Wednesday, February 8, 2012

Email to Saeen Idrees Rajput after reading his article on Coal of Sindh

Dear Saeen Idris Rajput!

Peace be unto you!

I have gone through your article in Daily Kawish (8th Feb 2012) right now about coal of Sindh, you have written very well, our youth, young generation, teachers, students, writers, common news papers readers, journalists and people from literary sphere need this type of information, you are delivering.

Those who pose to be nationalist/Sindh Monger or well wishers, do not know about the natural assets of the land so deeply. This deep knowledge is really very necessary to inseminate among the people of Sindh and you have been writing regarding the water issue very well and people are benefited a lot to read your certain write-ups.

I pray for you to live long and serve the nation, it is the best thing you are going to perform. The actual thing is this, if the article or write-up is merely emotional or based sentimentally, it does not serve the best; knowledge oriented and replete with data and information articles are the need of the day, so you are doing it with care and with hard work, you deserve adoration and honor for.

I congratulate you for certain writings, please carry on to inseminate knowledge among Sindhi people, who have been suffering for the centuries by the invaders and have always come under the fire that Sindhi people are lethargic, dull, remain homesick and so on.

Though the fact reflects another angle, every nation, tribe or clan haves the certain attitudes, instead this, Sindhi people are criticized, defamed, suppressed by certain attitudes, as Mr.Hanif Raame did in his notorious book "Punjab Ka Muqadmaa", he has ignored the capabilities of Sindhi people and have focused on negativity, which shows author’s narrow-mindedness, closed mentality and bias. Though English people have written the negative things and attitudes of Sindhi people in their diaries, books and reports, but they did not write being pre-occupied of bias, as Punjabi lobby did.

I went through the book of Saeen Amar Jalil recently, "Sindh Naamoon" (سنڌ نامون); he has tried to show the facts of the history, how Mir Dynasty was stingy, lecherous, mean, lethargic and opportunist. They were very much sensual and used to inclined to white skin, they were easily bent by the British personnel and being religious the Mirs, could not deliver rightly as they should have done with the public.

They always remained busy in sensual things, amrous-oggling, and in engaged indecent actions as history is replete with their mediocre pomp and show. One of the book “Miran jee Darbar” (ميرن جي درٻار) I had read some 8-9 years back, it was amazing book, I knew a lot of queer things done by Mirs at their heydays.

Even Kako Bheru Mal has written eye-opening events acted by Mirs in his famous book “ Sindh je Hindun jee tareedkh” (سنڌي جي هندن جي تاريخ _ 2 جلد). I really feel shy to read such strange things in the history of Sindh.

Sindh has not only been ruined, suppressed, ignored by invaders but Sindhi people were avoided, looked down up by their own rulers as well. We are, still, looked down up, suppressed, oppressed and under pressure in the present time as well; this is the very core issue of today’s Sindh and it is too common to be discussed regularly. The people have been wont of this attitude and not very much resilient to break the ice in this regard.

20th amendment in the constitution of Pakistan, would be the last nail in the chest of sindh; if passed; it would be easier to divide Sindh in forth-coming days, our intelligentsia is afraid of it.

The retired bureaucrats have done what with the institutes; it is not a hidden story, University of Sindh is the lively example of this cadre and many other institutes are preoccupied by such retired bureaucrats, even Mr. President against bureaucracy.

You and our other bold writers are writing for the assets and history of sindh with a great cause is really a wonderful and splendid job.

I would suggest you to compile two dictionaries, one for the water issue, and other for natural resources of sindh, our sindhi youth need this type of things, which are not available in the market.

You may define and explain every word with pretty good definition, which will enable our people to understand terms in historical perspective with a mature prospect. (Sindhi to English or English to Sindhi)

Apart from this, you should spare some time to define the key terms regarding water issue and natural resources or certain other subjects related to Sindh, just keep on recording and upload those on you tube, as to spread and to raise the voice of sindh.

In the end, I would put my request and wish before you, try to write your auto-biography, which will also be an amazing knowledge, learning and history for our people.

Regads

Hisam Memon

Karachi

0334 3675045

ٿر جو ڪارو سون ڪڏهن فائدو ڏيندو؟

محمد ادريس راجپوت

روزاني ڪاوش 8 فيبروري 2012

ننڍي هوندي جڏهن مان ميونسپل هاءِ اسڪول قمبر ۾ پڙهندو هوس ته علي خان وارو منهنجو ڪلاس فيلو پير تراب علي شاهه راشدي عرف سُهڻل شاهه مون کي ڪيميا جي علم بابت عجيب عجيب ڳالهيون ٻڌائيندو هو ته، ڪيئن الله وارن ماڻهن وٽ ڪيميا جو علم هوندو هو، جنهن ذريعي هو ٽامي ۽ پاري مان چاندي ۽ سون ٺاهي سگهندا هئا ۽ ان وقت به ڪِن بزرگن وٽ اهو علم هو. هُن جي چوڻ مطابق هُن جو هڪ بزرگ پاري مان چاندي ٺاهيندو هو. وري هُن هڪ ٻئي بزرگ جي ڳالهه ڪئي، جيڪو هُن جي ڏاڏي جي وقت ۾ قمبر آيو هو ۽ هُنن وٽ رهيو هو، جنهن جو نالو سيد احمد خالد شامي هو. هي هڪ صاحبِ ڪرامت بزرگ هو، جيڪو زندگي ۾ ڇڙو رهيو، هي بزرگ اڳڪٿين بابت مشهرو هو، جيڪو چوندو هو صحيح ٿيندو هو. پير پاڳاري مرحوم جي خليفي پير سيد نبي بخش شاهه راشدي عُرف نبن شاهه هِن بزرگ جي اڳڪٿين بابت هڪ ڪتاب به ڇپرايو آهي، جنهن ۾ سکر بيراج وٽ پاڻي نه پهچڻ بابت هڪ اڳڪٿي ڏنل آهي، جيڪا هُن ريت آهي.

”حضرت شامي عليه پير جو ڳوٺ جي سيد پريل شاهه جي دعوت تي آيا، انهيءَ کان علاوه منهنجي والد سيد هدايت الله شاهه راشدي (ڳوٺ سيد هادل شاهه) ۽ ڀنڀي جي زميندار شاهه نواز گهمري جي دعوت تي به آيا. انهيءَ زماني ۾ سکر بيراج جو وڏو تعميراتي ڪم هلي رهيو هو. سيد پريل شاهه جي عرض تي حضرت شامي پنهنجي عقيدتمندن سان سکر بيراج ڏسڻ تي راضي ٿي ويا. اٺن ۽ گهوڙن جو بندوبست ٿي ويو، پروجيڪٽ ڏسندي پاڻ فرمايائون، ته انهيءَ جي ڪري سنڌ ۾ تمام گهڻو فائدو ٿيندو، زراعت ۾ تمام گهڻو واڌارو ايندو، پر هڪڙو زمانو اهڙو به ايندو ته هتي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به نه ملندو.“ (هي ڪتاب پير ڳوٺ جي لائبريري ۾ موجود آهي.)

