Friday, December 14, 2012

Political Analyses


Published in Daily Ibrat Hyderabad  15/12/2012
 صحيح چوندا آهن ته “مطلق طاقت مڪمل طور تي ماڻهوءَ کي خراب ڪندي آهي”، جن وٽ طاقت آهي، انهن کي جيئن وڻي ٿو ٿيئن ڪن ٿا، مسڪين ماڻهو انهن مالي ۽ طاقتور قوتن جي اڳيان ڇا ٿو ڪري سگهي. حڪومت وقتي ٿئي ٿي، پر وقتي حڪومت ڪن لاءِ ڪل وقتي ٿئي ٿي. ماڻهو ماڻهن کي انڪري چونڊين ٿا ته انهن جا مسئلا حل ٿين، پر اسان وٽ ان جي ابتڙ ئي ٿيندو آيو آهي، ظاهر آهي، ڪي فائدا به هوندا پر اهي ايترا وقتي آهن، جو انهن جي ڪا اهميت نٿي رهي ڇو ته نقصان جو بت وڏو آهي، جڏهن نقصان پنهجا پر ڦهلائي ٿو ته هر ماڻهو متاثر ٿئي ٿو، خاص طور تي غريب

اهو سڀ انڪري ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ ڪنهن به رياست جا وسيلا ۽ ان جي ڪاروهنوار جا معاملا ڪجهه ماڻهن وٽ هجن ٿا، ساڳي ڪار پاڪستان ۽ سنڌ سان آهي، پر ان ۾به ڏوهه ته ماڻهن جو ئي چئبو، جن اهڙن ماڻهن کي ووٽ ڪيو، جيڪي اڄ انهن کي هر محاذ تي پوئتي ڪن ٿا. پر جيئن ته اسان وٽ حڪومت اهي ئي ڌريون ڪنديون رهيون آهين، جن وٽ پئسو آهي يا وراثتي انداز ۾ سنن حڪومت ڪرڻ پلئه پيو آهي، ان سلسلي ۾ عوام ڇا ڪري، ڪنهن کي نه ڪنهن کي ته ووٽ ڏيڻو ئي پوي ٿو، پوءِ اهو الف هجي يا بي.

اها رپورٽ به اچي چڪي ۽ دوست ڌڻي لکي چڪا ته اسان جو ملڪ ڪيترو ڪرپٽ آهي ۽ ڪرپشن جي نالي سان اسان کي سٺي ۽ موچاري موٽ ملي ٿي. اسان جا سياستدان ڪيئن وڪاڻا اهي شيون به پڌريون ٿي چڪيون آهن، اسان جا سياستدان عام ماڻهوءَ سان ڪيئن ورتاءُ ڪن ٿا اهو به اڳيان اچي چڪو آهي، اها به سڀني کي خبر آهي ته جيڪڏهن ڪجهه ماڻهن کي نوڪريون مليون به آهن ته ڪهڙي ذريعي ۽ ڪيئن.

ڇا اها ڳالهه حيران ڪن ناهي ته اڄ جي ۾ ، سائنسي دور ۾ جڏهن هر قسم جي حقن جا ڏينهن ملهايا وڃن ٿا، ان دور ۾ به اسان جا سياستدان مختلف ترن ۾ ذات پرستيءَ ۽ قبائليت کي ترجيح ڏين ٿا ۽ صلاحيت پڻي meritocracy کي سر عام ڌڪيو ويو آهي، جيڪي سياستدان ميرٽ ۽ ضرورت کي ڌڪي ذات پرستي ۽ ذاتي مفاد کي هٿي ڏين انهن مان سنڌ دوستيءَ جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي، ڇا اهو لڳي ٿو ته هو واقعي قوم جا مسئلا حل ڪندا ۽ سنڌ جي حقن جي ويڙهه ڪندا ۽ انهن کي سچ ۾ سنڌ جي ايتري لڳل آهي، سچ ته اهو آهي ڀلي ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي، جيڪي ماڻهو بخمل جي بستري تي سمهن، انهن کي ڪهڙي خبر ته پٽ تي سمهڻ  ڪيئن هوندو آهي،


مثال کڻي ڪالا باغ جو وٺجي، هن ئي اخبار ۾ اهو پهريان به لکيو هيو ته پاڪستان جو ٻه ڀيرا وزير اعظم ٿيندڙ ماڻهو محترم نواز شريف پنجاب جو آهي ۽ هو پنجاب جي حقن کان ذري به پاسيرو نه ٿيندو، ڇو ته هن کي خبر آهي ته هن جون جڙون سنڌ ۾ ناهن، هو سنڌ لاءِ هڪ سطحي ڳالهه ڪندو، ۽ هن جي دل ۾ پنجاب ئي ڌڙڪندو، ساڳيو راڳ ڪالا باغ وارو وري آلاپيو پيو وڃي، ۽ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه واري ڳالهه ته صوبن جي اتفاق راءِ کان سوا اهو ڪم نه ٿيڻ گهرجي، اها ڊپلوميسي ناهي ته ٻيو ڇا آهي، اها منافقت ناهي ته ٻيو ڇا آهي، جڏهن پاڪستان جي چار صوبن يا federating units مان ٽن اهو قراد پاس ڪيو ڪيو آهي ته ڪالا باغ ڊيم نٿو گهري، جڏهن اسميبلين اڪثريت سان اهو فيصلو ڪيو آهي ته پوءِ اهو راڳ آلاپڻ جو ڪهڙو فائدو، پر پنجاب پنهنجي هوڏ تي قائم آهي، هاڻي زرداري صاحب سنڌ جو آهي، نواب شاهه جو آهي، محترمه بينظير ڀٽو جو ور آهي، هن جون اڳي ۽ پوءِ جڙون سنڌ ۾ آهن ۽ پيپلزپارٽي هر دفعي جڏهن به مصيبت ۾ آئي آهي ته سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندي آهي، هن ڀيري چوندون جيڪي ٿييڻون آهن، انهن ۾ ڪهڙا ڪهڙا اشوز ڪر ٿا کڻن ۽ ڪيئن ٿي اشوز جي سياست ڪئي وڃي، اهو اڃا ماڻهن کي ڏسڻو آهي، مارچ تائين اهڙا ٻيا به چڪر ٿي سگهن ٿا ٻيا به اشو ڪر کڻن ته ڪو مسئلو نه سمجهيو وڃي. هميشهه اليڪشن ويجهو ٿيندي آهي ته اهڙا اشوز اٿندا آهن يا اٿاريا ويندا آهن

