ننڊ
جو خلل – Sleep disorder
سجاد هيٺ هڪ لفظ
لکيو آهي Insomnia جنهنجو مطلب آهي، ننڊ جو نه اچڻ يا بي
خوابي، يعني اوهان کي بي چيني هجي ۽ سمهي نه سگهو، ان لفظ تي هڪ دوست مزاحيه رايو ڏنو
آهي ته ”مونکي ته هر وقت ننڊ ايندي آهي“، جنهن کي هر وقت ننڊ اچي ان کي گهڻو ڪري hypersomnia چئبو آهي، وڌيڪ اهو دوست پاڻ پڪ ڪري يا ڪو ٻيو ٻڌائي.
نوٽ:
hypersomnia اڪثر ڏينهن جو ننڊ جا جهوٽا يا گهري ننڊ
اچڻ آهي،
جنهن کي اوهان Excessive
Daytime Drowsiness به چئي سگهو ٿا، رات جو جنهن کي گهري ننڊ اچي مونکي خبر ناهي، ٿي سگهي ٿو ڪنهن
دوست کي پتو هجي، پر اوهان ان کي Excessive
Nighttime Drowsiness چئي سگهو ٿا
اهو به چيو پيو
وڃي ته hypersomnia ٿي سگهي ٿو
Narcolepsy جي
ڪري ٿيندو هجي، نارڪو ليپسي جي معنيٰ آهي ننڊ جو هڪ اهڙو عارضو (Sleep disorder) ، جنهن ۾ تمام گهڻِ
ننڊ اچي، ايستايئن جو ڏينهن جو به جهوٽا پيا اچن يا پنڪي لڳيو وڃي، توڙي جو رات جو
به ماڻهو گهري ننڊ ڪري ستو هجي ۽ اها وري ڪمال جي ڳالهه ته نارڪو ليپسي nervous disorder جي ڪري ٿئي ٿئي ٿي، ان کان پوءِ ان جا ٻيا به ڪيترائي سبب ٿي سگهن
ٿا ۽ علامتون پڻ
منهنجي ذهن ۾
آيو ته جنهن لفظ جي خبر هجي/ يا پڙهيو هجي ته ان کي ڪوشش ڪري شيئر ڪجي ۽ دوستن جي Active participation هجي ته جيئن اسان وارو ڪم اڳتي هلي سگهي
مان هڪ هنڌ ننڊ
جي باري ۾ پڙهيو، ان ۾ هڪ همراه اها ئي شڪايت ڪري رهيو هيو ته کيس ننڊ نٿي اچي، جنهن
همراه ان کي جواب ڏنو، ان ننڊ جون به stages ٻڌايون:
NREM معنيٰ Non Rapid Eye Movement
REM معنيٰ Rapid Eye Movement
ٻاهرين ملڪن
۾ ته Insomnia ۽ Hypersomnia يا Narcolepsy جون چڪاسون به ٿينديون آهن،
پر اسان وٽ ان شعبي ۾ خاص طور psychiatry ۾ ايتري طرقي ٿي آهي يا نه، ان حوالي سان اسان کي ٻيا دوست خاص ڪري
ان شعبي سان لاڳاپيل ئي بڌائي سگهن ٿا
حسام ميمڻ
2/11/2012
_______________________________
جن تان مدد ورتي وئي اهي لنڪس:
_______________________________
جنهن لنڪ تي بحث هليو:
No comments:
Post a Comment