منهنجي ڪلاس فيلو ٻڌايو ته هڪ وقت مسلمانن جي انگريز مخالف تنظيم کي پئسي جي سخت ضرورت ٿي، ڪٿان بندوبست نه ٿي سگهيو. انهن جي سربراهن علي خان ۾ شامي بزرگ کي مدد لاءِ عرض ڪيو. بزرگ صاحب فرمايو ته هڪ لوهه جو گرڊر کڻي اچو ۽ اُن کي باهه ڏئي ايترو تپايو، جو اهو ڳاڙهو ٿي وڃي. جڏهن ائين ڪيو ويو ته گرڊر تپي ڳاڙهو ٿي ويو ته بزرگ صاحب هڪ دٻيءَ مان هڪ اڇو پائوڊر ڪڍي انهيءَ ڳاڙهي گرم ٿيل گرڊر تي وڌو. چون ٿا ته اِهو لوهي گرڊر سون ٿي پيو. بزرگ صاحب فرمايو ته انهيءَ کي رڳو انهيءَ مقصد لاءِ استعمال ڪيو، جنهن لاءِ توهان گهريو هو. ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون ڪيميا بابت ٻڌندا هئاسين، اچرج به ٿيندو هو، پر اعتبار ڪندا هئاسين. وري جڏهن انٽر سائنس ڪرڻ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ آياسين ۽ ڪيميسٽري ۾(Element) نج ڌاتو ۽ (Compound) پڙهياسين، ته خبر پئي ته هڪڙو Element ٻئيElement ۾ مٽجي نٿو سگهجي ۽ پاري يا ٽامي کي چاندي يا سون ۾ مٽائڻ هڪ گهٽ قيمت واريElement کي تمام وڌيڪ قيمت واري Element ۾ مٽائڻ هو، جيڪو ڪيميسٽري جي اصولن مطابق ممڪن نه هو، ته ڪيميا واري علم تي اعتبار ته ختم نه ٿيو، پر شڪ ضرور پيدا ٿيا. وري جڏهن انجنيئر ٿياسين ته ريڊر ڊائجسٽ جي هڪ پرچي ۾ پاري مان سون ٺاهڻ بابت هيٺين ڳالهه پڙهي سين:

پاري مان سون ٺاهڻ جو جديد طريقو:

”عام پاري ۾ 10.02 سيڪڙو پارو، جنهن جو ائٽمي وزن 197.9668 ٿئي ٿو، جنهن کي سائنسي ٻولي (Hg-198) چئجي ٿو، هُجي ٿو. ان کي Specto scope وسيلي عام پاري کان ڌار ڪري هِن کي گاما شعائن جا ٺڪاءُ ڏيو. جڏهن ان مان هڪڙو پروٽان نڪري وڃي ٿو ته نتيجي ۾ ان جو نيوڪلئس سون جي ائٽمي وزن 196.9666 جنهن کي سائنسي ٻولي (Au-196.9666) چئجي ٿو ۾ مٽجي وڃي ٿو، جيڪو نج 100 سيڪڙو سون ٿئي ٿو ۽ جيڪو سون جو تمام پڪو آئسوٽوپ ٿئي ٿو.“

مٿين فني ٻولي لکڻ جي معافي، ڪيميسٽري ڄاڻندڙ ماڻهو اِن کي چڱيءَ طرح سمجهي ويندا. تت اِهو نڪتو ته هڪ نج ڌاتو کي ٻئي ۾ مٽائڻ ممڪن آهي، ڀلي طريقو ڪهڙو به هجي، پوءِ ته اسان به سون ٺاهي شاهوڪار ٿي وڃون ۽ ڇو ٻين ملڪن ۽ ادارن کي ايلاز ڪري قرض وٺون. پر ڳالهه ايتري سولي ڪانهي، انهيءَ نموني سون ٺاهڻ تي خرچ سون جي قيمت کان تمام گهڻو اچي ٿو. سمجهو ته سون جو في تولو ملي ٿو پنجاهه هزار روپيا ۽ مٿين طريقي مطابق في تولو سون ٺاهڻ ۾ خرچ اچي ٿو پنج لک روپيا. پوءِ اهڙو سون ٺاهي ڇا ڪنداسين؟

مٿيون ٿلهه مون ٿر واري ڪاري سون کي ترقي وٺرائڻ جي پسمنظر لاءِ ٻڌو، جيڪو اڃان صحيح نموني ۾ ترقي نه وٺي سگهيو آهي ۽ اڃان اسان پيا تجربا ڪريون ٿا، يا صحيح قدم کڻڻ ۾ هٻڪايون ٿا. هن وقت تائين انهيءَ پوريل ڪاري سون کي استعمال ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن. هڪڙو آهي کڏ کوٽي ان کي ڪڍڻ ۽ پوءِ بجلي پيدا ڪرڻ ۾ استعمال ڪرڻ. ٻيو آهي زمين اندر ئي ڪوئلي کي ساڙي گئس ٺاهڻ ۽ پوءِ انهيءَ گئس مان بجلي پيدا ڪرڻ يا ٻئي ڪنهن ڪم ۾ استعمال ڪرڻ، ٻنهي نموني ڪم ڪرڻ ۾ ڪجهه مسئلا آهن، جيڪي هيٺ ٻڌائجن ٿا.

(1) کڏ کوٽي ڪوئلو ڪڍڻ:

ٿر جو ڪوئلو زمين کان اٽڪل 500 کان 650 فوٽ هيٺ آهي، جنهن جي ٿولهه هڪ هڪڪري ناهي. سراسري ٿولهه 50 فوٽ آهي، انهيءَ عُميق ۾ پاڻيءَ جا ٽي تهه آهن، جن کي انگريزيءَ ۾ Aquifers چئجي ٿو. پهريون 164 فوٽن تي، ٻيو 304 فوٽن تي ۽ ٽيون 652 فوٽن تي ۽ وري ڪٿي انهيءَ کان به هيٺ. ڪوئلو ڪڍڻ لاءِ اسان کي کڏ کوٽڻي آهي. اهڙي کڏ، جيڪا 650 فوٽ اونهي هجي ۽ ملڪ هجي وارياسو. جيئن کڏ کوٽبي ته پاسن کان واري هيٺ ڪرندي جنهن کي روڪڻ جو بندوبست ڪرڻو پوندو. وري ڪوئلي تائين پهچڻ کان اڳ پاڻي جو پهريون تهه اچي ٿو. اهو پاڻي کڏ ۾ ڪري انهيءَ کي ڀري ڇڏيندو، تنهن ڪري انهيءَ پاڻي کي پهريون ڪڍڻ جو بندوبست ڪرڻو پوندو. جڏهن ان جو بندوبست ٿي ويندو ته ڪوئلي واري تهه ۾ به پاڻي آهي، اِهو به ڪڍڻو پوندو. وري جڏهن ڪوئلو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪبي ته ٽئين تهه وارو پاڻي جيڪو هيٺ آهي ۽ دٻاءَ هيٺ آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ (Artesian) واري حالت چئبو آهي، اُهو مٿي اچي ڪوئلي واري کڏ کي ڀري ڇڏيندو، تنهن ڪري انهيءَ ٽئين تهه وارو پاڻي ايترو ڪڍڻو پوندو، ته اهو پاڻي دٻاءَ واري حالت ۾ نه رهي. وري اهو سوچبو ته 500 کان 650 فوٽ هيٺ کڏ ۾ پيل ڪوئلو مٿي زمين تي ڪيئن پهچائبو. انهيءَ ڪوئلي کي کوٽي ڪڍڻ ۽ مٿي زمين تي پهچائڻ لاءِ خاص وڏيون مشينون کپن جيڪي پاڪستان ۾ ڪونهن، اهي ٻاهرين ملڪن کان گهراڻيون پونديون. اتي به اهي تيار ڪو نه پيون آهن، آرڊر ملڻ تي اهي ٺاهيندا، جنهن ۾ ٻه ٽي سال لڳندا. اهي مشينون سامونڊي جهازن ذريعي ڪراچي پهچنديون، اهي مشينون ڪراچي کان اسلام ڪوٽ پهچاڻيون پونديون، جنهن جو مفاصلو 360 ڪلوميٽر آهي. انهن جي وڏي وزن ۽ سائيز لاءِ رستي کي مضبوط ۽ ويڪرو ڪرڻو پوندو. وري آهي مسئلو مٺي پاڻيءَ جو ۽ اُن جي استعمال کان پوءِ اُن کي ڪڍڻ جو، جنهن لاءِ مکي فرش لنڪ ڪئنال کي پڪو ٺاهي اٽڪل 50 ڪيوسڪ پاڻي في الحال ڏيڻ جو پي سي ون منظور ٿيل آهي. پر پيسا ڏيڻ بدران چيو ٿو وڃي ته نارا ڪئنال بدران پاڻي ايل بي او ڊي مان کنيو وڃي. استعمال ٿيل پاڻي ڪڍڻ لاءِ اي-اي-ڪنسلٽنٽ کان هڪ اسڪيم ٺهرائي وئي آهي، جنهن تي اڀياس ڪندڙن مطابق 375 ڪروڙ روپيا خرچ ايندو. انهيءَ کان علاوه براڊ گيج ريلوي لائين 1200 KVA ٽرانسميشن لائين ۽ ايئرپورٽ ٺهڻا آهن.