27 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ محترمه جي شهادت جي جوالي سان يا ورسيءَ جي حوالي سان پارٽيءَ پاران هڪ وڏو جلسو رٿيو پيو وڃي، جنهن لاءِ اهي به خبرون آهن ته رحمان ملڪ صاحب محترمه جي حوالي سان ڪجهه رازن جو انڪشاف ڪندو ڪي خاص ڳالهيون ٻڌائيندو. محترمه جي شهادت جي ڪري جيڪو پارٽيءَ کي mercy vote ڏنو ويو، اهو هن دفعي ملڻ جا امڪان گهٽ آهن؛ هن دفعي حالتن جي نبض تي هٿ رکي اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي ته ووٽ جو turn out  (شرح) به گهٽ هوندو، ڇو ته ماڻهن جو سياستدانن مان ويساهه کڄي رهيو آهي. اها ڳالهه عام ماڻهوءَ کي اڳيان رکي ڪئي ٿي وڃي، باقي ڪي لساني بنيادن تي، ڪي مذهبي ، ڪي قومي ته ڪي شخصي بنيادن تي ووٽ ڪندا آهن ، اهي ائين ووٽ ڪندا، جئين ڪندا آيا آهن.

ڪجهه هلاءَ اهي به آهن ته محترم صدر ۽ محترم نواز شريف پاڻ ۾ ڳالهائي چڪا آهن ته هن دفعي اها سياسي ڊيل ڪئي وئي آهي ته ايندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ صدر صاحب صدر ئي رهندو ۽ وزيراعظم نواز شريف صاحب، ان ڳالهه ۾ ڪيترو سچ آهي، ڪجهه هن وقت چئي نٿو سگهجي پر سياست ۾ اهي شيون يا اهڙيون Dealings ناممڪن به ناهن، تنهنڪري، ان ڳالهه کي نه هاڪاري چئي ٿو سگهجي نه ناڪاري، بس ائين سمجهجي اهو هڪ سڪو آهي، جيڪو مٿي اڇلايو ويوآهي، ڪنهن کي به اها خبر نه آهي ته اکر هوندي يا مهر

اهو ته وقت بڌائيندو  ته ڇا ٿو ٿئي، هڪڙي ڳالهه ته واضح آهي ته سنڌ ۾ اڃا تائين پيپلز پارٽيءَ جو نعم البدل ناهي، ها پاڳارو صاحب جون سرگرميون ڪنهن حد تائين ايندڙ اليڪشنس ۾ ڪي نتيجا ڏئي سگهن ٿيون، پر ان حوالي سان به في الحال ڪجهه چئي نٿو سگهجي ته صورتحال ڇا بيهندي، پر اها ڳالهه به ڪم جي آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي ساک ڪجهه ڪمن جي ڪري ضرور متاثر ٿي آهي، جن مان ڪجهه ته هي آهن:

متحده سان مصلحت يا ٺاهه
ٻٽو نظام متعارف ڪرڻ (سموري سنڌ جي احتجاج جي باوجود)
محترم جي شهادت جي حوالي سان نه ڏسڻ ۾ ايندڙ سرگرمي
ذوالفقارآباد ٺاهڻ (سموري سنڌ جي احتجاج جي باوجود)

هي اهي ڪم آهن، جن پارٽيءَ جي ووٽ کي بري طرح متاثر ڪيو آهي ۽ ظاهر آهي، جڏهن ووٽر جي بنهه نه ٻڌي وڃي ته ان جا نتيجا هاڪاري ته نه هوندا. پر رولنگ پارٽيءَ جي ميمبرن جي ٻولي، انهن جو انداز بيان به ماڻهن کان نه وسريو آهي ۽ انهن کي ساڳيو ئي هوڏ آهي ته هو هر دفعي کٽي ويندا ۽ سنڌ جا سمورا ووٽ انهن جي ميراث آهن، اهو ممڪن ناهي، ڇو ته عمل جو رد عمل ته فطري ڳالهه آهي. سياست ۾ هوڏ خراب شيءِ آهي، ماڻهو اهڙو ڪم ڪري جو ڏکي وقت ۾ ڪم اچي، ڇو ته ڦري گهري ماڻهو ووٽ ئي وٺندا، بنا ووٽ جي ته ڪجهه به نه ٿيندو، ماڻهو ڪيئن اسميبلين ۾ پهچي ڳريون پگهارون، مراعات، ۽ پروٽوڪو حاصل ڪندا.

