺاسين ڪرسين تي، چاچي جي هٿ ۾ هڪ ڊائري هئي، اصل ڊائريءَ کي هٿ ئي لاهڻ نه پيو ڏي.
 چيو مانس:
چاچا ڏيکاريو ته خبر پوي ته هن ڇا لکيو آهي!

 ايذائن جو ڊائري ڏيکاريائين، چاچو پاڻ اهو ڊائريءَ ۾ لکيل ليک پاڻ پڙهي ٻڌائي رهيو هيو، ڪجهه ٽڪر ٻڌا، مونکي لڳو ته مان اها شيءِ پهريان به پڙهي چڪو آهيان.

چاچي کي مون چيو: “اهو ليک مون اڳ ئي پڙهيو آهي، اهو سهيل جو ناهي”

چاچي منهنجي واتان اهو ٻڌو ۽ هو ڪاوڙجي پيو، اصل اهڙي دٻ ڪڍيائين جو مان ڪنفيوز ٿي ويس.
چيائين: ”هاڻي هو هن دنيا ۾ ناهي، ته اوهان هن جا دوست ٿي ائين ڪندا”
“اهڙي ڳالهه ناهي چاچا! پر مان سچ ٿو چوان ته اهو ليک سهيل جو ناهي.”
“پوءِ ڪنهنجو آهي؟!“ پڇيائين
”اهو ليک آغا سليم جو آهي، جيڪو هن جاڳو اخبار ۾ ٽن قسطن ۾ لکيو آهي ۽ هتي سهيل رڳو هڪ قسط لکي آهي، پنهنجي هٿ اکرن سان، سهيل کان غلطي اها ٿي وئي آهي جو هن عنوان نه لکيو آهي ۽ آغا سليم جونالو به نه لکيو آهي” مون کيس ٻڌايو
“تو وٽ آهي ته مونکي اخبار ڏيکار” هن چيو
“مان اوهان کي اخبار ڏيندس چاچا، اوهان لفظ لفظ پاڻ ڏسجو” مون کيس چيو
ٻئي ڏينهن تي چاچو مون وٽ پاڻ گهر هليو آيو ۽ مان هن کي ٽئي قسطون ڏنيون اخبار جون، پوءِ وڃي چاچو ڪجهه مطمئن ٿيو ته مان ڪا بهتان بازي نه ڪري رهيو هوس ۽ سچ ڳالهائي رهيو هوس.

چاچي جو ڏوهه نه هيو، هر پيءُ پنهنجي اولاد لاءِ بهتر سوچيندو آهي ۽ چاچو انڪري به پريشان ٿي ويو هيو ته سهيل کي گذاري ڪجهه وقت ٿيو هيو، جيڪو هڪ اهڙو صدمو آهي، جنهن جو ڪاٿو ڪير به ڪري نٿو سگهي. پوڙهي پيءُ کي جڏهن جوان اولاد ائين ڇڏي وڃي ته ان درد جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي.

مون اڳ ئي چيوته سهيل هڪ الستي ماڻهو هيو، هو صفا دلبر قسم جو ماڻهو هيو، پيار ڪندڙ هيو هيو ۽ جذباتي به، جيڪا شيءِ وڻي ويندي هيس، اها وٺندو هيو، گولڊ ليف سگريٽ پيئندو هيو، ڪاٽن جا جوڙا پائيندو هيو، ڪڏهن ڪڏهن فقيراڻن حالن ۾ هوندو هيو، ڪڏهن ڪڏهن ڪلين شيو ٿي، پينٽ ۽ شرٽ هڻندو هيو ته هو سچ ۾ هيرو لڳندو هيو.

پر يار جي حياتي ايتري هئي، موذي مرض هن کي اندران ئي انداران کائي کوکلو ڪري ڇڏيو، ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙي ڪار ٿيڻي آهي، بس پوءِ سهيل اسان کان وڃڙي وي، سچ ته ڏاڍو ياد ايندو آهي.

سهيل کي آغا سليم سان به پيار هيو، مان سمجهان ٿو هن کي ليک انتهائي وڻيو هيو، انڪري ئي شايد هن پنهنجي ڊائريءَ ۾ اتارڻ چاهيو، پر اهو ليک به پورو اتاري نه سگهيو، اهو به اڌورو، سهيل ڪيترائي ڪم اڌوارا ڇڏيا، هر ماڻهو زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڪم اڌرورا ڇڏي ٿو وڃي، انت اوچتو آهي، بي آواز آهي، دٻيل پيران سان موت جو گهوڙيسوار اچي ٿو ۽ ڀر ڪڍي ڀالو هڻي ٿو وڃي ته پوءِ ٿي خبر پوي ته هي ڇا ٿي ويو.