محمد يونس ڊاگا سيڪريٽري ڪول ۽ انرجي ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ مطابق بلاڪن ۾ مختلف ڪمپنين کي ترقي وٺرائڻ جو ڪم ڏنل آهي، پر اهي ابتدائي مرحلن ۾ آهن، ڇو جو جيستائين بنيادي ڍانچو Infra structure نٿو ٺهي، هو ڇا ڪندا ۽ بحث مباحثا ۽ ڳالهيون ٿينديون رهنديون.

(2) زير زمين ڪوئلي مان گئس ٺاهڻ:

انگريزي ۾ اِن کي (Underground coal gasification) يا UCG چئجي ٿو. اهو ڪم بلاڪ پنجين ۾ ائٽمي سائنسدان ثمر مبارڪ مند کي ڏنل آهي، جتي هو زمين ۾ اندر ئي اندر ڪوئلي کي ساڙي گئس پيدا ڪندو ۽ انهيءَ گئس وسيلي تجرباتي بنياد تي 100 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندو. هينئر تائين ڏنل ڄاڻ مطابق هُن آزمائشي طور تي پهريون (Test burn) ڪيو آهي. ڊاڪٽر ثمر جو چوڻ آهي ته جڏهن اسان ائٽم بم ٺاهي سگهون ٿا ته ڪوئلي کي زير زمين گئس ۾ مٽائي ڇو نه ٿا سگهون، جنهن لاءِ اسان کي پئسا کپن. انهيءَ لاءِ اسان کي 1.2 ارب ڊالر کپن ته جيئن اسان بجلي ٺاهڻ وارا 84 Gasifiers وٺي سگهون. جيڪڏهن بروقت پئسا ملن ته اسان ٽن سالن ۾ 100 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهون ٿا.

ٻئي پاسي پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر فريد جو چوڻ آهي ته UCG ٽئڪنالاجي رڳو اهڙن ننڍن (Pockets) ۾ ڪئي وئي هئي، جتي ڪوئلي کي کڏ کوٽي يا کاڻ ٺاهي کوٽڻ ممڪن نه هو. دنيا ۾ انهيءَ لاءِ تجربا ٿين پيا، پر ڪٿي به دنيا ۾ واپاري بنيادن تي اهو ڪم نٿو ڪيو وڃي. آسٽريليا ۾Cougar energy pilot plant انهيءَ لاءِ بند ڪيو ويو هو، جو اهو زير زمين پاڻيءَ کي خراب پيو ڪري. ٿر ۾ تمام گهڻو ڪوئلو موجود آهي ۽ انهيءَ کي تجربن جي ور نه چاڙهيو وڃي. انهيءَ لاءِ ثابت ٿيل ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي.

گادي واري هنڌ اسلام آباد کان لکندڙ صحافي ڊاڪٽر فرخ سليم 22 جنوري 2012ع جي دي نيوز اخبار ۾ ”ڪوڙيون اميدون“ جي عنوان هيٺ لکيل ڪالم ۾ چوي ٿو ته، UCG هڪ صرف تجرباتي طريقو آهي ۽ دنيا ۾ ڪٿي به واپاري بنيادن تي انهيءَ نموني بجلي پيدا نٿي ڪئي وڃي. هُن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ثمر انهيءَ جي لاءِ روز تاريخون پيو مٽائي. 16 جولاءِ 2009ع تي هُن چيو هو ته سال 2009ع جي پڇاڙيءَ ۾ انهيءَ طريقي سان 10 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندو، تنهن کان پوءِ اِها تاريخ مٽائي سال 2011ع جي پڇاڙي ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته هو 100 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندو. اها حقيقت آهي ته UCG جي ٽئڪنالاجي موجود آهي، پر واپاري بنيادن تي انهيءَ جو ٿي سگهڻ اهم سوال آهي. مان ٻڌايان ته ڪوئلي مان هيرو ٺاهڻ ممڪن آهي، پر ائين ڪرڻ سان ٺاهيل هيري جي قيمت بازار ۾ ملندڙ هيري جي قيمت کان تمام گهڻي آهي. معنيٰ ته واپاري بنيادن تي ائين ڪرڻ فائدي وارو ناهي. ائين ڪرڻ کان اڳ ۾ انهيءَ جو تفصيلي فني ورجاءُ ڪيو وڃي ۽ اڻ ڌريو مالي آڊٽ ڪيو وڃي ته جيئن عوام جي پيسي جو زيان نه ٿئي. بورڊ آف انويسٽمينٽ جو اڳوڻو سربراهه سيد محب الله شاهه ڊان اخبار ۾ 27 جنوري 2012ع تي ڇپيل هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته سنڌ جي چيف منسٽر کي کپي ته هو انهيءَ لاءِ ٻنهي خيالن وارن ماڻهن کان اڻ ڌرين ماهرن جي موجودگي ۾ مذاڪرو ڪرائي ۽ پوءِ مناسب فيصلو ڪري، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته ٿر ۾ توانائي ملڻ بدران هڪ ته پئسي جو زيان ٿيندو، ٻئي پاسي ڪيترا نوان مسئلا ڪر کڻندا.

مان ڪٿي ٻڌائي آيو آهيان ته ڪنهن زماني ۾ علم ڪيميا رڳو حڪيمن ۽ عالمن ڏانهن منسوب هو ۽ سائنسي ڄاڻ مطابق هڪ نج ڌاتو يا ڪنهن نج ڌاتو ۾ مٽجڻ ممڪن نه هو، تنهن ڪري ٽامي يا پاري مان سون ٺاهڻ ممڪن نه هو، پر تنهن کانپوءِ سائنسدانن ائٽم ٽوڙڻ جي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ ائٽمي ٻارڻن مان نڪرندڙ الفا، گاما شعائون لڌيون ويون. جن وسيلي ائٽمن کي بدلائڻ ممڪن ٿي سگهيو. انهن شعاعن معرفت هڪڙي ڌاتو کي ٻئي ۾ مٽائڻ ممڪن ٿيو ۽ پاري مان سون ٺاهڻ ممڪن ٿيو، پر رڳو تجرباتي بنيادن تي، واپاري بنيادن تي ٺاهڻ مان ڪو فائدو نه هو، جو بازار ۾ سون ليبارٽري ۾ ٺهيل سون کان سستو پيو ملي. ڪجهه اهڙي ئي صورتحال ڪوئلي مان گئس ٺاهي بجلي پيدا ڪرڻ جي آهي. تجرباتي بنيادن تي ائين ڪرڻ ممڪن آهي، پر جيڪڏهن انهيءَ نموني ٺاهيل بجلي عام طرح پيدا ٿيندڙ بجلي جي ڀيٽ ۾ تمام مهانگي پوي يا ماحولياتي اهڙا مسئلا پيدا ٿين، جو انهيءَ علائقي جي ماڻهن جو جيئڻ ڏکيو ٿي پوي ته اُهو سون ئي گهوريو، جيڪو ڪن ڇني. انهيءَ ڏس ۾ سياڻن جي ڳالهه تي عمل ڪرڻ کپي ته سنڌ جو چيف منسٽر ٻنهي پارٽين کان اڻ ڌرين سياڻن جي موجودگي ۾ Presentation وٺي ۽ پوءِ فيصلو ڪري ته انهيءَ نموني ۾ بجلي پيدا ڪجي يا عام رواجي طريقي يعني کڏ کوٽي ڪوئلو ڪڍي تنهن مان بجلي پيدا ڪجي؟ اهو فيصلو جلدي ڪرڻ کپي ته جيئن ٿر جو ڪارو سون ترقي وٺي ۽ سنڌ جي دبئي ٿيڻ وارو خواب پورو ٿي سگهي. انشاءَ الله!