هڪ طرف کان اهو هوڏ آهي ۽ ٻئي طرف کان اهي ماڻهو به نوٽ ڪرڻ جهڙا آهن، جيڪي ٻٽي نظام خلاف اٿي بيهي رهيا آهن ۽ هاڻي سنڌ سنڌ پيا ڪن، اها سٺي ڳالهه آهي ۽ سموري سنڌ انهن کي ان شيءِ تي موٽ به ڏني آهي، پر ڪي ڌريون اها خيال آرائي به ڪري رهيون آهن ته جيڪي ٻٽي نظام خلاف اٿي کڙا ٿيا آهن انهن سنڌ لاءِ اڳ ڇا ڪيو آهي، (قومپرستن کي ڇڏي ڪري، ڇو ته قومپرست سنڌ جي اشوز سان ئي گهڻا سلهاڙيل رهيا آهن) ، ڇو ته انهن مان به هر دفعي ماڻهو چونڊبا آهن.

ماڻهو سچ ۾ هن وقت ورهايل آهن، پر ان جي باوجود به سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي هڪ الڳ جذباتي قسم جي ساک آهي، مسئلو اهو آهي ته اها جذباتي ساک سولي نموني ختم نه ٿيندي آهي، جيڪي ماڻهو پيپلز پارٽيءَ خلاف هڪ محاذ کڙو ڪري رهيا آهن، انهن کي باقائده ۽ جامع قسم جو پروگرام ڏيڻو پوندو ، مڃيوسين ته پيپلز پارٽيءَ اجهي، لٽي ۽ اٽي وارو ڪم پورو ڪري نه سگهي آهي، پر ماڻهن جو ان پارٽيءَ کي ووٽ ڪرڻ هڪ رويو ٿي ويو آهي، اصل مسئلو پروگرام جو به ناهي، اصل مسئلو عوام کي اهڙي انداز ۾ پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻو جيڪو طريقو بنهن عوامي هجي.

ڇو ته جنهن انداز ۾ اليڪشن کان اڳ چونڊ مهمون شروع ٿي رهيون آهن، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته چونڊ وڙهڻ يا ڪانٽي جي مقابلي ۾ ڪهڙا اشوز آڏو ايندا، سنڌ ۾ وڏا ايجنڊا  ڪالا باغ ڊيم ۽ ٻٽو انتظامي نظام ۽ ذوالفقارآباد ئي ٿي سگهن ٿا، نظر ائين اچي ٿو، پر مارچ تائين ڪهڙو وايو منڊل ٿو ٿئي اڃا ڪجهه مهينا آهن ، تنهنڪري، گهڻيون شيون غير واضح آهن.

هڪ ٻئي اشو به تازو ڪر کنيو آهي، اهو اشو آهي ڪرپشن، قومي احتساب بيورو نيب جي چيئرمين ايڊمرل فصيح بخاري ملڪ ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن جو ذميدار حڪومت جي پنهنجا نوازي وارين پاليسين ۽ بدانتظامي کي قرار ڏيندي  ملڪ ۾ روزاني ٿيندڙ ڪرپشن جي انگ ۾ اضافو ڪندي چيو  آهي ته ملڪ ۾ ڪرپشن روزانو 7 ارب نه پر 10 کان 12 ارب تائين پهچي وئي آهي. هن صحافين سان ڳالهايندي چيو آهي ته ملڪ ۾ 300 کان 350 ارب رپيا روزانو ڪرپشن ٿئي ٿي. ملڪ جي ڪرپشن جي حوالي سان اها حالت هجي ته پوءِ ڇو نه ٽرانپرينسي رپورٽ ۾ پيارو پاڪستان مٿين کان مٿين ليول تي اچي. هن اهو به چيو آهي پاڪستان ۾ ٽيڪس جي ڊي پي جو 9 سيڪڙو آهي جڏهن ته اها شرح 17 کان 20 سيڪڙو هئڻ گهرجي .

ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيرن نيب تي تنقيد ڪئي آهي ۽ واضح ٿي ويو آهي ته نيب آزاداڻي طور تي ڪم ڪري رهيو  آهي. هن چيو ته ٽيڪسن جي شرح گهٽ ٿيڻ سان ملڪ کي ساليانو اڍائي کان 3 هزار ارب رپين جو نقصان ۽ ميگا منصوبن ۾ ٿيندڙ گهپلن ۾ ساڍا 3 سئو ارب رپين جي بدعنواني سان روزانو بدعنواني جي شرح 6 کان 12 ارب تائين پهچي وئي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ زراعت جو شعبو ڊاڪٽر، وڪيل ۽ دڪاندار ٽيڪس کان آجا آهن، قومي زمين تي قبضو قرضن جي عدم واپسي، کاتن ۾ حد کان وڌيڪ ملازمن جي ڀرتي، وڏن منصوبن ۾ دير، ٽيڪسن ۾ ڇوٽ ۽ ٻين شعبن ۾ به ملڪ کي اربين رپين جو نقصان پهچي رهيو آهي