موت وڏي حقيقت آهي، ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

آغا سليم جو اهو ليک مونکان ڪڏهن نه وسرندو!

________________________
حسام ميمڻ
28 آڪٽوبر 2012
ٻاڪري عيد جو ٻيو ڏينهن

Dedicate to my father, who is older than Pakistan



When I look at his picture,
I feel profoundly amazed, 
And glazed with a thought, 
That youth is such a wonderful time!
He is a bit older than Pakistan, 
But he is!
He is fighting Diabetes,
Now he has gone old,
Now he is weak,
He can’t handle physical works, 
He needs a rest, 
I love him so much,
I respect him so much,
He is even older than Pakistan,
After my father has gone old, people have started gossips
That he has to go soon! 
To the eternal peace!
When a person gets old,
Then people start guessing about the remaining days, 
I have observed, 
I have heard,
Many of them guessed,
 but they have gone before of my Dad,
Sometimes I think,
Is that really what it is? 
As all our judgments go right,
No, I guess, not!
Eventually, he has to go, 
Because he is even older than Pakistan, 
I am his son,
I am young, 
I have strength, 
He loves me a lot,
He is like a shelter to me under the tropical sun’ 
He is the bank of River Indus’
He is my support’
Whenever, I flashback my memories,
Pertaining to the time when he would have carried me up on his lap,
He would have kissed me with love,
He would have felt joy, 
As I was his produce of his semen, 
How dear is the produce of semen?
One can understand the joy of who has children, 
This is the affection,
This is want,
This is about feelings,
Whatever it may be, 
The zest of it is sweeter than honey, 
I am his produce,
He loves me, 
That cannot be measured,
There is no limit for it, 
No counting,
I am looking at my father’s picture,
And warm tears are dropping down the cheeks
Absorbing on the floor, 
People’s judgmental scathes,
Becoming nightmare for me, 
Shows me horrible images, 
I think of him, 
My father who is even older than Pakistan,
Spending his remaining days in loneliness,
He is in deep thinking too,
He is almost lost in thoughts,
He gets alerted on slight matters,
Because he has gone weak,
He recalls his youth certainly, 
I still remember,
When I was a kid,
I asked him, 
‘’How old are you’’
He laughed, and replied
‘’ I am older than Pakistan’’
In that little age,
I felt so proud, 
That my father was even older than Pakistan,
A little more may be but he is.
I met him few months back,
On my visit back home,
I was caught by surprise when I looked at him,
He was not doing well at all, 
His health had gone so down,
I asked him instantly to go with me, 
And live with me now on, 
He refused and gave excuses,
That he wants to die where was he born, 
he said,
‘’Karachi is gone suffocated’’
‘’People have come intolerant’’
‘’pollution has gone up’’
‘’over crowded city’’
‘’too much traffic
‘’ and won’t be able to go out of your house’’
‘’ here at least I go outside’’
‘’Walk around in streets and roads’’
‘’ get my legs relaxed’’
‘’ in Karachi, that will not be possible’’
‘’climbing steps is a hard for me’’
He assured me that he will come to visit 
I have been waiting till then, 
But, 
My father has not come yet,
I have been asking him to come,
But he always reply the same, 
‘’ I will come, soon’’
In fact, I am worried about him.
The people’s gossips have echoed in my mind so deep, 
My father who is even older than Pakistan,
He is so weak,
People are now looking forward for his pass away, 
Sooner, or later he will pass away,
The old things get obsolete,
And for obsolete things people think the same way.
One day, Death has to knock our door,
Even though human being is a superior to other beings,
But human has to get caught by Angel of Death one day,
He breaks down and dies
Only Left over is the memories.
My father who is even older than Pakistan,
People make such judgments every day, 
I wish I could impart,
And I would have given him good health,
And my youth, 
That’s my crave, 
But 
All we think cannot be possible 
Father has to go, 
Sooner or later,
He is the even older than Pakistan,
I resemble, 
If father had gone, 
So is that one day,
Pakistan will go too! 
Everything on earth is mortal, 
Ibn-e-Khaldoon has described the same,
Some days are for growth,
Some days are for the peak time,
And some are for downfall,
And then everything has to end
Yes
My father, 
Yes
Pakistan, 
And I will have to reach to end! 
Everything will reach to end!
After everything finished
Another new world will emerge
So every end has its beginning,
Eventually new world will reach to an end,
Everything is on winding road of end,
My father 
Pakistan 
Myself
And we all
On our own way to end,
The end is the reality
The end will remain
The truth is that 
The end is only endless.
_____________________
Note for the translator:
Especial thanks to Zahoor Soomro,
who bleongs to Shikarpur
but lives in London, UK for some years
He is very sensetive person
because he is a poet as well,
he writes poetry not only in English but Urdu too.
I'm thankful dear Zahoor for this toilsome work,
you obliged, 
gave me honor and you transalted my verse
from Sindhi to English.
It is really a toilsome work. 