idrisrajput@hotmail.com


Friday, February 3, 2012

The bang of NRO after Memo Scandal

حسام ميمڻ

3 فيبروري 2012

ميمو کان پوءِ وري اين آر او جو ڌماڪو

لڳاتار ميمو وارو اسڪينڊل هليو پئي، سمورا سياسي ڌڙا، پارٽيون ۽ ٻيا ان اشو کي وٺي بيٺا هيا. مجال آهي جو ان مسئلي کي ڇڏين، ميڊيا به ڪين گهٽايو، ٽاڪ شوز، بحث، مباحثا، بس ميمو ئي ميمو هيو، سڀ ڪم وسري ويا، ڄڻ ڪو ٻيو ڪجهه پاڪستان ۾ مامرو هيو ئي نه! سارا رستا ائين پئي لڳا ته ڪنهن بند گهٽيءَ ڏانهن وڃي کٽي پوندا. بس اهو چوٻول هيو ته اجهو حڪومت وئي، حڪومت جو هاڻي ڇا ٿيندو، گهڻوعوام اڄ تائين ان مسئلي کي سمجهي ئي نه سگهيو آهي ته آخر ٿيو ڇا هيو، هي ايڏو ٻڙڌڪ ڇا تي متل هيو، ڪک پن، جيت جنتر سڀ ميمو جي ور چڙهي ويا،. ميمو ڪيس ۾ حسين حقانيءَ جي وڪيل عاصمه جهانگير پريشان ٿي يا دل شڪسته ٿي ڪري چوڻ لڳي ته عدالتون به اسٽبلشمينت ٿي هلائي، هوڏانهن منصور اعجاز، جيڪو ميمو جو مک ڪردار هيو، اهڙيون پيون ڳالهيون ڇڏي جوماڻهن جا هانوَ هٿين پئي آيا، سڀني ويچارن کي چپڙي وٺي وئي هئي، ۽ هڪ قسم جي ڦڦڙي به ته آخر ٿيندو ڇا، پوءِ وري ڊرامي جو ڊراپ سين به ته ٿيڻو هوندو آهي، منصور اعجاز جيڪو ٻاهران ويهي سڄي پاڪستان کي ميمو جي ور چاڙهي ڇڏيو هيو، ان اچي سيڪيورٽي رسڪ جو مسئلو اڀاريو ته هن جي جان کي خطرو آهي، هو اڄ ٿو اچي، سڀان ٿو اچي ۽ هن مهل تائين نه آيو، هن کي ڪميشن جي هدايت پٽاندڙ9 فيبروري تائين پيش ٿيڻ لاءِ چيو ويو آهي.اڄ خير سان 4 فيبروري آهي، لڳي ائين ئي ٿو ته هو نه ايندو، ڪوئي آثار نظر نٿو اچي. سائين حقاني صاحب هن جي اچڻ کان اڳ ئي استيفيٰ ڏئي ڇڏي، هن جو نالو اي سي ايل ۾ به آيو، ۽ جيترو مونکي ياد اچي ٿو ته هاڻي هن جو نالو اي سيل مان ڪڍيو ويو آهي، هاڻي هو پنهجي نوڪريءَ تان استيفيٰ ڏئي چڪو آهي، حسين حقانيءَ جي نوڪري وڃائيندڙ منصور اعجاز به اڃا تائين پاڪستان نه آيو آهي، حقاني صاحب گهڻو ڪري هاڻي پرڏيهه وڃي سگهي ٿو. مونکي ياد اچي ٿو اهڙو ئي واقعو عبداقادر جوڻيجو پنهجي هڪ ڪتاب ۾ ڏنو هيو، ڪتاب جو نالو هيو “وڏا اديب، وڏيون ڳالهيون” ان ۾ دنيا جي وڏن اديبن جا انٽرويو هيا، ان ۾ هڪ شاعر سنڊراس جو ذڪر آهي (يادگيريءَ جي بنياد تي لکان پيوهي واقعو) هو سڄي عمر اهو چوندو رهيو ته هن هڪ اهڙو نظم لکيو آهي، جو اڄ تائين دنيا ۾ ڪنهن اهڙو نظم نه لکيو هوندو، ان حوالي سان ويو ماڻهن کي تجسس جو شڪارڪندو، هو ادبي حلقي ۽ دنيا جي اديبن ۾ مشهور ٿي ويو ته سنڊراس ڏاڍو ڀلو نظم لکيو آهي، ڏاڍو ڀلو شاعر آهي. هن جي ان نظم جي ناماچاريءَ جي ڪري هن جا ٻيا ڪتاب به وڪرو ٿيڻ لڳا ته سنڊراس لکيا آهن، تهنڪري، ماڻهن هن جا ڪتاب ان نظم جي مشهوريءَ جي آڌار تي خريدڻ شروع ڪيا. آخر ۾ خبر تڏهن پئي ته هن صاحب اهڙو ڪو نظم لکيو ئي نه هيو، جنهن جي ڪري ايترو مشهور ۽ معروف ٿي ويو. سنڊراس جو ڀانڊو 40 سالن کان پوءِ ڦاٽو هيو، پر منصور اعجاز وارو چڪر ته هاڻي ئي پڌرو نظر اچي رهيو آهي، پر ياد رهي ته پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ان کي ميمو اسڪينڊل جي حوالي سان هميشه محفوظ ڪيو ويندو، انسائڪلوپيڊيا ۾به اچي ويندو. قصو ڪوتاهه، منصور اعجاز پاڪستان ۾ اڃا تائين نه پهتو آهي، تهنڪري، اهو ڪيس آهستي آهستي ڍرو ٿيندو پيو وڃي ۽ ڪافي حد تائين ميمو جي درياءَ جو پاڻي گهٽيو آهي، اهو ڌماڪو پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ وڏو ڌماڪو تصور ڪيو ويندو ۽ هاڻي ادارن جو هڪٻئي تي اعتبار وري معمول تي اچي رهيو آهي ۽ حڪومت مس وڃي ساهه کنيو ۽ شانت نظر پئي آئي، پر وري ٻيو ڌماڪو ٿيو آهي ۽ اهو ڌماڪو آهي اين آر او جو، جنهن تحت ملڪ پاڪستان جي وزير اعظم کي اين آر او جي ڪيس ۾ پاڪستان جي اعليٰ عدالت گهرايو آهي، جنهن کان پوءِ وزير اعظم جو وڪيل چوڌري اعتزاز احسن، جيڪو“ آج اور ڪل” نظم جو شاعر به آهي، پريشان آهي.

13 فيبروري 2012 تي جڏهن وزير اعظم جناب سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جي وڏي عدالت ۾ پيش ٿيندو ته اهو ڏينهن به پاڪستان جي سياسي اتهاس ۾ وڏي اهميت رکندو. پاڪستان جي سياست ۾ تمام گهڻا يادگار ڏينهن آهن، هونئن به سياستدان، جيڪي عوام کان ووٽ وٺي، عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ ايندا آهن پوءِ ڪندا اهو ڪم آهن، جيڪا سندن دل چاهيندي آهي. خير، سڀني کي انتظار آهي ته 13 فيبروري جو ڏينهن ڪيترو ۽ ڪينئن يادگار ٿئي ٿو، ان لاءِ معاملو اعليٰ عدالت ۾آهي ۽ ان جو انتظار ڪرڻ گهرجي ته ڪورٽ سڳوري ڪهڙو فيصلو ٿي ڪري ۽ جيڪو پاڪستان جي وڏي ڪورٽ چوي يا آرڊر ڏئي يا فيصلو ڪري،ان کي قبول ڪرڻ گهرجي.