ڪرپشن جو اهو اشو به ٻرنديءَ تي تيل هارڻ برابر ثابت ٿي رهيو آهي ۽ مخالف ڌر ان تي ڏاڍو هل هنگامو ڪيو آهي ۽ ان کي مخالفت جو هڪ ٺاهوڪو  مامرو هٿي لڳي ويو آهي، هڪ طرف صوبائي ليول تي اشوز آهن، ٻيو قومي ليول تي اهڙا اشوز سڀ حڪمراني ڪندڙن لاءِ مٿي جو سور ثابت ٿيندا ۽ ايندڙ چونڊن ۾ اهو اشو قومي ليول جو اشو هوندو ۽ عمران خان ته چوي ٿو ته حڪومت 5 سالن ۾ هڪ ئي سٺو ڪم ڪندي اهو جيڪڏهن وقت تي چونڊون ٿيون

طاقت مان مراد اها به آهي ته رڳو فضيلت ڀري انداز ۾ چونڊون نه ٿينديون، روايتي طور پاڪستان جون ڪيتريون ئي پولنگ اسٽيشنس هونديون جتي ڌانڌلي روايتي انداز ۾ ڪئي ويندي، جڏهن ووٽر فضيلت ۽ آزاديءَ سان ووٽ ڏئي نه سگهي ۽ پريشر ۾ هجي ، ذات پات جي اثر ۾ هجي، يا ڪجهه اثر رسوخ وارن جي دابي ۾ ووٽ ڪري ته پوءِ چونڊون شفاف ڪئين چئي سگهبيون، توڙي جو ڪافي وقت آهي، پر جيڪي اشوز نظر اچن ٿا، جن تحت چونڊن جون مهمون شروع ٿينديون، انهن تي سرسري نظر وڌي وئي آهي ۽ ڏسڻو اهو آهي ته ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿو ٿئي، پر موجوده وقت ۾ عوام ماڻهوءَ جي حالت انتهائي خراب آهي، ڊالر جي ڀيٽ ۾ روپيو ڏينهن رات گهٽبو ٿو وڃي، مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، انڪري، مهانگائي، گئس، بجلي به اشوز هوندا، پر سچ اهو آهي ته سڄو ملڪ اشوز سان ڀريل آهي، پر 5 سال ڪيئن گذري ويا، خبر ئي نه پئي وري ڪجهه نوان پروگرام ايندا يا وري به اهو ئي پراڻو راڳ آلاپيو ويندو ته اجهو ، لٽو ۽ اٽو، ڪجهه به هجي عام ماڻهوءَ جي حالت خراب کان خراب ٿيندي پئي وڃي ۽ عام ماڻهوءَ لاءِ اهي چونڊون سنڌيءَ جي ان پهاڪي مثل ئي ٿينديون ادو مئو ادي ڄائي، اسين اهي جا اهي ئي!
memonhisam@yahoo.co.uk

To the president of Pakistan

Mr.Asif Ali Zardari - President of Pakistan
Mr.President of Pakistan!

So many people keep urges to visit a single country and you are visiting the whole world without spending even a rupee from your own pocket and those must feel glad, who travel along with you on government's expenses!

People have forgot, how you became president but they could't avoid their sorrows, which groom day and night, they have to live along with sorrows in their poor world

You promised to alleviate poverty but what BISP (benazir income support program) has delivered yet, only figures can't resolve this big issue. BISP has taught the women of Pakistan how to beg every month for Rs. 1000/= or 2000/=, do you think, does it alleviate poverty?

You know well about PPAF, how does it invest in social sector and gives funds to the NGOs to alleviate poverty at the cost of high mark up, does it alleviate poverty?

Actually, you rely on the figures (data), but don't peep into the lives of poor Pakistan, how people live with poverty, how kids catch diseases due to lower standard of living and underemployment?

You can't see all the things, how actually things are and where they leave for, there is hell, the poor are burning into it and you are lasting heavenly life on the earth!

Your excellence, poor people of Pakistan and especially of Sindh are stuck in a groove, have you devised new a method how to befool people on the pretext of mercy vote in the name of Shaheed Benazir Bhutto for another tenure in regard of forth coming elections?

People are dying of poverty, hunger, diseases, bad law and order situation and bad attitude and nepotism by your beloved candidates, who feel proud to be a member or minster and ignore the rights and killing meritocracy and they think it is their dynastic right to do whatever they like!

Mr.President! I can't utter a word how people live and what are their routine issues are, I would put a single request before you to have pity us all and be philanthropist and distribute your wealth among poor people of Pakistan to support them and make your members neat and clean and they should alleviate poverty to boost up poor people rather taking their kith and kin in every corner of life.

Please have pity, because all have to die, you, me and everybody, to accumulate wealth and assets will not useful in the grave!

Hisam Memon 14/12/2012


Monday, December 10, 2012

God bless our country

So many issues are facing our beloved Pakistan:

1.   Religious extremism
2.   Cross border terrorism
3.   Corruption
4.   Recession
5.   Tribal Feuds
6.   Violation of Rights (Human, Child, Women etc)
7.   Prompt Justice 
8.   Deteriorating standard (of education, health and life)
9.   Growing poverty
10. Bad law and order situation
11. Nepotism
12. Political Coercion
13. Inter-provincial bias
14. Ethnic Issues
15. Issues of electricity, gas etc
16. Dacoity and Street crime
16. Feudalistic Coercion
17. Water Crises 
18. Class conflict
19. Extortion

Our beloved Pakistan in general and Sindh Particularly is facing certain issues, so many parties, so many politicians including ruling party (nationalistic and federal) have been addressing certain issues but most of the issues are un-resolved yet.