Hisam Memon
October 26, 2012

___________
Sindhi Version
 مان هن جي تصوير ڏسي
انتهائي خوش ٿيندو آهيان
سچ ته جواني ڪمال آهي
هو پاڪستان کان ڪجهه وڏو آهي
ڪجهه ئي
 پر وڏو ته آهي
هاڻي هن کي شگر آهي
هاڻي هو پوڙهو ٿي ويو آهي
هاڻي هن جي بت ۾ دم ناهي
ته جسماني ڪم ڪري سگهي
هن کي آرام جي ضرورت آهي
مان هن سان انتهائي پيار ڪندو آهيان
هو مون لاءِ انتهائي قابلِ احترام آهي
هو پاڪستان کان به وڏو آهي
جڏهن بابا ڪمزور ٿي ويو آهي ته
سڀ چون ٿا
اڄ نه سڀان هو پنهنجا ڏينهن پورا ڪري
مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيندو
ماڻهو جڏهن پوڙهو ٿي وڃي ٿو
ته دنيا اهڙا انومان پالي ٿي
مان ڏٺو آهي
ٻڌو آهي
ڪيترن ائين سوچيو
پر اهي بابا کان اڳ
مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيا
ڇا ضروري آهي ته
جيئن اسين سوچيون
تئين ئي ٿئي
پر دير يا سوير
هو ضرور مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيندو
ڇو ته هو پاڪستان کان به وڏو آهي
مان هن جو پٽ آهيان
جوان آهيان
بت ۾ مضبوط آهيان
هو مونکي انتهائي گهڻو پيار ڪندو آهي
هو مون لاءِ ٿڌي ڇانو جهڙو آهي
سنڌوءَ جو ڪنارو آهي
منهنجو سهارو آهي
مان تصور ڪيان ٿو
ڪڏهن هن مونکي ڪڇ ۾ کنيو هوندو
چميو هوندو
خوش ٿيو هوندو
ته مان هن جي نطفي جو ڦل آهيان
نطفي جو ڦل ڪيترو مٺو ٿئي ٿو
هر اولاد وارو شخص ڄاڻي ٿو
هي هڪ جذبو آهي
جبلت آهي
يا محسوسات
جيڪو به
ان جو ذائقو ماکي کان وڌ آهي
مان هن جو ڦل آهيان
هو مونکي چاهي ٿو
جنهن جي حد ناهي
ماپو ناهي
ڪو کاتو ناهي
مان پنهنجي بابا جي تصوير ڏسان ٿو
منهنجي اکين مان گرم لڙڪ
ڳلن تان ترڪيا
زمين ۾ ضم ٿي وڃن ٿا
دنيا جيڪي انومان پالي ٿي
مون اڳيان ازدها بڻجي اچن ٿا
مان هن لاءِ سوچيان ٿو
بابا جيڪو پاڪستان کان به وڏو آهي
هاڻي پنهنجا آخري ڏهاڙا
اڪيلائيءَ ۾ گهاري ٿو
هو به سوچي ٿو
انتهائي گهرو
هو سوچن ۾ گم آهي
هاڻي هو ننڍي ڳالهه تي به ڇرڪ ٿو ڀري
ڪمزور جو ٿي پيو آهي
هن کي پنهنجي جواني ياد اچي ٿي
مون کي ياد آهي
مان ننڍو هوس
مان هن کان هڪ دفعي پڇيو هيو
بابا اوهان جي عمر ڪيتري آهي
هن کلي ڪري چيو هيو