اين آر او جي 2009 واري judgment جي حوالي سان حل اهو ئي آهي حڪومت وٽ ته اها سوئس اختيارين کي هڪ خط لکي، جنهن جي لاءِ ڪورٽ سڳوري چيو آهي ته ان کان پوءِ مامرو ٺري سگهي ٿو، ۽ پوءِ حڪومت پنهجي ڪرت کي جاري رکي، جنهن ۾ سنيٽ جون اليڪشن ڪرائڻ، جون جي مهيني ۾ پيش ٿيندڙ بجيٽ جي حوالي سان ڪم ۽ انکان پوءِ جنرل اليڪشن تي ڪم حڪومت جي اوليتن ۾ هئڻ گهرجي.

وڌيڪ ڳالهيون 13 فيبروري تي سامهون اينديون ته ڪورٽ سڳوري ڪهڙو حڪم ٿي صادر ڪري، ۽ حڪومت ان تي ڪيترو پابنديءَ سان عمل ڪري ٿي. پر هڪ ڳالهه ذهن ۾ ضرور اچي ٿي ته آڪٽوبر ۾ جنرل اليڪشن ڪنهن به نگران سيٽ جي هٿ هيٺ ڪرايون وينديون، اليڪشن ۾ عوام ڪنهن کي چونڊيندو اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو، پر عوام لاءِ هر ڀيري جيان وري به اهو سوال ڪر کنيون بيٺو هوندو ته مهانگائي ڪيئن ختم ٿيندي، انفليشن في سيڪڙو ڪيئن گهٽبي، امن ڪڏهن ۽ ڪٿان کان ايندو، ٻاهرين ريساستن جهڙوڪ آمريڪا سان اسان وارا چونڊيل نمائنده ڪئين سفارتي رابطو ۽ ڪهڙي نوعيت جو رکندا، ڇا ڊرون حملا هميشه لاءِ رڪجي ويندا، ڇا دهشتگري جو به ڪو ڇيهه ٿيندو، ڪرپشن ملڪ مان ڪيئن ختم ٿيندي. اهي ۽ اهڙا کوڙ سارا مسئلا وري به چونڊيل نمائندن جي اڳيان هوندا ۽ عوام جي ڇا حالت ٿيندي، ڪجهه چئي نٿو سگهجي، بس، ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته عوام اهڙن ماڻهن کي چونڊي جيڪي واقعي عوامي هجن، جيڪي عوام لاءِ ڪم ڪرن، عوام لاءِ جاڳن ۽ غريبن جي جا ڀرجهلا ٿين!

memonhisam@yahoo.co.uk

_____________________________

This article was published in Daily Ibrat Hyderabad on 5th Feb 2012. Following is the link:

http://www.dailyibrat.com/Article_Columns/sunday2.html

Wednesday, February 1, 2012

Hamalyan Glaciers are melting


حسام ميڻ

2 فيبروري 2012

هماليه جا گليشئر ڳرن ٿا

هماليه هڪ جابلو سلسلو آهي، لفظ هماليا سنسڪرت جي ٻن لفظن مان ٺهيو آهي، همه معنيٰ برف ۽ آليه معنيٰ جاءِ يا مڪان، هماليه معنيٰ برف واري جاءِ. هماليه جو جابلو سلسلو برِصغير ڀارت جي اتر ۾ واقع آهي. قراڪرم ۽ هندوڪش به ان جا ئي جابلو سلسلا آهن، ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا جابلو سلسلا آهن جيڪي پڻ هماليه جو ئي سلسلو آهي، جيڪي Pamir Knot وٽان هلن ٿا، Pamir Mountains يعني پامير جابلو سلسلو وچ ايشيا کان شروع ٿئي ٿو، يعني تاجڪستان ۽ اتان وڌي ڪري ڪرگستان، ، افغانستان ، پاڪستان ۽ الهندي چائنا تائين ڦهليل آهي. جنهن کي دنيا جي ڇت (room of the world) چيو ويندو آهي. هي سڀ جابلو سلسلا پهاڙن جي سائنس آهي، جنهن کي Orography چيو ويندو آهي. جيالوجي جي وگيانين لاءِ به هي مضمون دلچسپيءَ جو سبب آهي ، عام ماڻهو انهن سلسلن کان ڪٽيو ئي رهي ٿو، هونئن به اڄ جهڙي ڏکي دور مان گذرندڙ روحن لاءِ هي سلسلو انڪري به خشڪ، ڏکيو ۽ عدم دلچسپيءَ جو سبب آهي ، جو انهن کي تيل، گيس، بجلي ، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ئي ايترو پريشان ڪيو آهي، جو نڪي انهن کي فلم ٿا وڻن، نه گانا بجانا، جڏهن اهي عام خوشيءَ واريون ئي شيون عوام کي خوش نٿيون رکن ته اهي هماليه جي گليشيئرس واري موضوع ۾ ڪهڙي دلچسپي وٺندا، پر حقيقت اها آهي، ته هن موضوع کي سمجهڻ ضروري آهي، جئين سنڌ کي دريا جي ضرورت آهي، جئين زمينون آباد رهن، ۽ خوشحالي ٿئي، تيئن ئي اسان سڀني کي هماليه جي گليشئرس جي ضرورت آهي ته اهي پنهنجي ان حساب سان سدائين قائم ۽ دائم رهن، جنهن نظام تحت اهي پهاڙي برفيلا سلسلا دنيا جي اڌ آباديءَ کي جيئدان ڏيندا رهيا آهن، اهي ماحول کي سازگار بڻايو بيٺا آهن، جي انهن ۾ ٿوري گهڻي ڦير آئي ته سمجهو ته دنيا جي اڌ آبادي ڊانوان ڊول ٿي ويندي، جنهنجو جو ڪو انت ئي ناهي.

خبرون آهن ته هماليه جون برفيليون ڇپون ، جن کي گليشئرز چيو وڃي ٿو، گذريل 30 سالن کان تيزيءَ سان ڳري رهيون آهن ۽ اها هڪ خطري جي ڳالهه آهي، ڇو ته ايشيا جي هڪ ارب آباديءَ کان وڌيڪ گليشرز جي پاڻيءَ تي دارو مدار رکي ٿي، جي گليشيئرز ائين ڳرندا رهيا ته پوءِ ايشيا کنڊ جي وڏي آبادي سوڪهڙي (Drought) جو شڪار ٿي ويندي، جيڪا ظاهر آهي خطري جي ڳالهه آهي.هماليه ۾ گليشيئرز جو سلسلو 2،400 ڪلو ميٽر يعني هڪ هزار پنج سو ميل آهي، جيڪو پاڪستان، ڀارت، چائنا، نيپال ۽ ڀوٽان مان گذري ٿو ۽ اتان ئي ايشيا جون وڏيو نديون پاڻي کڻن ٿيون ۽ پڇڙيءَ جي رهاڪن جي 1.3 ارب آبادي ان تي دارو مدار رکي ٿي. انهن گليشيئر جي ڳرڻ جو سبب گرمي پد ۾ واڌ آهي، جي ٽيمپريچر ۾ ائين ئي واڌ رهي ته ايشيا جي آبادي سخت متاثر ٿيڻ جا امڪان آهن.