When Pakistan came into existence, it consisted East and West Pakistan but in 1971 East Pakistan was segregated and it became Bangladesh as a separate state on world global map.

Poor is getting poor and rich gets richer, this is actually a broken heart's situation around the country and all the looming issues are challenge for the government and parties. Who will resolve the issue pragmatically, it is still a question which rises into the mind. 

God bless our country


Hisam Memon 
10/12/2012

Sunday, December 9, 2012

Book Exhibition - Expo Karachi

Hisam Memon (left) Pro.Shafique Jokhio (right)
My friend Khalid Saifullah Bhatti called me the day before yesterday (7/12/2012) and told he was there in Karachi and if I was free to meet him at Expo Center Karachi.

I gladdened, he came Karachi for the purpose to settle a shop of Sindhi books in the exhibition along the team of Mahran Academy Shikarpur; my first translation was published by this institute in 2000; that was the book of Mr.Khuram Murad under the title of "In the Long Search" 

Khalid saifullah bhatti is writer, translator and nice man from Shikarpur, his books have been published by famous publishers like Sindhica Academy, Mahran Academy and others. Khalid's 8 or more than eight books are published

Once I created page of Khalid Bhatti on face book, below is the link to join:

I went to Expo only because of Khalid; I meet the least persons, but couldn't refuse Khalid. I went there and found his shop and we had conversation after long.Suddenly, there appeared a man, whom I never met before this and that taller man, with beard and smiling serious face was Saeen Shafique Jokhio, who is professor in the college of Karachi and incessantly write for the rights of Sindh and its people on face book, he was along with his family and Avaiz Jokhio his son was also there, who took these pictures. 

It was nice activity to see friends, I saw books superficially but did not purchase anything, when I was coming back to home, suddenly again I met Mehran Academy Shop with Farooq Soomro who was along with his kids; exchanged ideas standing there and then I had to come back soon. Farooq told me to meet him today (9/12/2012) and I told him I would call if if could go there at lunch time but I couldn't due to my personal engagement and headache.

Hisam Memon 
09/12/2012

Friday, December 7, 2012

Poetry and Politics


شاعري مون لاءِ ڪيفتن، احساسن، وفا، بيوفائي، ڏوراپا ڏيڻ، روئڻ پٽڻ، اندروني طور خوش ٿيڻ، رنج ٿيڻ، پنهنجي ذات ۾ ٽٻي هڻڻ، ڪوڙ هڻڻ، اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ جن جو سماج سان گهٽ ۽ پنهجي ذات ۽ ذاتي خيالن سان گهڻو واسطو هجي، جو نالو آهي
 پر اهي شيون به شاعر کان شاعر تائين مختلف هجن ٿيون، ڪي ڪي شاعر تڪ بند ٿين ٿا، ڪي شاعرن سان گڏ رهڻ ڪري شاعر ٿي ويا آهن، ڪي ٽائيم پاس آهن، ڪن جو حدف رڳو ناماچاري حاصل ڪرڻ آهي

ڪي ڪي سٺا شاعر آهن، اهي چوويهه ڪلاڪ شاعر آهن، انهن وٽ شاعريءَ جو فن به آهي، وزن ڄاڻن ٿا پر بحر جي خبر ڪون اٿن

ڪي ڪي رڳو بحر ۽ وزن ئي ڄاڻن ٿا، انهن جو سماج سان بنه واسطو ناهي، اهي رڳو شاعريءَ کي ان ئي نقط نگاهه کان ڏسڻ جا عادي هوندا آهن

ڪلاسيڪي شاعرن سٺا پيغام ڏنا آهن، انهن جا قدر جديد قدرن کان ڪنهن حد تائين الڳ هيا، اهو هڪ الڳ دور هيو، الڳ حالتون هيون، انهن جا پنهنجا مسئلا هيا ۽ الڳ شخصيتون هيون، انهن ۾ ڏٺو وڃي ته ناماچاريءَ جو ڪو رجحان نه هيو، ڇو ته ان وقت پريس ۽ پبليڪيشن به ايتري طرقي نه ڪئي هئي

جديد شاعرن ۾ به ڪافي سٺا آهن، انهن به ساڳي ڳالهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جهڙي ريت ڪلاسيڪي شاعرن ڪئي، اهڙن شاعرن جو اسان وٽ نه پر پوري دنيا ۾ مان،شان ۽ قدر آهي ۽ هئڻ به گهرجي، اهي واقعي سٺا شاعر هيا يا آهن

پر اسان وٽ جڳاڙي شاعرن جي پيهه وڌي وئي آهي، جنهن شاعريءَ ۾ ڪو چڱو پيغام ناهي، اها گهڻي پڙهڻ پنهنجو قيمتي وقت وڃائن کان سوا ٻيو ڪجهه ناهي

سياست اسان وٽ گندي آهي، هر ماڻهو ڄاڻي ٿو، ڳالهائي ٿو ۽ لکڻ وارا روز لکن ٿا، پر ان جي باوجود به سياست انڪري بهتر آهي ته اها ادارا ٺاهي ٿي، انهن کي مضبوط ڪري سگهي ٿي، شاعريءَ هن وقت تائين ڪهڙا ادارا ٺاهيا آهن يا ٺاهي سگهي ٿي، سواءِ هڪجهڙا خيال هر هر، هر گهڙي اسان جي جهول ۾ وڌا وڃن ٿا، جن سان نه ڪا تبديلي ايندي نه اهو گمان ئي ڪجي، پوءِ ڇو ويهي ڪري وقت وڃائجي. انڪري، شاعريءَ کي لطيف فن جي دائري هيٺ ئي ڏسڻ گهرجي