مان پاڪستان کان به وڏو آهيان
هن چيو هيو
مان ننڍي هوندي کان
ان ڳالهه تي فخر ڪندو آهيان
بابا پاڪستان کان به وڏو آهي
ڪجهه ئي
پر آهي ته وڏو
ڪجهه مهينا اڳ ملاقات ٿي هئي هن سان
جڏهن ڳوٺ ويو هوس
هن کي ڏسي جهٻو اچي ويو هو
مون کان رڙ نڪري وئي هئي
۽ مان هن کي چيو هيو
بابا اوهان جي اهڙي حالت
بس، اوهان مون سان گڏ هلو
اوهان مون سان رهو
هن اهو چئي مون واري ڳالهه ٽاري
ته هو جتي ڄميو آهي
اتي ئي مرندو
ڪراچيءَ ۾ هاڻي ساهه ٻوساٽبو آهي
ماڻهو ماڻهن کي ڪچو ٿا کائن اتي
دونهون آهي
تمام گهڻا ماڻهو آهن
ٽريفڪ آهي
۽ تو واري جاءِ کان ٻاهر نڪري نه سگهندس ڪاڏي
هتي وري به ٻاهر نڪندو آهيان
ڪجهه رستا ۽ گهٽيون گهمندو آهيان
ڄنگهون ساهيندو آهيان
ڪراچيءَ ۾ اهو سڀ مون لاءِ ممڪن ناهي
ڏاڪڻيون لهڻ چڙهن به مسئلو آهي
هن مونکي چيو هيو
ته هو مون وٽ ايندو
مان انتظار ڪندو رهيو آهيان
پر بابا اڃا ناهي آيو
مان هن کي چوندو رهيو آهيان
ته اچو
هو هر دفعي ساڳيو ئي جواب ڏيندو آهي
ته ايندس، جلد ايندس
سچ ته مان هن لاءِ پريشان آهيان
مونکي زماني جي انومانن جا پاليل ازدها
وڪوڙي ويا آهن
بابا جيڪو پاڪستان کان به وڏو آهي
هاڻي بنهه ڪمزور آهي
دنيا ان جي موڪلاڻيءَ لاءِ سوچي ٿي
دير سوير هن کي اسانکان موڪلائڻو آهي
ڇو ته جيڪا شيءِ پراڻي ٿي ويندي آهي
ان لاءِ دنيا ائين ئي سوچيندي آهي
موت کي اسان جو در کڙڪائڻو آهي
انسان توڙي جو سموري مخلوقن ۾
شرف وارو آهي
پر هن کي هڪ ڏينهن
موت جو گهوڙيسوار ڀالو هڻي وٺي ٿو
هو ڪري پوي ٿو
۽ پوءِ رڳو يادون ئي بچن ٿيون
بابا جيڪو پاڪستان کان به وڏو آهي
هن لاءِ اهڙا انومان روز اچن ٿا ۽ وڃن ٿا
ڪاش هن کي منهنجي صحت ملي پوي
ڪاش هن کي منهنجي جواني ملي پوي
مان اها دلي خواهش رکان ٿو
پر اهو سڀ ناممڪن آهي
بابا کي دير يا سوير
مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيڻو آهي
بابا جيڪو پاڪستان کان به وڏو آهي
مان سوچيان ٿو
جيڪڏهن بابا مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيندو
ته پاڪستان جو به انت ايندو
دنيا ۾ هر شيءِ جو هڪ مدو آهي
ابن خلدون به ته ائين چيو آهي
ڪجهه ڏينهن وڌڻ ويجهڻ جا
ڪجهه ڏينهن عروج جا
ڪجهه ڏينهن زوال پذيريءَ جا
۽ پوءِ انت ٿيڻو آهي
ها بابا جو انت ٿيڻو آهي
ته پاڪستان جو انت به ٿيندو
منهنجو انت به ٿيندو
ائين انت جي دنيا کان پوءِ
هڪ نئين دنيا جي شروعات
وري ان جو انت
سموري دنيا انت ڏانهن وڃي رهي آهي
منهنجو بابا
پاڪستان
مان
۽ اسين سڀ
پنهنجي پنهنجي انت ڏانهن
وڃي رهيا آهيون
انت ئي اصل آهي
انت ئي رهڻو آهي
انت ئي
سچ ته
بي انت آهي

___________
حسام ميمڻ
25/10/2012