مهم هلائيندڙ چون ٿا ته ان ئي رفتار سان گرمي پد وڌندو رهيو ته ڪجهه ئي سالن ۾ هماليه جا ڪجهه گليشيئرز ڳري گم ٿي ويندا ڇو ته ماحول ۾ تڪڙي تبديل اچي رهي آهي ۽ گرمي پڌ وڌي رهيو آهي، گرمي پد گهڻا ئي مسئلا پيدا ڪندو. WWF جي climate for life change campaign جي ماحالياتي گروپ جي ليڊر پشانت سنگهه چيو آهي ته سائنسدان پيشنگوئي ڪن ٿا ته گليشئرز جي گهڻائي 40 سالن تائين گم ٿي ويندي . IPCC هي اقوام متحده جي ماحولياتي تبديليءَ جي حوالي سان ٺهيل باڊي آهي، جنهن کي The Intergovernmental Panel on Climate Change چيو وڃي ٿو، جنهن جي پنهجي هڪ ساک آهي، ان وارننگ ڏيندي چيو آهي ته هماليه جا گليشيئرز 2035 تائين غائب ٿي ويندا. پڇڙيءَ جا رهاڪو جيڪي اڳ ئي غربت ۾ گذاري رهيا آهن، اهي وڌيڪ متاثر ٿيندا ۽ علائقي ۾ اهڙيون تبديليون اڳ ئي محسوس ڪيون ويون آهن.

نيپال ۽ ڀوٽان ۾ گم ٿيندڙ گليشيئرز هڪ اهڙي وسيع ڍنڍ ٺاهي ڇڏي آهي، جي اها ڪڏهن ڦاٽي ته هيٺاهين تي رهندڙ ڳوٺن کي ڀينگ ڪري ڇڏيندي. نيپال جي ڪوه ڪن يعني پهاڙ تي چرهندڙ (Mountaineer) ۽ ماحولياتي مُهم جُو داوا اسٽيون شرپا پنهنجي ڳالهه ٻڌائيندي چيو ته هن ڪيئين ماحول جي تبديليءَ واري موضوع ڏانهن ڌيان ڏنو، ٿيو هئين جو 2007 جي ايوريسٽ جي چڙهائيءَ جي هڪ مهم دوران کمبو Icefall ايورسٽ جي بيس ڪيمپ مٿان ڪريو ۽ هو ذري تان بچي ويو بس، اهو ڏينهن ، اهو شينهن هن همراه ان موضوع ڏانهن ڌيان ڏنو ته ماحولياتي تبديليءَ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ گهرجي.

ماڻهو واقعي تڏهن گهڻو ڪجهه سکي وٺي ٿو، جڏهن هن سان ذاتي طور تي ڪا نه ڪا واردات ٿئي ٿي.شرپا ٽي دفعا ايوريسٽ تي چڙهي چڪو آهي، ان ڏنيهن جڏهن برف جي ڇپ ڪري ٿي، بس ڪجهه منٽن جو فرق هيو، نه ته هي اتي برف ۾ ئي ڄمي مري وڃي ها. شرپا اي ايف پيءَ کي ٻڌايو آهي ته هو هر سال پهاڙن تي چڙهوند آهي ۽ هر سال گرمي وڌي رهي آهي ۽ برف ڳري رهي آهي، هر سال گرمي پد ۾ واڌ اچي ٿي ۽ برف رجي رهي آهي، جيڪا مصيبت جو پيش خيمو آهي.هن چيو ته پهريان جڏهن هن ڇپ کي ڏٺو ته هن کي اهو سڀ معمولي ٿي لڳو، پر پوءِ جڏهن ڌيان ڏنائين ته پتو پس ته جيڪڏهن هڪ گليشيئر به گريو ته اتان جي آباد ڳوٺن کي صفا ڀينگ ڪري ڇڏيندو.

چائنا ۾ به هڪ سروي ڪيو ويو آهي ته عالمي گرمي پد ۾ واڌ جي ڪري پهرين شرط ڳرندڙ برفاني ڇپون وڏيون ٻوڏون آڻينديون ۽ ٻي طرف گليشيئرز جي ڳرڻ سبب ندين ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽجي ويندو ۽ چائنا جي وڏي آبادي متاثر ٿيندي. ماهر چون ٿا ته پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ جي ڪري چائنا ۽ ڀارت جهڙا گهڻي آباديءَ وارا ملڪ معاشياتي حوالي سان چڱو خاصو ڌڪ کائيندا ۽ ٻئي علائقا شديد متاثر ٿيندا، ايستائين جو بنگلاديش، جيڪو هيٺائين تي آهي، ان جا دريا هن صديءَ جي آخر تائين سڪي ٺوٺ ٿي ويندا. اها پيش گوئي اقوام متحده جي ماحولياتي تبدليءَ واري باڊي آپي سي سي ڪئي آهي.

هماليه لاءِ عالمي گرمي پد (global warming) جي حوالي سان ماهر چون ٿا ته اهو علائقو ڏکيو ۽ پهچ کان ٻاهر آهي، ڇو ته ان جي حوالي سان اڃا ان ليول جو سائنسي مطالعو۽ ڪم نه ٿيو آهي، جيترو ٿيڻ گهرجي، انڪري ، هماليه جو جابلو سلسلو ماهرن جي لاءِ blank spot بڻيل آهي.

انڊيا جي ماحوليات جي منتري جئرام رميش تي تنقيد ٿي رهي آهي ڇو جو هو چئي رهيو آهي ته ماحوليات جي تبديلي هماليه جي ڪنهن گليشئر کي نٿي ڳاري ، منتري صاحب ڀارت جي ئي هڪ جيالاجسٽ وجي ڪمار رينا جي ڳالهه ئي نقل ڪندي عوام کي اها ڳالهه ٻڌائي ته climate change جي ڪري برفاني ڇپون ڪونه ٿيون ڳرن ۽ ڀارت ۾ منتري صاحب تي ان حوالي سان ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي.

نيپال جي ICIMOD يعني International Center for Integrated Mountain Development چيو آهي ته هماليه تي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، ته جيئن اندازو ڪري سگهجي ته ماحوليات جي تبديليءَ جو اثر ان علائقي تي ڪهڙو ۽ ڪيترو ۽ ڪيئن پوند. ماهر چون پيا ته ٽمپريچر ۾ تيزيءَ سان تبديلون اچي رهيون آهين ۽ اهڙيون تبديليون سطح کان مٿي يعني Altitude تي محسوس ڪيون ويون آهن.

آءِ سي آءِ ايم او ڊي اها وارننگ به ڏني آهي ته برفاني ڇپن جو ڳرڻ، ان شيءِ جو پيش خيمو آهي ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ ايشيا جي وڏين ندين گنگا، سنڌو ۽ Yellow Riversجي وهڪرن ۾گهڻي حد تائين لاٿ ايندي. اهو به چيو ويو آهي ته ممڪن آهي، پاڻيءِ جي وهڪرن ۾ واڌ اچي ۽ اهو سلسلو گهڻن ڏهاڪن تائين هلندو رهي متان ماڻهن کي سڀڪجهه نارمل نظر اچي ۽ ايستائين جو پاڻي جي گهڻي مقدار جي ڪري ٺوٺ زمينون به سايون ٿي وڃن، پر اهو به ياد رهي ته جي سوڪهڙو ايندو ته اوچتو ايندو، ان وقت ڇا حالت هوندي ڪجهه چئي نٿو سگهجي، تنهنڪري، اڳواٽ اپاءَ وٺڻ انتهائي ضروري ٿي پيو آهي.

پاڪستان، ڀارت، چائنا۽ افغانستان کي ان حوالي سان گڏيل جدوجهد ڪرڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ وقت تي وڌ ۾ وڌ ماڻهن کي نقصان کان بچائي سگهجي ۽ جڏهن ٻوڏون اچن ٿيون، يا سوڪهڙا ٿين ٿا ته، نه رڳو ملڪن جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ٿو پر افرادي قوت به برباد ٿئي تي ۽ ملڪ پينو فقير بڻجي وڃن ٿا، پورو انتظامي ڍانچو ۽ بنيادي بهيڪ برباد ٿي وڃن ٿا.