سياست انڪري ضروري آهي ته ان سان غريب غربي جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، سماجي تبديليءَ جا 100 سيڪڙو اهڃاڻ موجود هجن ٿا، پوليس کي پڪڙ ڪري سگهجي ٿي، ڪافي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، پر شاعري معرفت مان نٿو سمجهان ته اهڙو ڪم ٿي سگهي ٿو جو تبديليءَ جو محرڪ ثابت ٿئي، انڪري، سياست شاعريءَ کان وڌيڪ طاقتور آهي ۽ ان کي سٺن ۽ فضيلت ڀرين ماڻهن جي ضرورت آهي، خاص ڪري سنڌ دوست مڊل ڪلاس طبقي جي اڄڪلهه تمام گهڻي ضرورت آهي، جيڪو طبقو سچ ۾ ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪري ته گهڻو ڪجهه تبديل ٿي سگهي ٿو، ڀلي ڪل آباديءَ جي ڀيٽ ۾ ڀلي اهو 2 سيڪڙو ئي ڇو نه هجي، پر تبديلي هميشه وقت وٺندي آهي، ارتقا جي مرحلن منا لنگهندي آهي ۽ پوءِ ضرور نتيجا ڏيندي آهي. سنڌ جي ۾ وجوده حالتن ۾ سنڌ دوست طبقي کي نئين سر شروعات ڪرڻي پوندي ۽ اهڙي تبديلي Zero started هوندي آهي.


دنيا جي تاريخ مان هڪڙو مثال ئي کڻي وٺجي ته فلسطين کي 29 نومبر 2012 تي اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي مبصر رياست مڃيو آهي ۽ ان ڪم لاءِ 65 سال فلسطين جدوجهد ڪئي، هاڻي گهٽ ۾ گهٽ فلسطين اسرائيل کي ان ڳالهه ۾ ڇڪيندو جو هو جنگ ۾ ڪيل ظلم جا داستان ڪيس ٺاهي ڪري ICC يعني International Criminal Court ۾ وجهندو ته جنگ جي ڏوهه ۾ اسرائيل کي ٽنگرائيندو، فلسطين جي ان مسئلي تي اسرائيل، آمريڪا ۽ انهن جا نون پڪا اتحادي جن فلسطين جي خلاف ووٽ وڌو ، اهي پريشان آهن، ظاهر آهي، اهي پريشان ٿيندا ڇو ته اها ڳالهه انهن جي سياسي مفاد جي خلاف آهي، پر اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته ڇا فلسين اها منزل رڳو انڪري ماڻي ته هنن وٽ شاعر ڀلا آهن، ڇا اهو چئي سگهبو ته شاعريءَ معرفت اهو ڪم ٿيو آهي، بلڪل نه، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته قومي شاعرن پنهنجي ماڻهن جي همت افزائي ڪئي ۽ ڪندا رهن ٿا، اهو انهن جو اخلاقي ۽ سماجي فرض به آهي، بلڪل اهڙي طرح ون يونٽ ۾ سنڌ جي شاعرن، اديبن سرگرم حصو ورتو ۽ تاريخ انهن کي اڄ به ياد ڪري ٿي، پر اصل move سياست هئي ۽ ساڳي ڳالهه MRD جي تحريڪ دوران هئي ۽ 80 وارو ڏهاڪو سنڌ جي مزاحمت شاعريءَ جو هڪ يادگار ڏهاڪو آهي، ان کي وساري نٿو سگهجي،

مان انڪري، اهو سوچيان پيو ته جيڪي دوست ڏينهن رات شاعري ڪن ٿا، ۽ شاعراڻي روڳ ۾ ڦاسي پيا آهن، ڇا انهن کي لڳي ٿو ته انهن جي شاعري سياست کان بهتر آهي، ڇا انهن جي شاعري ڪنهن مسڪين جي ٻن ويلن جو انتظام ڪري سگهي ٿي، ڇا انهن جي شاعري بيمارن جي مدد ڪي سگهندي، ڇا انهن جي شاعري سماج ۾ ڪهڙي واقع تبديل آڻي سگهندي، مان بس اها صلاح ڏيڻ ٿو گهران يا مان اهو ٿو سوچيان ته اسين اهڙو ڪم ڪيون، جيڪو سماج ۾ اڳتي وٺي وڃي، هن وقت جڏهن سنڌ ۾ ظلم، جبر، ڏاڍ، نا انصافي جو راڄ آهي، انهن حالتن ۾ اسان سڀني کي ڇا ڪرڻ گهرجي، سماجي تبديل سماجي ڪمن معرفت ئي ايندي نه ڪي پنهنجي ذات ۾ ٽٻي هڻڻ سان

مان وري به چوان ٿو ته مان شاعريءَ جو مخالف ناهيان، پر اها ذاتي طور موڊ ۽ ڪيفيت جي تبديليءَ جي محرڪ کان سوا ڪجهه ناهي.
_______________________________________________________________
This article was published in Daily Ibrat Hyderabad on December 08, 2012 and written on 06 December 2012


