Nomad خانه بدوش
_________________________________
Translation of Ali Zahid’s Free Verse from Sindhi to English by Hisam Memon
علي زاهد جي آزاد نظم جو انگريزي ترجمو حسام ميمڻ
March 16, 2012 - Karachi
I’m a nomad I have no land, No home, No wall, No door. I possess Some goats and sheep, Why electricity, gas and other amenities of life are necessary I don’t know I never felt such facilities I never slept under the ceiling fan Though the days remain hot at their peak While my wife With the cover of her head’s shawl makes wind for me Deeply I sleep and gratified But how she sleeps, I don’t know I never have made the wind for her with the cover of my Turban yet I neither heard The door was knocked at Nor enjoyed, how cool wind crosses through the window I neither saw the full moon at the terrace Nor the stars, I counted ever How older hut’s roof, made of rags May afford a man’s weight over You ask me about the courtyard The whole land is my yard My kids are not used to play with toys They are greatly fond of lambs to play with I am recognized from my attire, I put on My elder sister, Who is still bachelor Is an adept damsel to deal with raged clothes how to stitch skillfully What is the importance of food? Unleavened meal, cooked through stone And unclean molasses Is my breakfast, lunch and dinner O yes….. I never forget To drink milk at night I don’t know about fatigue? While a diseased sheep, I carry on my shoulders for the miles on foot I feel a little bit irritable But my co-traveler and wife must feel tired because she carries two kids during the travel she neither has complained nor I have asked her about such trouble yet For me, There is no difference between Pain and pleasure Previously, Six months ago, On the birth day of eighth son I felt myself very much gladdened And the feeling of sorrow…! I perhaps forgot at the moment But, Yea…… in previous year while my black sheep died some hot drops of water drowned through the eyes crept through cheeks and fell down on the Earth and the soil absorbed those fully It may be a pain or sorrow Neither a clash of capital at me Nor to wish to hoard money This is why, I am not afraid of anybody I am danger for none I claim nothing Neither agreement nor MoU is available I am the symbol of peace With touch of my feet To wander the unseen and new places I have gotten certain legacy From my forefathers Every stay is my new place to live And perhaps, no destiny to stay Because, I am a nomad! And I have no land! | مان.... هڪ خانه بدوش آهيان منهنجي ڪابه زمين ناهي، منهنجو ڪوبه گهر ناهي، ڪا به ديوار، ڪو به در ناهي. ڪجهه ٻڪريون ۽ رڍون ئي منهنجي ملڪيت آهن بجلي، گيس ۽ ٻيون ضرورتون! اهي ڇوضروري آهن؟ مان نٿو ڄاڻان، مونکي ڪڏهن به انهن جي ضرورت ناهي محسوس ئي ناهي ٿي. مان ڪڏهن به پنکي جي هيٺان ناهيان ستو، ڀلجان ڪيڏي به گرمي ڇو نه هجي، منهنجي زال، پنهنجي رَئي جو پلئه مون مٿان جهلائيندي آهي، مونکي هوا ڏيندي آهي، ته ننڊ اچي ويندي آهي، سڪون سان سمهي پوندو آهيان، پر هوءَ پاڻ! نه ڄاڻ ڪيئن سمهندي هوندي!؟ مون ته ڪڏهن به پنهنجي پڳ جي پاند سان کيس هوا ناهي ڏني. مون ڪڏهن به دروازي تي هٿ جي ٿپڪيءَ جو آواز ناهي ٻڌو، نه ئي ڪڏهن ڳڙکيءَ مان ايندڙ هوا جي ٿڌي لُهري جو لطف ماڻيوآهي. مون ڪڏهن به ڇت تي چڙهي چوڏهينءَ جو چنڊ ناهي ڏٺو، ۽ نه ئي تارا ڳڻيا آهن، پراڻن ڪپڙن جي لِههَ مان ٺهيل خيمي جي ڇت ۾ ڀلا انسان جو ٻوجهه سهڻ جي سگهه ڪٿي؟ اڱڻ جو ٿا پڇو؟ هيءَ سڄي ڌرتي ئي منهنجو اڱڻ آهي. منهنجن ٻارڙن کي کيڏوڻن جي هيرَ ناهي، ليلڙيون ۽ گهٽڙا ئي انهن لاءِ تفريح جو وڏو سامان آهن. آئون پنهنجي اوڍڻ مان ئي سڃاپجان ٿو، منهنجي وڏي ڀيڻ جيڪا اڃا ڪنواري آهي، ڦاٽل ڪپڙن ۾ چتيون هڻڻ جي سگهڙ آهي. کاڌي جي ڪهڙي اهميت؟ پٿر تي پڪل روٽ ۽ ڪارو ڳڙ منهنجي نيرن به آهي ته، مانجهاندو ۽ رات جي ماني به، ها، جائي...........! رات جو کير پيئڻ ڪڏهن ناهيان وساريندو. مونکي خبر ناهي ته ٿڪ ڇا آهي؟ پر جڏهن به ڪنهن بيمار رڍ کي ڪلهن تي کڻي ميلن جا ميل پنڌ ڪندو آهيان ته ٿورو بيزار ضرور ٿيندو آهيان، پر مونسان گڏ ئي سفر ڪندڙ منهنجي زال ٻن ٻارن کي کڻي هلڻ سبب ضرور ٿڪبي هوندي. پر نه ئي هن اڄ تائين ڪا شڪايت ڪئي آهي نه ئي وري مون کانئس پڇا ڪرڻي جي ڪا تڪليف ڪئي آهي. ڏک ۽ خوشيءَ ۾ ڪو لاءِ ڪوبه ڦير ناهي، آخري ڀيرو ڇهه مهينا اڳ پنهنجي اٺين پٽ جي جنم تي ڏاڍو خوش ٿيو هوس. ۽ ڏک جو احساس....! شايد مان وساري ويٺو آهيان. پر ها........! پوئين سال جڏهن منهنجي ڪاري رڍ مئي هئي تڏهن گرم پاڻيءَ جا ڪجهه قطرا مهنجي اکين مان وهي ڳلن تان رڙهندا زمين تي ڪري مٽيءَ ۾ جذب ٿي ويا هئا، شايد ان کي ئي ڏک چوندا هجن! مون وٽ نه ڪو ملڪيت جو جهڳڙو آ نه ئي مال ميڙڻ جي ڪا ڀاونا انڪري ئي نه مونکي ڪنهن مان ڀئه آهي ۽ نه ئي مان ڪنهن لاءِ خطرو آهيان. مون لاءِ ڪا به دعويٰ ناهي ڪوبه واعدو، معاهدو ناهي مان امن جو اهڃاڻ آهيان. پنهنجن پيرن جي ڇهاءَ سان اڻ ڏٺل رستن جي ڌوڙ اڏارڻ ۽ نوان ماڳ تلاشڻ منهنجن ابن ڏاڏن کان مون کي ورثي ۾ مليو آهي، هر ڊاٻو منهنجونئون ماڳ هوندو آهي ۽ شايد منهنجي ڪابه منزل ناهي! ڇو ته....! مان هڪ خانه بدوش آهيان...! ۽ منهنجي ڪا به زمين ناهي! |