مان نٿو سمجهان ته 2010 واري وڏي ٻوڏ کي سنڌڪڏهن وساري سگهندي، ايڏو نقصان ته ٻوڏ ڪونه ڏنو جيتريون وڏيون بيماريون وڌيون، جيتري ڪرپشن ٿي. ڇا نه ٿيو، ظلم مٿان ظلم ٿيا، اڃا تائين سنڌي ماڻهو جيڪي سنڌو دريا جي ساڄي ڪپ تي رهندڙ آهن انهن جا زخم تازا آهن. ٻوڏ کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي ڇا حالت هئي، ڪيمپون ائين پئي لڳو ڄڻ جانار رهندا هجن، ان ٻوڏ ۾ به وڏيرا ڪمائي ويا، امير امير ٿي ويا، ايستائين جو شهداد ڪوٽ، وارهه، قمبر ۽ بين علائقن ۾ جيڪي شيون غريب ماڻهن کي ملڻيون هيون ، اهي هتي وڪامجن پيون، ماڻهن ڏي گهر ويٺي اٽن جون ٻوريون اچن پيون. مان پنهنجي زندگيءَ ۾ ايڏي خرد برد نه ڏٺي آهي، جيڪا 2010 جي ٻوڏ دوران ڏٺي

حڪومت جا ڏنل وطن ڪارڊ ڪنهن کان نه وسرندا، اهي سڀ شيون حڪومت جي ڳچيءَ ۾ ئي پونديون آهن، ۽ سٺي حڪمراني ڪڏهن پاڻ تي اهڙي قسم جو داغ هڻڻ نه ڏيندي آهي، ڇو ته هن کي وري به حڪومت ڪرڻي هوندي آهي، پر پاڻ وٽ ته الٽي گنگا وهندي آهي، خبر ناهي، هاڻ اڳتي ڇا ٿيندو، همالو وهي ڇڙهندو يا دريائن کي به سڪائي ٺوٺ ڪنندو پر خدشا ٻنهي پاسن کان اهي ئي آهن ته غريب ويچارو لوڙهيندو، انڪري، حڪومت کي اڳ ئي اهڙن خطرن سان منهن ڏيڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ وقت جي چئلينجز سان مهاڏو اٽڪائي سگهجي!

memonhisam@yahoo.co.uk


Friday, January 27, 2012

Prison and Resistance of Sindh for Freedom

حسام ميمڻ

27 جنوري 2012

قيد ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ مزاحمت

انگريزيءَ ۾ قيد لاءِ Prison لفظ استعمال ٿيندو آهي، جيڪو 12 صديءَ ڌاري پراڻي فرانسيسي لفظ prisoun مان ورتل آهي، 11 صديءَ ۾ قيد لاءِ لفظ prisoun استعمال ۾ هيو. پر بعد ۾ تبديل ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته pris معنيٰ جهلڻ يا وٺڻ ، هي لفظ پنهنجي وڏي جاءِ ٺاهي ويو. پر اهو به چيو وڃي ٿو ته هي لفظ لاطيني ٻوليءَ جي لفظ prensionem مان ورتو ويو، جيڪو ننڍي شڪل preson ۾ استعمال ٿيندو رهيو، جنهن جي معني به جهلڻ يا قيد ڪرڻ ئي آهي.

لفظ قيديءَ جو مادو به ساڳيو آهي 14 صديءَ جي اڌ کان جيڪي ماڻهو جنگين دوران پڪڙيا يا جهليا ويندا هيا، انهن کي قيدي يا prisoners چيو ويندو هيو. ۽ اڄ جيڪو مشهور اصطلاح آهي، جنهنکي پاڻ پيا ٻڌندا رهندا آهيون prisoner of war ، اهو اصطلاح 1670 کان استعمال ۾ آهي ۽ هڪ ٻيو اصطلاح prisoner’s dilemma يعني قيديءَ جو مونجهارو/اڻ تڻ 1957 کان استعمال ۾ آهي. پر قيد ۽ قيديءَ جي تاريخ prisoner لفظ کان تمام آڳاٽي آهي، دنيا جون مختلف تهذيبن جا پنهنجا قانون ۽ روايتون هيون ۽ انهن وٽ پنهجا پنهنجا codes هيا، جن تحت سزائون ڏيندا هيا.

اسان وٽ عمر سومرو مارئيءَ کي کنڀي کڻي ويو هيو، ۽ پنهنجي ڪوٽ ۾ هن کي رکيو هيائين، جتي عمر مارئيءَ کي سون، زيور ، کاڌا پيتا ۽ الائي ڇا ڇا کيس اڇي رهيو هيو، پر اهو ڪوٽ مارئيءَ جي لاءِ قيد هيو، معنيٰ اوهان ڪنهن کي زور سان هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ تي کڻي وڃو، ته اهو خوبصورت محل ۽ جاءِ به اوهان لاءِ قيد ئي ٿيندو.

شاهه سائين، سر مارئيءَ ۾ قيدياڻي، قيد، بندياڻي ۽ اهڙا ٻيا استعمال ڪري، قيد جي صورتحال تي مارئيءَ کان ڳالهرايو آهي ۽ ان سر ۾ اوهان چڱيءَ طرح سمجهي سگهو ٿا ته Prisoner’s dilemma يعني قيدي ڪهڙي اڻ تڻ ۾ هوندو آهي. شاهه سائينءَ جي ڪجهه بيتن جاهتي مثال ڏجن ٿا:

1. قسمت قيد ڪئي، نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾

2. قسمت قيد ٿيم، هتي اڙانگي گهاريان

3. قيدالماءِ ڪنهنجو، سو مون پاند پيو

4. هي هنڌ ڀيڻيون هاڻ، ساڙيان سڀ ڏيهن ري

5. ڀري پنهنجي ڀاڻ، پسان ملڪ ملير جو

6. ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾، لوئي هڏ م لاهه

7. جو ڏينهان ڏاڏاڻي آئيو، پيرين تنهن پوان

8. مينڍا ڌوِ نه مارئي، نه کلي، نه کاءِ

9. محلين ماندي مارئي، سدا منهن ملور

10. ڪريو منهن مهاڙ ڏي، روءِ اڀي ۽ چوءِ

11. آءُ سوڙين سمهان، مون وَرگهاري وِلهه

12. سونهن وڃايم سومرا! ميرو منهن ٿيوم

13. جهڙي آيس جيئن، تهڙي وڃان تن ڏي

14. عمر ٻَنِ جيو، کُوه منهنجوسومورا

15. مَ سپني مارئي، مئي مَ ڄائي

16. الا ائينءَ مَ هوِ، جيئن آءُ مران بند ۾

17. بالله آهيان بند ۾، ڌئان تان نه ڌَٻَر

18. جي ڪر لڌائون ، ته بنديءَ بند نه ساريو

19. واجهايو وطن کي، ساريو ساهه ڏيان

20. آءُ ڪيئن ڇڏيان سومرا! پنهوارن پچار

21. چڪي چيم چاڪ، ونهين ويڙهيچن جا

22. مون من مارو جو، ماروءَ جو منهنجو

لطيف سائينءَ جو سر مارئي، قيد جي پوري ڪيفيت، حالت، ذهني ڇڪتاڻ، پرين ۽ پنهوارن / مائٽن جي ياد، ديس جو حب، آزادي، خوشي، هر شيءِ کي بيان ڪري ٿو، ائين کڻي چئجي ته لطيف سائين اهو پهريون اڪيلو شاعر آهي، جنهن دنيا ۾ قيد ته اهڙي جامع انداز ۾ لکيو آهي، هي پهريون فيلسوف آهي، جنهن آزاديءَ جي پرزور پاسداري ڪئي ڪي آزاديءَ جو ڏس ڏنو.