  • Muhammad Suleman Wassan شاعري کان انڪاري ناهيون ۽ شاعرن کان به نه ، شاعرن جو ڪم شاعري ڪرڻ آهي، تنهنڪري شاعر پنهنجو ڪم ڪندا. سياست الڳ شيء آهي تنهنڪري شاعرن پنهنجو ئي ڪم ڪندا.
  • Ali Zahid pyara Hisam Suleman wassan sahib g galh men dum aahe in te b ghor kayo, baqi awhan jo lekh wanyo, man koshish kandus t shairi j shareer chhokree j bhakur man chhadaey syasat jahrre gande dher te wehi kujh nara hani panhnjo farz pooro kayan.
  • Ayaz Ghous Memon شروع کان شاعري ۽ سياست گڏ گڏ آهن۔ هڪ سٺو شعر پنهنجي شاعريءَ سان سياستدان جي رهنمائي ڪندو آهي ۽ انکي هڪ بهترين رهنما بنائڻ ۾ مددگار هوندو آهي۔
  • Hisam Memon علي زاهد وساڻ صاحب واري ساڳي ڳالهه مان پنهنجي آرٽيڪل جي شروعات ۽ آخر ۾ ڪئي آهي ۽ مان اهو ڪٿي چيو آهي ڪوئي پنهنجو پنهنجو ڪم نه ڪري، پر ڳالهه آهي ته ڪهڙي شيءِ ڪيتري فائديمند ۽ اثر رکندڙ آهي. باقي يار تون پنهنجي شاعري يعني شرير ڇوڪري سان ويٺو رهه تو کي ڪنهن چيو ته سياست جي گند ڏانهن اچ.

    دنيا ۾ هر سبجيڪٽ جو احترام آهي ۽ هئڻ به گهرجي (اخلاقي طور) سياست گندي ناهي، پر ڪجهه ماڻهن ان کي گندو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ائين ئي شاعري خراب ناهي، پر شاعريءَ کي شرير ڇوڪري بڻايو وڃي ته پوءِ مان ڇا چوان..!؟ جيئن ته تون شاعر آهين، انڪري، تون هتي به شاعري ڪري ويو آهين.
  • Hisam Memon اياز صاحب اوهان جي ڳالهه اهڙي طرح وچ تي ٿيل آهي، جو ها ۽ نه ڪري نٿي سگهجي، مان سڀني شين جي باوجود ان شيءِ جو قائل آهيان ته شاعري ذاتي موڊ ئي جهٽ لاءِ تبديل ڪري سگهي ٿي ۽ ڪندي به آهي، پر اها جامع قسم جا ڪي اثر ڇڏي ۽ مسئلا حل ڪري نٿي سگهي ۽ سياستدان ويهي ڪري شاعريءَ مان سکندا رهن مان ان کي به ايترو اثرائتو نٿو سمجهان پر اها سچ ته مونکي ٿورڙي عجيب به لڳي آهي.

    وساڻ صاحب واري ڳالهه ورجايان ته شاعري الڳ آهي ۽ سياست الڳ، پر سماج تي تمام گهڻي شيءِ جيڪا اثر انداز ٿيندي اها سياست ئي آهي، نڪي شاعري!
  • Mithal Jiskani سٺو مضمون، سٺي موضوع تي، بهتر بحث سان...
  • Hisam Memon مهرباني مٺل صاحب
  • Mithal Jiskani سنگت کي هن موضوع تي پنهنجا ويچار ونڊڻ گهرجن. جيڪڏهن ڪو تفصيلي مضمون لکڻ چاهي ته به تمام سٺو ٿيندو. ڇاڪاڻ ته جنهن شاعري جي ضرورت آهي اها نه پئي ٿئي...
  • Hisam Memon مٺل صاحب اوهان منهجي نڪتي کي واضح ڪري ڇڏيو، پر دوستن کي عرض ڪندو هلان، جيڪي سنڌ جي تاريخ پڙهڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا ۽ اهي جيڪي واقعي شاعريءَ ۾ سنجيده آهن، انهن کي هڪ ميرن جو پورو دور ڌيان سان پڙهڻ گهرجي ته ڪيئن انهن عياشيون پئي ڪيون، محفلون پئي ڪيون، مجرا پئي ڪيا، اهي عجيب قسم جا ماڻهو اسان جا حڪمران رهيا ۽ انهن جي عياشين ۽ خمريات جي ڪري ئي سنڌ انگريزين حوالي ٿي، مير جعفر به ان ئي دور جي پيداوار آهن.

    بيو اهو ته جيڪا شاعري ٿئي ٿي، ان تي غور ڪجي ۽ ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪبي ته ڪجهه ماڻهن کي ڇڏي باقي اهڙو ڪهڙو سبق ملي ٿو شاعريءَ مان جو قوم جي قسمت ٿبدلي ٿيندي.

    ڌڙا ڌڙ شاعريءَ جا ڪتاب اچن ٿا، پر مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته تبديل ڇو نٿي اچي، اهو ئي چوڻ پيو گهران ته اسان وٽ شاعريءَ معرفت تبديلي اچي ها ته اسان وٽ ڀٽائي سائين آهي، خليفو قاسم آهي، بلڙيءَ وارو آهي، سامي آهي، سچل آهي، شيخ اياز آهي، استاد بخاري آهي، پر تبديلي ڪٿي آهي
  • Hisam Memon مان ڪيترن دوستن جا ڪتاب اٿلائي پٿلائي ۽ پڙهي ڏٺا آهن، سوا ٻه چار نظمن جي سٺا نظم نظر ڪونه ٿا اچن، جيڪڏهن انهن جي تعريف ڪبي ته واه واه جي ٻه لفظ پيار ۾ ڳالهائبا ۽ چئبو ته بابا هي ٺيڪ ناهي، چوندا سائين خبر آهي اوهان پڙهيا لکيا آهيو، دانشور آهيو، اهي آهن رويا .

    مٺل صاحب ڪجهه ڏينهن اڳ مان پنهنجي ٽايئم لائين تي لکيو هيو ته اهي ٻوڙن کان بدتر آهن، جيڪي سچ ٻڌڻ نٿا چاهن... مان ڪجهه به نٿو چاهيان، مان شاعريءَ جي خلاف ناهيان، مان شاعرن جو مداح آهيان، پر سڀني جو نه، هتي ته ڪيترائي صاحب ڪتاب آهن، ڇا سڀني صاحب ڪتاب تي ايمان آڻبو ڇا؟

    انڪري چوان ٿو ته ٻيو ڪجهه نه ميرن جي تاريخ پڙهي وڃي ته خبر پوي ته اهڙن روين جي ڪري انهن ڪهڙي ترقي ڪئي ۽ سنڌ کي ڇا ڏئي ويا
  • Mithal Jiskani حسام سائين، اوهان به هاڻ وڌيڪ واضح پيا ٿيو، جڏهن ته اوهان تڪڙ ڪرڻ ۽ مختصر لکڻ کان پرهيذ ڪريو ها ته هي مضمون اڄ جي اهم موضوع تي مستند بحث جي حيثيت ماڻي ها. ۽ جيڪو مواد ڇپيو آهي، اهو ان جو اختصار لڳي ها.... Hisam Memon
  • Hisam Memon سائين چوندا آهن ته سياڻي لاءِ اشارو ئي ڪافي هوندو آهي، خير ان شيءِ تي بحث ڪري سگهجي ٿو، پر مان شاعريءَ جي خلاف نه ڳالهايو آهي، مون وٽ ڪتاب پيا آهن تازا، ٻولي غلط، مطلب غلط، معنائون غلط، لفظن جي تشريح هڪ کان ٻي، تجريديت جي انتها، نعري بازي، رڳو تصوراتي ڳالهيون، پنڪچوئيشن جي غلطيون، خيال عجيب ۽ غريت، مان نالا نٿو کڻان، پر يقين ڪيو افسوس ٿيندو آهي، جڏهن دوست کيسي مان پئسا ڪڍي ان ڪريز ۾ ڪتاب ڇپرائن ٿا ۽ اهي اڳتي هلن ٿا، پوءِ جن ڪچڙن دماغن کي اڳ ڄاڻ ناهي ۽ هو جڏهن پڙهن ٿا ته اها غلط ڳالهه ڦهلبي رهي ٿي. 

    اوهان کي هڪ مثال ڏيان:

    ڪجهه وقت اڳ هڪ نوجوان مون کي ڪال ڪري چيو ته سائين Pluto معنيٰ ڇا آهي، چيومانس اهو هڪ سيارو آهي. مونکي چيائين سائين اوهان کي اها به خبر ناهي ته پلوٽو سيارو نه پر افلاطون کي چئبو آهي.

    مان حيران ٿي ويس، چيومانس سوشيالوجي ته نٿو پڙهين، ڪٿي تنوير جوڻيجو صاحب واري لغت ته نه ڏٺي اٿي، هن چيو: بلڪل سوشيالوجي جي پهرين سال ۾ داخلا ورتي آهي ۽ مان اهو تنوير جوڻيجو جي سوشيالوجيءَ جي لغت ۾ پڙهيو آهي ته pluto معنيٰ افلاطون

    مٺل صاحب غلطيون هر انسان ڪندو آهي، اسين اپار عيبن ۾ ڀريل آهيون، پر جيڪڏهن ڪير اسان کي پنهنجي غلطي سڌارڻ لاءِ چوي ته ان تي چڙڻ بجاءِ پاڻ کي سڌارجي، مان ته ان شيءِ جو قائل آهيان، ڀلي ڪير به غلطي سڌاريندو ته مان ان جو شڪر گذار رهندس. 

    اهڙي طرح جڏهن مارڪيٽ ۾ ڪهڙا به ڪتاب اچن ٿا، ڪنهن به سبجيڪٽ جا ، جيڪڏهن انهن ۾ غلطي هوندي ته اها ڦهلبي، ان کي ڪيئن روڪبو ، ظاهر آهي پاڻ کي درست ڪرڻو پوندو.
  • Mithal Jiskani مون ائين نه چيو، نه لکيو آهي، نه ئي مڃان ٿو ته ڪو اوهان شاعري جي خلاف لکيو آهي. اوهان ته يار تمام سٺي ڳالهه ڪئي آهي. جنهن کي سمجه ۾ نه ٿي اچي، اهو هڪ ڀيرو ٻيهر پڙهي يا سنگت سان رابطو ڪري، پڇڻا نه منجهڻا... Hisam Memon
  • Hisam Memon thanks Mithal sahib
  • Hisam Memon I really need good and positive comments, you should also write in this regard Mithal sahib
  • Mehranjo Waseem Ahmed هلندڙ حالتن تي هڪ تکي نظر تمام گھڻي خوشي ٿي پڙهي ڪري.See Translation
    10 hours ago · Edited · Unlike · 1
  • Hisam Memon Thanks dear Waseem