لطيف سائينءَ قيد جي عقوبتن ۽ عذابن تي جيترو تفصيلي لکيو آهي، اهڙو ڪنهن ٻئي شاعر نه لکيو آهي، ۽ سنڌ کي ان شيءِ تي فخي هئڻ گهرجي اسان جا هيرا آزاديءَ جا قائل آهن ۽ قوم کي آزاديءَ جو سبق ئي ڏيندا رهيا آهن.

ون يونٽ به اسان وٽ هڪ قيد هيو، ان دور ۾ جيڪو لٽريچر سنڌيءَ ۾ لکيو ويو، اهو سمورو اهڙين پابندين کي رد ڪري ٿو، سنڌ ۾ رڳو شاعر نه پر صحافي، عام ماڻهو، دانشور، سنڌ دوست، قومپرست، سنڌي ماڻهو، اديب، شاعر ۽ سياسي روح، سڀ اهڙي هٿرادو قسم جي قيد تي ڦٽ لعنت ڪن پيا ۽ نيٺ انهن ماڻهن جو منهن ڀيلو ٿيو، جن اڪاين ملڪ کي ٺاهيو يعني پاڪستان کي ٺاهيندڙ يونٽ سوا پنجاب جي باقي ٽيئي ان ڳالهه کي رد ڪري چڪا ته اسان کي پاڪستان ۾ قيد نه ڪيو، اسان کي اوهان جو ڪجهه نٿو گهرجي، اسان وٽ جيڪو پنهجو آهي، اهو ئي اکين تي آهي، هاڻي به جيڪي پاڪستان جي ڪوڙڪيءَ ڦاٿل آهن، اهي اڄ به آزاديءَ جي ڳالهه ڪن ٿا، آزادي فقط آهي ناهي ته صوبا ڌار ٿين، پر اصل آزادي اها آهي، ته هن ملڪ تي فوج قبضو نه ڪري، پنجاب بالادستي ختم ٿيڻ گهرجي، لساني گروهه جيڪي مختلف قسم جي اشوز کي وڌائي وڻ ڪن ٿا، انهن کي زد و ڪوب ڪرڻ گهرجي، هر صوبي کي پنهنجي پنهنجي 1940 جي ٺاهراهط پٽاندڙ آزادي هئڻ گهرجي، پنجاب ڪنهن به ننڍي صوبي تي رعب تاب نه ڪري، جي اهئي ٿي پيو ته سمجهو پاڻ آزاد آهيون.

اسان وٽ قيد، قيديءَ وارو داستان پراڻو آهي، انڪري اسان جي سنڌ جي شاعرن ۾ جيل ، قيد، بند، بنديخانو، ۽ اهڙا ٻيا لفظ استعمال ٿيندا رهن ٿا. اسان وٽ سنڌ جا ليکڪ ۽ شاعر قيد ٿيندا رهيا آهن ، انهن جيل ڊائريون لکيون آهي، انهن شاعري ڪئي آهي، انهن يادگيريون لکيون آهين، انهن آتم ڪٿائون لکيون آهين ته جيئن هن قوم کي پتو پئي ته اسان سان ڇو ڇا ۽ ڪيئن ٿي رهيو آهي ۽ ڪير ڪري رهيو آهي. سنڌي قوم هر قسم جي بنديخاني جي خلاف آواز اٿاريو آهي ۽ اهڙي قسم جي هت ٺوڪين قيدن جي مخالفت ۾ سنڌ سڀني کان اڳڀري آهي ۽ اسان جي قوم جي ان حوالي سان هڪ وڏي روشن تاريخ آهي، رڳو سنڌي شاعريءَ کي اٿلائبو ۽ پٿلائبو ته پتو پوندو ته شاعر ڪيئن مختلف قسم جي قيدن کي رد ڪندا آيا آهن. شڪارپور ڄائي شيخ اياز به قيد ڪاٽيو ، فقط سچ لکڻ تي، حق لکڻ تي، ان ئي پاداش ۾ هن جيل هڪ دفعو نه پر ڪيترائي دفعا جهليو ويو، اهڙي طريقي سان کوڙ سارا شاعر ، اديب ، انقلاب، قوم پرست ۽ سنڌ دوست اسٽيبلشمينٽ ۽ آرميءَ هٿاسن سوگها ٿيندا رهيا آهن. شيخ اياز پنهجي جڳ مشهور ڪتاب “ڪَپر ٿو ڪُن ڪَري” جي آخر ۾ هڪ نظم ڏنو هيو، جيڪو قيديءَ ۽ جيلر جي وچ ۾ ڳالهه ٻولي آهي، ٿورڙو مزو اوهان ان نظم جو وٺو ته قيد جيلر کي ڇا ٿو چوي:

ڇا لاءِ ڏئين ٿو، ائين تَڙيِ

مون اڳ ئي لاٿي آهي گهڙي

ها صاحب! وقت بيهاري ڇڏ

تون ان جي چاٻي کاري ڇڏ

عبد الحڪيم ارشد جو هڪ چوسٽو ، جيڪو گهڻو ڪري هن ون يونٽ جي دور ۾ لکيو هيو ته:

زبانن تي تالا، تخيل تي پهري

لکڻ کان به وياسي، ڪڇڻ کان به وياسين

مليو جيڪڏهن ڪوئي همدم اسان سان

پري کان ئي گونگا اشارا ڪياسين

خاڪي جويو به هڪ ڊگهو نظم لکيو هيو تهۡ

پاڪستان جو مطلب ڇا

ڦاهيون، ڦٽڪا، مارشلا

هي ليک لکڻ جو مطلب اهو آهي ته سنڌي قوم هڪ باشعور قوم آهي، جيڪا پنهجي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي آهي نه ڪندي، اسان وٽ جيڪو مزاحمتي ادب سرجيو ويو، ڪهڙين حالتن ۾ لکيو ويو، ماڻهن سان ڇا ٿيو، اهي ڪير هيا، ڪٿان جا هيا، ڪهڙيون سياسي ۽ سماجي حالتون هيون ، ان حواسي اسان وٽ ڪو خاص ڪتاب يا مقالو اڃا تائين موجود ناهي، مونکي خبر ناهي ته هي ننڍڙو ليک ماڻهن کي ان ڳالهه لاءِ آماده ڪري سگهندو الائي نه، پر ايترو ضرور آهي، ته اسان جي تاريخ ٽڙيل پکڙيل آهي، اسان کي کوڙ سان ايم ايڇ پنهوار گهرجن ٿا، جيڪي ويهي تاريخ کي ڦلهوڙن ۽ بين الااقوامي ليول تي اسان جي تاريخ کي روشناس ڪرائين.

ٽيل پيس:

اهڙي مزاحمت رڳو سنڌ نه پر سموري دنيا ۾ هلي رهي آهي، فلسطين ، عراق، ڀارت، مصر، شام، ۽ ٻيا ڪيترائي ملي، کوڙ سارا دنيا جا ملڪ پنهنجي مدي خاري نظام کي لاڳو ڪيو ويٺا آهن ۽ هڪ وڏو فرق ڪري ويٺا آهن، بادشاهن لاءِ قانون گهر جي لونڊيءَ وانگر آهي ۽ ٻين لاءِ قانون هڪ ڪوڙڪي آهي. اهڙن روين کي رد ڪرڻ گهرجي، ۽ برابريءَ جي ڳالهه ڪجي ۽ دنيا ۾ هڪ اهڙي نظام جي ڳالهه ڪجي جيڪا سموري انسانيت تي لاڳو ٿئي ، سڀ برابر هجن ۽ سڀئي ئي ماڻهو پنهجي حقن جو ائين مزو ماڻين جيئن بادشاهه اڄ يا صدين کان ماڻيدا آهن، پنهجي سماج ۾ڪوڙهه جهڙا جيڪي مراعات يافته طبقا آهن جن کي Elite class چيو وڃي ٿو ، انهن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، جمهوريت برابريءَ واري هئڻ گهرجي.

memonhsiam@yahoo.co.uk